سورن جي قطار ۽ انتظامي رويو

0
61
ڇا صحت کاتو روز اسپتالن مان لاش نڪرڻ جو انتظار پيو ڪري ؟

ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سنڌ  جو هڪ سور هجي ته ماڻهو انهي تي روئي پٽي کڻي ماٺ ڪري،هتي ته سورن جي قطار آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو وٺڻ ته ٺهيو رهندو ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي. اصل مسئلو انهن سورن جو به ناهي ماڻهو انهن سورن کي به منهن ڏئي وڃن جيڪڏهن ڪٿان آٿت ڪو آسرو هجي پر هتي ته  اصل مسئلو ئي  اهو رويو آهي جيڪو رياست سميت وفاقي،صوبائي توڙي ضلعي انتظاميا ۽آفتن کي منهن ڏيڻ جي قائم ڪيل ادارن جو آهي جيڪي سانحن مٿان پيدا ٿيندڙ سانحن جي شدت تي به  روايتي ردعمل يا لاپرواهي کان ڪم وٺي رهيا آهن. جنهن ڪري مسئلا وڌي وڻ ٿي رهيا آهن ۽ ٻوڏ متاثر بي وس بڻجي انهن مسئلن جو کاڄ ٿيڻ شروع ٿيا آهن جنهن جو خدشو ڏيکاريو پئي ويو يا هنن صفحن تي اسان  به ڪيترا دفعا انهن جو ذڪر ڪري چڪا آهيون. جيڪڏهن هاڻي به سرڪار يا لاڳاپيل ڌرين سنجيدگي نه ڏيکاري ته اهي مسئلا انهي حد تائين پهچي ويندا جيڪي شايد پوءِ حل ڪرڻ  سرڪار جي به وس ۾ نه هجن.

سڄي سنڌ مان جيڪي خبرون اچي رهيون آهن اهي نه رڳو خراب آهن پر اهي ڊيڄاريندڙ ۽ ڇرڪ ڪڍرائيندڙ آهن.ٻوڏ متاثر پهرين پاڻي مان جان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو انهي ڪوشش ۾ به آهن پر هاڻي بک ۽ بيمارين انهن ٻوڏ متاثرن جون حياتيون ڳڙڪائڻ شروع ڪيون آهن جنهن جو پهرين خدشو به ظاهر ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن رليف جو ڪم بهتر نموني نه ٿيو ته ماڻهو بک ۾ مرڻ شروع ٿيندا جڏهن ته چوطرف پاڻي هئڻ ڪري مڇرن ۾ واڌ سبب مليريا، ڊينگي،گيسٽرو ۽ چمڙي جي بيمارين سميت ٻيون بيماريون پيدا ٿينديون ۽ اهي ٻوڏ متاثر انهن جو شڪار ٿيندا.ٿي به ايئن رهيو آهي. روايتي سستي يا ڌيان نه ڏيڻ سبب اهي بيماريون ڦهلجي چڪيون آهن ايستائين جو ٻوڏ کان محفوظ شهر به مليريا ۽ ڊينگي جهڙين بيمارين ۾ وٺجي چڪا آهن ٻوڏ وارن علائقن ۾ ته ٺهيو هاڻي اهي ٻوڏ متاثر انهن شهرن ۾ به محفوظ ناهن رهيا، ڇاڪاڻ ته جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي اهي علاج ڪٿان ڪرائي سگهندا. جنهن ڪري روزاني 15 کان 20 ماڻهو مرڻ ڄڻ معمول بڻجي چڪو آهي. پنهنجي پيارن جو انهن بيمارين ۾ موت ڏسي بيوس بڻيل ٻوڏ متاثرن وٽ احتجاج ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نه بچيو آهي جنهن ڪري حڪومت،صحت کاتي يا انتظاميا جي لاپرواهي تي ماڻهن احتجاج به ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جڏهن ته ميهڙ ۾ ڪيترن ڏينهن کان کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه ملڻ خلاف ٻوڏ متاثر ٻن عورتن پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هي اها انتها آهي جنهن تي ٻوڏ متاثر اچي پهتا آهن ته جيڪڏهن بيمارين ۽ بک ۾ ئي مرڻو آهي ته پوءِ ڇو ايئن چڙي چڙي مرجي ۽ هو پنهنجي حياتي تان ئي هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. اهي ته ڪجهه اهڙا مثال آهن جيڪي ميڊيا جي ذريعي سڄي سنڌ تائين پهتا آهن پر روڊن رستن ڪيمپن ۽ پاڻي جي وچ ۾ ٽٻن تي ويٺل انهن ٻوڏ متاثرن جي الائي ڪهڙي حالت هوندي جن تائين نه سرڪار پهچي سگهي آهي نه ئي ميڊيا جي پهچ ٿي سگهي آهي،ڇاڪاڻ ته ڏورانهان ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جن تائين سرڪاري وسيلن کانسواءِ پهچڻ شايد ممڪن نه هجي، ميڊيا ذريعي جيڪي مرڻ کان وٺي بک تي ويٺل ماڻهن جون خبرون پهچي رهيون آهن حقيقت شايد ان کان به وڌيڪ خراب هجي.

اسان سمجهون ٿا ته هي انتهائي خراب صورتحال آهي، ٻوڏ  ۾ شايد ايتريون انساني جانيون ضايع نه ٿيون هجن پر جيڪي بيماريون پکڙجي چڪيون آهن انهن سان ماڻهن جي حياتين کي سخت خطرو ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري  سنڌسرڪار ۽خاص ڪري  صحت کاتو هن ايمرجنسي جي صورتحال ۾ ايمرجنسي بنيادن تي اپاءَ وٺي  ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رڳو ڏيکاءَ واريون طبي ڪيمپون قائم ڪرڻ بدران اهڙيون موبائيل ڪيمپون قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي جن ۾ هر قسم جي سهولت هجي ۽ ٻوڏ متاثرن تائين پهچي سگهجي. ڇاڪاڻ ته اسپتالن تائين پهچ ٻوڏ متاثرن لاءِ ممڪن ناهي رهي ۽ موت انهن ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي.