سوال/سروي وزيراعظم سعودي عرب زڪوات ۽ فطرو وٺڻ ويو هو سو به صرف پنجاب ۽ ڪي پي لاءِ: عوام

0
491

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو ڪري واپس پهچي ويو آهي، وزيراعظم جي ان دوري کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزير اعظم جو سعودي عرب جو دورو صرف زڪوات ۽ فطرو حاصل ڪرڻ لاءِ ھو، سياسي مقصدن لاءِ به دورو ٿي سگهي ٿو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عاشق حسين لکيو ته وزير اعظم جو دورو صرف زڪوات ۽ فطرو حاصل ڪرڻ لاءِ ھيو ان ۾ به صرف پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اڪثريت علائقن لاءِ زڪوات حاصل ڪرڻ ھيو ، باقي سنڌ ۽ بلوچستان کي سعودي حڪومت جي خيرات جي ضرورت نه ھئي، طارق ميمڻ لکيو ته خان صاحب سعودي عوام کي دعوت ڏيڻ ويو هو ته پاڪستان ترقي ڪري ويو آهي اچي اسان وٽ نوڪري ڪريو، غفار لغاري لکيو ته سعودي دوري جون اندروني ڳالهيون عوام توڙي ميڊيا کان لڪايون ويون آهن خبر ناھي وزيراعظم ڪھڙا معاھدا ڪري آيو آھي، پر سوشل ميڊيا تي مزاحيه ٽوٽڪي سان تصوير شايع ٿي آھي جنھن ۾ سعودي شيخ عمران کان پڇي رھيو آھي ته توھان کي ملڪ ھلائڻ لاءِ فطرو ڪڻڪ جي حساب سان گھرجي يا ڪشمش جي حساب سان؟ تنھن تي عمران خان چوي ٿو عجوه کجور جي حساب سان ڏيو ته وڌيڪ بھتر رھندو. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته بهتري ايندي، نماڻو نوناري لکيو ته شهباز شريف جي ٻاهر وڃڻ ۾ سعودي عرب جو هٿ آهي، گل حسن لکيو ته بھتر ھيو وزيراعظم جي دؤري سان پاڪستاني ڪميونٽي جو وقار بلند ٿيو آھي،سارنگ منير سومرو لکيو ته ظاھري طور ته معاھدا سٺا ٿيا آھن باقي اندروني ڪھاڻين جو رزلٽ وري بعد ۾ ايندو پوءِ خبر پوندي ته معاھدا ھئا جا سياسي توڙ جوڙ جا دورا هئا، دانش سولنگي لکيو ته عيد لاءِ فطرو وٺڻ ويو هو، رشيد ابڙو لکيو ته دورا ملڪ جي موجوده صورتحال لاءِ سٺا آھن، خادم گهراڻو لکيو ته وزير اعظم سعودي عرب ڪنهن نه ڪنهن امداد يا ڪنهن سياسي مقصد لاءِ ويو هوندو اڳ به حڪمران دورو ڪندا هئا تبديلي ايندي هئي، خالد ميمڻ لکيو ته ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته وزيراعظم سعودي عرب مان چندو وٺڻ ويو هيو ان کي اسان ڪهڙو ڀلو ڪم چئون، محمد پريل عباسي لکيو ته وزيراعظم ڪيترا به دورا ڪري پر ملڪي معيشت تي ڪي به اھڙا خاص اثر نه پوندا موجوده حڪومت مان معيشت کي سنڀالڻ ممڪن نه آھي، اعجاز پرديسي لکيو ته وزيراعظم جو سعودي عرب دورو اسان لاءِ هڪ عزاز آهي، نقاش نوناري لکيو ته فطري لاءِ ويو هو، عبدالباسط ميمڻ لکيو ته تنقيد جي بدلي حوصلا افزائي ٿيڻ گھرجي. احمد نواز جمالي لکيو ته زڪوات ۽ فطري تي ملڪ هلي ٿو، محمد مٺل چانڊيو لکيو ته سهڻي مديني ويو واپس آيو ان ۾ راءِ پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته عوام لاءِ ڪو خاص پيڪيج نه پر خيرات مليس، عبدلهادي لکيو ته دورا ڪرڻ ڪا غلط ڳالھه ناهي ملڪن جي دورن ڪرڻ سان پاڻ ۾ ويجهڙائپ پيدا ٿئي ٿي پر عجيب ڳالھ اها آهي جيڪو ماڻھو ڪشڪول ٽوڙڻ جي ڳالھه ڪندو هو اهو اڄ ڪشڪول کڻي جيڏانهن ڪيڏانهن پيو گهمي ۽ ملندڙ خيرات کي پنهنجي فتح پيو سمجهي، سڪندر علي لکيو ته وزيراعظم عمراخان جو دورو سعودي عرب تمام بهترين رهيو قيدين کي آزادي ڏيارڻ تمام بهترين ڪم ڪيو آهي، عامر حسين لکيو ته الله پاڪ پنهنجي محبوب جي صدقي عمران خان کي ھدايت ڏي ته ھو ملڪ پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين سميت ھر شي ۾ سستائي ڪري،راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته فطرو پنڻ ويو سو پني خيرن سان آيو آھي ۽ پنجاب جي زرعي شعبي لاءِ 2 بلين جي سيڙپڪاري جا معاھدا به ڪري آيو باقي سنڌ جا آبادگار سندن دشمن آھن؟ محمد حنيف سومرو، جمالي بلوچ، شاهه رخ جکراڻي، ابو محمد، گلزار علي پڻ سروي ۾ حصو ورتو، طارق باجڪاڻي لکيو ته دورو سٺو هيو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته مختلف ڳالهيون ٿيون هلن، سعيد خان لکيو ته ملڪ جو وقار بلند ٿيو آهي، ثناءُالله چنا لکيو ته اسان جو وزيراعظم جڏهن اقتدار ۾ آيو آهي ان ڏينهن کان خيراتون ۽ چندا وٺڻ ۾ پوروآهي سو سعودي مان به فطرو وٺي آيو هوندو،سارنگ پنهور لکيو ته عمران خان خيرات وٺڻ جو ماهر آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته سعودي عرب واري دوري سان شايد ڪجھه خان کي پاڻ کي رليف ملي، ذوهيب مشوري لکيو ته عوام حڪومت مان بيزار آهي. صدورو مهر لکيو ته دورو عوام جي لاء مفيد ثابت ڪونه ٿيندو، علي عباس شر لکيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪنهن به دوري جو عوام کي فائدو ناهي ٿيو، موهن لال لکيو ته وزيراعظم پاڪستان جو سعودي دورو بهتر آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ ايڊ کان بغير کوکلو بڻجي ويو آهي، فيصل وزير مري لکيو ته وزيراعظم سڀ ڪجهه عوام لاءِ ڪري رهيو آهي، گلاب خاصخيلي، حسين علي مهيسر، نديم بهراڻي، ابو آذان، شاهد ڏاهري، رحمان بليدي، شهزادا محمد حسن مشوري، شعيب چانڊيو، عرفان سيلرو، راجا ابڙو، اشفاق ميمڻ، جنيد جمالي، مدد علي، عمران آرائين، طارق راڄپر، جنيد زرين، حمدالله ڪنڀر، وسيم سنجراڻي، شاهجهان رند، امتياز جمالي ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.