ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ليگي سينيٽر عرفان صديقي پاران پيپلز پارٽي جي بغض ۾ ڪيل ڳالھھ ٻولھھ مذمت جوڳي آھي، سينيٽر عرفان صديقي لاعلم آھي يا بي علم آھي، کيس آئين پڙھڻ گھرجي، هن آئين ناهي پڙھيو ته پوءِ کيس سينيٽ ۾ ويھڻ جو اختيار ناھي، کيس رٽائرمينٽ وٺڻ گهرجي، ماڻھن جي مينڊيٽ جو مذاق نه بڻايو. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته عرفان صديقي پنھنجي انٽرويو ۾ چيو تھ پيپلز پارٽي ڪڏھن بھ ڪئنالن جي مخالفت ناھي ڪئي، پوءِ ھُن صدر جو حوالو ڏنو ، هن چيو ته صدر زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران چيو هو ته اسان اھڙي ڪنھن بھ منصوبي جي حمايت نھ ڪنداسين. هن چيو ته ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سوشل ميڊيا بابت تفصيلي بحث بعد سوشل ميڊيا تي بدتميزي ۽ نفرت جوڳو مواد پکيڙڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، سنڌ سرڪار گهرو کاتي ذريعي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ ۽ نيشنل رسپانس سينٽر فار سائبر ڪرائيم جي مدد سان نفرت انگيز مواد پکيڙيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس خلاف ڪارروائي ڪندي.هن چيو ته سياسي طور تي ريليون ڪڍڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ڪنهن کي به تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ جو حق ناهي، جيڪو به تشدد جو مظاهرو ڪندو انهي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو، هن چيو ته پهرين اپريل کان 991 افغانين کي واپس موڪليو ويو آهي، 220 افغاني اڃا ڪيمپ ۾ آهن، جن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت گاڏين ۾ بليو پوليس لائيٽس جي استعمال، رنگين شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش جو سخت نوٽيس ورتو آهي. پوليس سان گڏ رينجرز کي به ڪارروائي جا اختيار ڏنا ويا آهن. ڏوهارين ۽ منشيات جي چرپر روڪڻ لاءِ صوبن جي سرحدي علائقن ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ نومبر 2024 کان روڊ حادثن ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي، وڏي وزير جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي جوڙي آهي. اسان ٽن ڏينهن ۾ 250 ٽرڪ، ٽرالر، واٽر ٽينڪر تحويل ۾ ورتا آهن، هن چيو ته ڊمپر حادثن جي آڙ ۾ فساد ڪرائيندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافي اي ڊي شر جي قتل جا سبب صحافتي ذميواريون نه پر ذاتي آهن. پوليس سندس ويجهي دوست نياز دستي عرف نياز بادامي کي گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته پ پ ڪئنالن خلاف 7 اپريل تي قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي، پي ٽي آءِ کي انهي ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ گهرجي.