سور پِٽيندي صَديون گذريون!!

0
30
اَديون شاھه لَطيف چَوي !!

  بَدقسمتي سان اڃا آگسٽ جي مھيني ۾ وسندڙ بَرساتن جي وَسڪارن ماٺ ئي مس ڪئي ته مٿان دَرياهه بادشاھ جي دَھشت به ديس جي جھريل ماڻھن جي دردن ۾ اضافو ڪري مرجھايل چھرن تان رونق ئي کَسي ڇڏي آھي! سوچجي ته محفوظ بَندن تي تَرسيل ۽ پَناھ وٺندڙ ديس جا غريب مالوند ماڻھو منھن ڏين ته آخر ڪھڙين آفتن کي ڏين؟ زميني ۽ آسماني قدرتي آفتون اھا ته ڳالھه سمجھه ۾ اچي ٿي پر، ٻين ملڪ کان ملندڙ امداد جي آسري ويٺل حڪومتي ادارا ۽ سَرندي وارن کان ھَٽي ڪري ھتي ته ھاڻي عام ماڻھو به ھڪ ٻئي جو خيال رکڻ ڇڏي ڏنو آھي. برساتي ۽ سيلابي آفتن جو درد ته بدين ۽ گولاڙچي جي انھن مجبور بي سھارا ۽ محفوظ بَندن تي ويٺل بي پھچ ماڻھن کان پڇو جن جا ستل ٻار گاڏيون اچيو لَتاڙي چيڀاٽي ڇڏين ٿيون! حڪومتي لاغرضي، بيحسي ته نئين ڳالھه ناھي پر ھتي تي عام سَرندي وارن جا ھٿ به اڪثر صرف وٺڻ وار ھجن ٿا باقي ڏيڻ وارا ھَٿ تمام ٿورڙا رھجي ويا آھن. جنھنڪري ايندڙ طوفان، سوڪھڙن يا وڏين ٻوڏن دؤران سنڌ ۾ غريب متاثر طبقو ھر ڀيري لاوارث بڻجي وڃي ٿو! پاڪستان ۾ جيڪي به چوماسي جون بَرساتون وسن ٿيون تڏھن ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان 145 هين نمبر تي ٻڌايو وڃي ٿو. ھاڻي 145ملڪَ جن مان پاڪستان آخري نمبر تي ان ڪري به آھي جو ٻين ملڪن ۾ اسان کان به وڌيڪ بَرساتون وَسن ٿيون پر، ان ھوندي به ماھرن جي چوڻ مطابق ته اھي ملڪ جن ۾ ڪيتريون به زياده برساتون ڇو نه پئجي وڃن پر اتي جي ملڪن جي عام زندگي متاثر ناھي ٿيندي. عام مطلب ته ڪاروباري، پورھيتن، غريبن جي زندگي وري به ڪجھه بھتر ھوندي آھي پر، پاڪستان ۾ حالت ان جي برعَڪس ھجي ٿي. حيرت انھي ڳالھ جي ضرور وٺي ٿي ته 145ملڪن مان پاڪستان آخري نمبر تي جتي انھن ملڪن جي ڀيٽ ۾  گھٽ بَرساتون وسن ٿيون پوءِ به انھن سڀني ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ جاني ۽ مالي وڏو نقصان ٿئي ٿو! اھو ڪيئن ٿو ٿئي؟ يقينن ھڪ ئي جواب اھو ته بس اسان وٽ ھر اڻوڻندڙ صورحال دؤران ايمرجسي قائم ته ڪئي ويندي آھي پر اڳواٽ اپاءُ يا ڪو خاص پلان ناھي جوڙيو ويندو، جنھن ڪري ھن ملڪ جو غريب طبقو وڌ کان وڌ متاثر ٿئي ٿو، جن جو اَزالو ڪرڻ پنجن سالن تائين ڪنھن جي به وس جي ڳالھ ناھي ھوندي.

