آئون ھڪ سوشل ايڪٽوسٽ آھيان، منھنجو ”فيس بڪ پيج “ به آھي ۽ ھڪ عدد يوٽيوب چينل به آھي،واٽس ايپ تي درجن کن گروپن جو ايڊمن به آھيان. مونکي سنڌ جو وڏو درد آھي. صفا ان جي ڏکن سورن ۾ لانجھو ٿي ويو آھيان. منھنجي سوشل سرگرمي جو مقصد سنڌ جي ڪيس کي ”پيش ۽ ڪيش“ ڪرڻ آھي. سنڌ جي ڪنھن به ڪنڊ پاسي يا علائقي ۾ ڪو به مسئلو ٿئي مون وٽ ان جو مواد پھچي ٿو وڃي يا وري سنگت کي ساٿ ڪري ويجھي ڪنھن سرگرمي ۾ پاڻ ئي پھچي وڃان.
پني سني ورتل موبائل ۾ ڪئميرا به آھي ته ان ۾ آواز ڀرڻ جو سسٽم پڻ. ڪوشش ڪندو آھيان.ڪا سرگرمي رھجي نه وڃي.
ھٿ ايندڙ يا ھٿ ڪيل مواد ۾ جتي ٿوري گھڻي مرچ مصالحي وجھڻ جي گھرج ھوندي آھي، اھو لڳ ڀڳ ھر وقت تيار ھوندو آھي. جي نه ته ڪنھن نه ڪنھن واٽس ايپ تان ملي ويندو آھي. جنھن کي توري تڪي ”جتي فٽ“ ايندو آھي ڦھڪو ڪري ڇڏبو آهي.
خوشي ھجي يا غمي ”ڏھاڙي کڙي“ ٿي ويندي آھي. سنگت ساٿ وٽ نالي ۾ ڪو اسٽوڊيو ٻسٽوڊيو به آھي. ضروري سمجھيو سين ته چانهن پاڻي ڪراءِ اتان به مدد حاصل ڪبي آھي.
”مرڻي پرڻي“ به پاڻ ڪسر ناھيون ڇڏيندا.
بس ان شڪاري جيان مزاج جڙي ويو آھي ته ”ننڍو وڏو مار ڏينھن نه کار“ڪوشش ھوندي آھي ته ”پيج“جي لائڪنگ ھزارن ۾ وڌي ۽ ڪي سبسڪرائبر ۽ فالورز به ملن.
ان ڪري ”ڇنڊ ڦوڪ“ ڪري ڪم کي لڳا پيا ھوندا آھيون.
رات جو وري اھو حساب ڪتاب ڪبو آھي ته ڪمائي ڪيتري ٿي.
جي ”روڄ راڙي“ جو ماحول ھوندو آھي ته “ماتمي ڌن“ ۽ جي شادي مرادي ھوندي آھي ته وري ”جھومڻ يا جمالي“ جي موسيقي ڏبي آھي.
اھو ڪو خراب ڪم به ناھي. دنيا ۾ جنھن وٽ جيڪو ڪمال آھي، جيڪو فن آھي، جيڪا ڪاريگري آھي اھو ان مان ئي ڪمائي ٿو.
اڳي تي ٻڌاندا ھئاسين ته ڪي اھڙيون مايون به ھونديون ھيون، جيڪي ڪنھن جي ”موتي فوتي“ تي خاص طور “روئڻ ۽ پار پٽڪو“ ڪرڻ لاءِ آنديون وينديون ھيون، جن کي سندن ڪم ۽ سر تال، موجب معاوضو ملندو ھو.
دھل وڄائڻ به فن آھي. اجايو ميراثي ميراثي چئي انھن تي ڇوھه ڇنڊيو ويندو آھي. جيڪو غلط آھي. سو سائين دھلاري جو به وڏو ڪم آھي، جيڪو سوڀارو ٿيندو آھي ان جي ”پاسان“ دھل وڄائي پاسو کڻائبو آھي.
جيڪي نامي گرامي ليکڪ آھن يا نالي چڙھيا صحافي آھن، اھي به اڪثر جيڪو پاسو ڳرو ھوندو آھي اوڏانهن رخ رکندا آھن. اھيا وري بچي شال، اھڙي مخلوق آھي جيڪا ”نه ڇڏي مرڻو نه پرڻو “.
ھاڻي وقت بدليو آھي. ڪم ساڳيو ئي آھي، ميڊيم تبديل ٿي ويو آھي.
ان ڪري منھنجي ماڻھن جي فن، ڪمال ڪاريگري، ھنر ۽ انھن جي ڏکن سُورن توڻي انهن جي حالت ۽ صورتحال جي نقشي چٽڻ ۽ ان کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي.
جئين مختلف روڊن رستن تي ھلندڙ گاڏي وارا ريس لڳائين ٿا. اسان به اھڙي ئي ريت ھن نئين دور جي ريس ۾ آھيون. جيڪو اڳيان نڪري…
ان ڪري منھنجي ماڻھن جي ڏکن ڏاکڙن ۽ سورن صدمن کي به ”ڪيش“ ڪرائڻ منھنجو جھڙوڪ ڪم ٿي ويو آھي.
آئون ھڪ سوشل ايڪٽوسٽ ۽ سوشل ميڊيا ڪارڪن آھيان، توھان چاھيو ته مون کي صحافي به سڏي سگھو ٿا. پر گھٽ ۾ گھٽ،”عطائي صحافي“ قرار نه ڏجو. ھاڻي ھن رنگ ۾ سڀ ڪجھه ھلي ٿو پيارا…. (فيس بوڪ تان ورتل)