ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي نوجوان ڪرڪيٽر سوريا ڪمار ياديو کي آءِ سي سي ٽي 20 مينز ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو آهي. سوريا ڪمار ياديو 2022ع دوران ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 1164 رنز ٺاهيون ۽ هن جو اسٽرائيڪ ريٽ 187.43 هو. ڀارتي بيٽسمين 2022ع ۾ 68 ڇڪا هنيا جيڪي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ هڪ سال ۾ سڀ ڪنهن رانديگر جا سڀ کان وڌيڪ ڇڪا رڪارڊ ڪيا ويا آهن.