ھينئر سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال ڏسجي يا جيڪي علائقا وڏي ٻوڏ جو شڪار ٿيا آھن ڪنھن حَد تائين حڪومتي نااھلي ان ڪري به چئي سگھجي ٿي ته ست اَٺ لک ڪيوسڪ پاڻي ته آساني سان سمنڊ تائين پھچي سگھي ٿو ڇو جو ھينئر سمنڊ به پاڻي وصول ڪري پيو. ٻيو ته 2010ع جي مها ٻوڏ کي ڏسون ته ائين چئجي ته سنڌ جا محفوظ بَند ڪمزور ھئڻ ڪري وڏن مرڪزي شھرن کي بچائڻ خاطر ساحلي پَٽي يا ٻين ننڍن شھرن ڏانھن پاڻي جو رخ موڙڻ حڪومت جي مجبوري ھئي پر ڏسون وري 2015ع ۾ به ته پاڻي جي شدت گھٽ ته ڪونه ھئي پر سموري سنڌ محفوظ رھڻ جو اھو ڪريڊٽ به حڪومت ڏانھن وڃي ٿو! ڇو جو 2010ع جي مها ٻوڏ کانپوءِ محفوظ بَندن جي بھتر مرمت ڪرائي وئي ھئي. چوڻ جو مقصد ته حڪومت جي بھتر ڪاڪردگي ئي ھن سموري اسٽرڪچر، وايو منڊل کي بچائي سگھي ٿي پر اھم ڳالھ بس اھا آھي جو حڪومتي سطح تي ھر ممڪن اھا ڪوشش ڇو ناھي ڪئي ويندي جيڪا اڳواٽ ٿيڻ گھرجي؟ مثال جي طور تي برساتي ۽ درياهه ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ اڳواٽ ڪھڙيون رٿائون ڪيو وينديون آھن؟ جيڪڏھن پاڻي وس کان ٻاھر ٿي ٿو وڃي تڏھن جيڪي علائقا متاثر ٿين ٿا، انھن علائقن مان لَڏپَلاڻ ڪندڙ ماڻھن جي رھائش لاءِ اڳواٽ ڪو پلان جوڙيو ويندو آھي؟ سندن صحت ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان اڳواٽ کين مھيا ڪري ڏنو ويندو آھي؟ ڇاڪاڻ ته متاثر خاندان ھڪ ته بي گھر ٿيو وڃن ان ڪري ھھڙي بَدترين صورتحال کي نظر ۾ رکندي وقت کان اڳ ئي انھن ماڻھن کي فيسلٽيز ڏيڻ گھرجن. پر سنڌ ائين ٿيندو آهي ته جڏھن ماڻھو متاثر ٿي ويندا آھن پوءِ ئي حڪومت ۾ ويٺل ماڻھو ھڪ ٻئي تان به ناھن پوندا نتيجن ڪي غريب بغير ٽينٽن جي کليل آسمان ھيٺ پيا راھون تَڪيندا آھن جيڪي بَندن تي ٽينٽ اَڏي ويٺل ھوندا آھن ته اتي وري اھي روزمرهه جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جھڙوڪ اَٽي يا ٻين ضروري شين لاءِ پيا واجھائيندا آھن. آخر ائين ڇو آھي؟ ھينئر بَرسات جي تباھ ڪارين تي به وفاق ۽ صوبائي حڪومت اَربين رپيا امداد گڏ ڪري چڪي آھي پر انھي امداد مان متاثر فيمليز کي ڪترو رليف مليو آھي اھو ته ڊيلي جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي به ڏسي سگھجي ٿو! گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ مجبور ماڻھو لاءِ سَکڻا دلاسا آسرا ڄڻ سندن لاءِ مقدر بڻجي وڃن ٿا، جن لاءِ عام ۽ ڪجھه سَرندي وارا احساس دل ماڻھو ته سندن واھر ڪرڻ لاءِ ڊونيشن ذريعي سندن سار لھن ٿا پر حڪومت پاران اھڙو ڪوبه عمل ڏسڻ ۾ ناھي ايندو جن سان متاثر ماڻھو پاڻ کي اطمينان بخش پنھنجي دل کي به ڪا تَسلي ڏئي سگھن!

ڏسو جڏھن بَرساتون وسنديون آھن تڏھن بئراجن جو پاڻي بَند ڪيو ويندو آھي، پر ھاڻي بَرساتن جي رڪجڻ کي به ڪافي ڏينھن ٿي چڪا آھن پر بئراجن کي پاڻي ھاڻي شايد ڏنو پيو وڃي جيڪو جلد مھيا ڪرڻ کپندو ھو. بھرحال سنڌ جي حالت وري به گھڻي خراب ڏسڻ ۾ اچي پئي. روز جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي ڪيتريون اَکيون آليون ڏسي سگھجن ٿيون، معصوم ٻارڙا نوجوان نياڻيون به نه صرف خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿين ٿيون پر ھن صورتحال ۾ اھي سڀ ذھني طور تي به متاثر ٿي وڃن ٿا جنھن ڪري حڪومت پاران وڌ کان وڌ انھن بيوس غريب ماڻھن طرف سندن مدد لاءِ مڪمل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ اسان جھڙن عام انسانن کي به گھرجي ته تڪليفون عارضي ھونديون آھن. رات مان وري صبع به ٿيڻو آھي اچو پنھنجي وس آھر لاچار ماڻھن جي واھر ڪريون. اھڙي ئي طرح اسان پنھنجن وطن جي خدمت ڪري مختلف پيش ايندڙ چئلينجز کي  منھن ڏيندي بھتر سَماج اَڏي وڌيڪ ترقي ڪري سگھنداسين پر سڀ کان اول سنڌ جي متاثر بي پھچ غريب ماڻھن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون پونديون جنھن کانپوءِ اسان پنھنجي ڪاميابي کي مڪمل ڪري سگھنداسين. جيستائين ائين نه ٿيندو تيستائين اسين ڪامياب قَطعي نٿا ٿي سگھون.