حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي عظيم، انقلابي اڳواڻ وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻي هزارين حرن سان گڏ شهادت جو جام پيئندڙ سيد صبغت الله شاهه راشدي المعروف شهيد سورهيه بادشاهه جي 82هين ورسي جي موقعي تي شهيد سورهيه بادشاهه ايڪشن ڪاميٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ “شهيد سورهيه بادشاهه ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي. سينيئر قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو قومن جي آجپي، خوشحالي ۽ خودمختياري جي لاءِ ميدان عمل ۾ هوندا آهن اهي ئي قومن جا حقيقي هيرو هوندا آهن. وقت جي ضرورت آهي ته تاريخ جي ورڪن ۾ لڪل اهڙن عظيم ڪردارن ۽ هيرن جي ڳولا ڪري انهن جي قربانين تي کين مڃتا ڏيڻ جي لاءِ هن قسم جا پروگرام ڪريون.هن چيو ته سنڌ اڄ به غلامي جي زنجيرن ۾ جڙڪيل آهي، سنڌ کي ڪالوني بڻائي وسيلن، زمين، پاڻي ۽ جبلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، سنڌو درياهه کي سڪائي هو سنڌ کي وڌيڪ برباد ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ماڻهن کي ڊگهي غلامي ڏانهن ڌڪڻ گهرن ٿا. بدر چنا چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه، سائين جي ايم سيد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ جا اهي هيرا آهن جن جي فڪر ۽ عمل جديد قومپرستي جي آبياري ڪئي. هن چيو ته سنڌ ڏکي حالت ۾ آهي. هن وقت سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي وڌيڪ بنجر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ ماڻهو هر سنڌ دشمن منصوبي خلاف مزاحمت ڪندا. سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه وطن خاطر انگريز سامراج سان ٽڪر کاڌو ۽ سختيو برداشت ڪري شهادت ماڻي، انگريز سامراج سان ويڙهه ڪندي حرن جون ڏنل قربانيون سنڌ لاءِ هيون. منصور قادر جوڻيجو چيو سنڌ هر دور ۾ مزاحمت ڪئي آهي، سنڌ شهيد سورهيه بادشاهه جهڙن ڪردارن تي فخر ڪري ٿي. صحافي فقير مٺار مڱريو چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه شهادت جو عظيم رتبو حاصل ڪندي اسان ڪاٽ اوچو ڪيو، صحافي عاجز منگي چيو ته شهيد سورهيه جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي. ان موقعي تي واحد ڪانڌڙو، ايوب لغاري، ادريس جتوئي، عبدالشڪور ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي سنڌ جا ماڻهو رد ڪري چڪا آهن، ان ڪري حڪومت ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي. شهيد سورهيه بادشاهه بابت سرڪاري سطح تي تحقيقي ادارو قائم ڪري شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏهاڙي تي کيس مڃتا ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري سطح تي موڪل جو اعلان ڪرڻ سان گڏ سيمينار ۽ پروگرام ڪرايا وڃن. ڊائو يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪري ان کي شهيد سورهيه بادشاهه جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.