سوشل ميڊيا تي جهيڙن بدران ان جو مثبت استعمال ڪجي

0
16
سوشل ميڊيا تي جهيڙن بدران ان جو مثبت استعمال ڪجي

 سوشل ميڊيا جديد دور جو هڪ اهم ۽ طاقتور پليٽ فارم آهي، جيڪو سڄي دُنيا کي ڳنڍي رهيو آهي ۽ ماڻهو ان کي پنهنجي زندگي جي مختلف پهلوئن ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا جي ذريعي نه صرف معلومات جي پهچ تيز ٿي وئي آهي، پر ماڻهن کي پنهنو آواز بلند ڪرڻ جو موقعو به مليو آهي. هتي اها اهم ڳالهه سمجهڻ تمام گهڻي ضروري آهي ته، ته ترقي يافته ملڪن ۾ وڏي پيماني تي سوشل ميڊيا جو استعمال مثبت مقصدن لاءِ ڪيو وڃي ٿو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ ۾ ان جو استعمال گهڻو ڪري غير مناسب طريقي سان ٿي رهيو آهي.

                 ترقي يافته ملڪن ۾ وڏي پيماني تي سوشل ميڊيا سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ، مثبت تبديلي آڻڻ ۽ علم جي واڌ ويجھ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هتي ماڻهو پنهنجن خيالن ۽ تخليقي صلاحيتن کي پوري دنيا سان شيئر ڪن ٿا. ڪيترائي ماڻهو خيراتي ادارن لاءِ رقم گڏ ڪرڻ، سماجي انصاف لاءِ آواز اُٿارڻ يا ماحوليات جي مسئلن تي ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمس جو استعمال ڪن ٿا.  پاڪستان ۾ به ڪي اهڙا فرد ۽ تنظيمون آهن، جيڪي سوشل ميڊيا کي مثبت مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿيون. مثال طور، تعليمي ادارا آن لائن ڪلاسز ۽ تعليمي مواد مهيا ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪن ٿا. ڪجھه ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا آهن، جڏهن ته ڪجھه ماڻهن پنهنجي ننڍين ڪاروباري سرگرمين کي واڌ ڏيڻ لاءِ سوشل ميڊيا جي پليٽفارمن کي اپنائڻ شروع ڪيو آهي.

ڏسجي ته سنڌ ۾ به سوشل ميڊيا جو استعمال تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، خاص طور تي نوجوان نسل ۾. هتي جا ماڻهو سوشل ميڊيا کي پنهنجي ثقافت، روايتن ۽ مسئلن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ڪيترائي سنڌي اديب، شاعر ۽ فنڪار پنهنجو فن ۽ تخليقون به شيئر ڪن ٿا، جنهن سان سنڌي ثقافت کي نئون جنم ملي رهيو آهي پر بدقسمتيءَ سان، ماڻهن جي اڪثريت هڪ ته نرگسيت جي دلدل ۾ ڦاٿل آهي ٻيو وري سوشل ميڊيا کي رڳو تفريح ۽ ٻين تي تنقيد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي. ان سان نه رڳو ماڻهن جي ذاتي زندگين تي اثر پوي ٿو، پر سماجي هم آهنگيءَ کي به نقصان پهچي ٿو.

پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جا ڪيترا ئي منفي استعمال سامهون آيا آهن، جنهن ۾ مشهور شخصيتن تي “تنقيدن جا حملا” ۽ ذاتي ڪردار ڪشي شامل آهن. ماڻهو ٻين جي ذاتي زندگي تي تنقيد ڪندا آهن ۽ نه صرف انهن کي پر انهن جي سڄي خاندان کي ذهني دٻاءُ ۾ وجھندا آهن. سماجي، مذهبي، ۽ سياسي موضوعن تي نفرت ڦهلائڻ به اسان وٽ عام آهي، جنهن سان معاشري ۾ وڏي پيماني تي انتشار وڌي ٿو. حالت اها آهي جو ڪجھ ماڻهو غير اخلاقي مواد شيئر ڪرڻ يا ٻين کي بدنام ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪن ٿا. ڪيترائي ماڻهو رڳو وڌيڪ لائيڪس ۽ ڪمينٽس حاصل ڪرڻ لاءِ بي مقصد پوسٽون ڪندا آهن، جنهن سان وقت جو زيان ٿئي ٿو.

سوشل ميڊيا کي مثبت انداز ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڪجهه عملي قدم کڻڻ ضروري آهن. هيٺ ڪجهه تجويزون ڏنل آهن، جيڪي هن ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جي صحيح استعمال ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. تعليمي ادارا آن لائن ڪلاسز ۽ تعليمي مواد مهيا ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪن. شاگرد پنهنجن مضمونن ۽ تحقيق تي مبني معلومات شيئر ڪري سگھن ٿا. ننڍن ڪاروبارن جي واڌ ويجھ لاءِ پنهنجون پروڊڪٽس ۽ خدمتون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ گهرجن. ماڻهن کي فري لانسنگ، گرافڪس ڊزائننگ ۽ ٻين ڊجيٽل اسڪلز تي تربيت ڏيڻ لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ٿيڻ گھرجي. سماجي مسئلن تي ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ ۽ حل ڳولهڻ لاءِ مهم هلائڻ به تمام ضروري آهي. ماحولياتي مسئلن، تعليم ۽ صحت جي مسئلن بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا کي استعمال ڪيو وڃي. سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ کي محفوظ رکڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال وڌ کان وڌ ڪيو وڃي. روايتي ميلن ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين کي ڊجيٽل دنيا سان شيئر ڪرڻ سان نئين نسل کي پنهنجي جڙن سان ڳنڍي سگهجي ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، عام و خاص ماڻهو سوشل ميڊيا تي هميشه مثبت مواد شيئر ڪن، ٻين جي جذبات جو خيال رکڻ گهرجي. حقيقي معلومات سان بع تصديق ڪري رکڻ گهرجي، ڪوڙين خبرن، افواهن کان به پاسو ڪرڻ گهرجي. مثال جي طور تي سنڌ اندر سماجي مسئلن تي تعميراتي تجويزون به ڏئي سگهجن ٿيون. ٻين جي ڪاميابين کي ساراهڻ ۽ مثبت موٽ ڏيڻ ته اسان جي سماج مان ختم ٿيندو وڃي، ان تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال سان سماج تي ڪيترائي سٺا اثر پون ٿا. علم ۽ شعور ۾ واڌارو ٿئي ٿو، ماڻهو نئين علم ۽ معلومات تائين رسائي حاصل ڪري سگھن ٿا. روزگار جا موقعا وڌن ٿا. ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ فري لانسنگ جي ذريعي روزگار جا نوان رستا کلن ٿا. سماجي مسئلن تي گڏجي ڪم ڪرڻ سان معاشري ۾ بهتر تبديليون آڻي سگھجن ٿيون. پنهنجي ثقافت ۽ تاريخ کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائي سگھجي ٿو. جڏهن ته سڄي دنيا جي ماڻهن سان رابطي ۾ اچڻ ۽ نون خيالن کي اپنائڻ جا موقعا به ملن ٿا. سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جيڪو صحيح استعمال ڪرڻ سان عام لوڪن جي زندگين کي تبديل ڪري سگھجي ٿو. اسان وٽ سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال کي فروغ ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي شعور ڏنو وڃي. هر فرد کي گهرجي ته هو هن پليٽفارم کي تعميراتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري، نه ڪي غير اخلاقي يا غير تعميراتي سرگرمين لاءِ. جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪريون، ته اسان جو معاشرو جلد ئي بهتر ۽ ترقي يافته ٿي سگھي ٿو.