ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم پاران 40 لک گهراڻن لاءِ 20 ارب جو رمضان پيڪيج جو اعلان، 5-5 هزار رپيا ملندا: وزيراعظم چيو آهي ته مهانگائي ٿي آهي: وزيراعظم جي دعويٰ ۽ رمضان پيڪيج کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ عوام کي فائدو ٿيندو ؟ ڇا مهانگائي گهٽ ٿي آهي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته 5 هزار مان ڇا ملندو، پيڪيج جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، پنج هزار رپين ۾ ته هفتي جو راشن به نه ايندو، وزيراعظم پاران مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي ڳالهه غلط ڪئي وئي آهي، حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ضمير انصاري لکيو ته هن ملڪ ۾ بهتري جي اميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي جيڪي سنڌ حڪومت کي اعلان ڪرڻ کپن اهي وفاق حڪومت پئي ڪري، بهتر آهي ڪيترائي سنڌ ۾ غريب آهن جيڪي سهري ۽ افطاري لاءِ پريشان هوندا آهن پنج هزار به غريب لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن اڃان به وفاق کي گهرجي هان ته غريبن لاءِ عيد پيڪج لاءِ لٽي ڪپڙي جو اعلان ڪري هان، سارنگ منير سومرو لکيو ته جتي سرڪار جي وزيرن مشيرن ڪامورن ۽ وردي وارن جو ناشتو ھڪ لک جو ھجي اتي مسڪينن لاءِ لائين ۾ پنج پنج ڏينهن بيھي پنج ھزار وٺڻ وارو اعلان شرم جوڳو آھي، باقر علي لکيو ته وفاقي حڪومت بجاءِ مهانگائي ۾ گھٽتائي ڪرڻ بجاءِ عوام کي رليف جي بدلي پنڻ پئي سيکاري اگر وفاقي حڪومت چاھي ٿي ته ھر غريبن ٻن ويلن جي ماني سڪون سان کائي ته کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ گھٽتائي آڻي، اڪبر رحمان ٿهيم لکيو ته انهن پئسن ڏيڻ مان ڪو به فائدو نه ٿيندو، فقير بلاول وساڻ لکيو ته پنج ھزار ھن دور ۾ ھڪڙي ڏينھن جو خرچ به ڪونھي، لال محمد رند بلوچ لکيو ته ڇا جو رمضان پيڪج هي ته عوام کي بيوقوف ڪرڻ وارو پيڪج آهي، هاڻ ٿرپارڪر هيڏي ساري ضلعي ۾ صرف 2345 ماڻهن کي ملندا منهنجي خيال ۾ في ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو کي ملندا، تنها قادر شر لکيو ته اسان کي پنج پنج هزار نٿا کپن مهرباني ڪري مهانگائي ختم ڪئي وڃي. فصل جا ريٽ وڌايا وڃن ڀاڻ جا ريٽ گهٽ ڪيا وڃن عوام کي روزگار ڏنا وڃن اڳ ئي قوم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام واري پئسن تي ئي گھڻو پنيو آهي وڌيڪ قوم کي پنڻ نه سيکاريو وڃي..!عطا سهتو لکيو ته في خاندان کي 5000 ھزار ڏئي ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاھن ؟؟؟؟ حڪمران وتن ٿا ماڻھن کي پنڻ تي ھيرائيندا، ھي جيڪي 20 ارب رمضان پيڪيج ڏين پيا انھي ساڳين 20 ارب رپين جو ڪو حڪومت ڪاروبار ڪري ۽ ان ڪاروبار جو نفعو ملڪي مھانگائي گھٽائڻ تي خرچ ڪري. باقي 5ھزار جو ڪٿي ٿو گذارو ٿئي. مختيار مولائي لکيو ته ڇا ھي وزيراعظم جيترو اعلان ڪري ماڻهو مھانگائي سان منھن ڏئي ويندو سنڌ ۾ بدامني ختم ڪئي وڃي، ذوالفقار علي لکيو ته مهانگائي ۾ ڪا به لاٿ ناهي، ارشاد علي سومرو لکيو ته ڪو به فرق نه پوندو، مھانگائي گھٽ ٿيڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي، وزيراعظم جو اعلان ڪنھن ڪم جو نه آھي پنج ھزار رپين ۾ ڇا ٿو ملي مزدور طبقو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جا اعلان جي مٿان اعلان ڪندي رھندي آھي مگر عام ماڻھو اھو ئي پريشاني واري زندگي گذاري رھيو آھي جيڪڏھن ڪو فائدو ملي به ٿو ته اھو به سرڪاري ڪامورا کائي ٿا ڇڏين، مبارڪ بجير لکيو ته جتي چار هزار روپيا مڻ اٽو ملي ۽ خصوصن رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ باقي مهينن جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي مانگهائي هُجي اتي پنج هزار غريب خاندان لاءِ ڪا اهميت نٿا رکن، بهتر هو پوري مهيني جو پندرهن کان ويھه هزار روپين تائين راشن بيگ يا روڪ رقم هجي ها ته جيئن غريب خاندان لاءِ ڪجھه قدر سهارو ٿي پوي ها، غالب حسين لکيو ته هي حڪومت نه اهو مذاق آهي، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته هي عوام سان مذاق ڪيو پيو وڃي، پنج هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇا ملندو؟ ياسر سانڊاڻو لکيو ته ھي سڀ ڪوڙيون دعوائون آھن،اھڙا پيڪيجز عوام جي نالي تي ڪيا ويندا آهن پر غريب عوام کي ڪجهه به ناھي ملندو. محمد اسلم لکيو ته پاڪستان ۾رليف نالي تي عوام جو مذاق اڏايو ويندو آهي، باقي پنج پنج هزار رليف نالي عوام کي پنايو پيو وڃي ان کان هزار ڀيرا بهتر رهندو ته ڪمشنر ڊپٽي ڪمنشنرن کي پابند بنايو وڃي ته رمضان شريف جي مقدس مهيني ۾هٿرادو ڪيل مهانگائي تي ڪنٽرول ڪن، راشد علي بلوچ لکيو ته مهانگائي اڃا وڌي سگهي ٿي، راجڪمار اوڏ لکيو ته اسان وٽ رمضان مهينو ايندي ئي مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري ايندو آهي، مافيا رمضان مهيني ۾ مهانگائي ڪري غريبن کان ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، عبدالجبار چانگ لکيو ته وزيراعظم جي رمضان پيڪيج مان ڪو به عوام کي رليف نه ملندو خاص ڪري ھنڱورجا جي عوام کي بچت بازار نالي ماتحت لڳائي وئي آھي اھا به ان جڳھه تي جتي عوام کي خبر ئي نه آھي، قائم الدين لکيو ته وزيراعظم پاڻ رمضان مهيني ۾ پنج هزار تي گذارو ڪري سگهندو ؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ عوام کي فائدو ڪيئن ٿيندو؟ چيلارام رٻاري لکيو ته هي پيڪيج عوام لاءِ ٿورو گهڻو رليف ته فراهم ڪندو، پر مهانگائي گھٽ نه ٿي آهي، ۽ اصل حل قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ، آمدني وڌائڻ ۽ اقتصادي استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ آهي. حڪومت کي سبسڊي کان وڌيڪ بنيادي معاشي پاليسين تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي باقي پنج ھزارن ۾ ڇا ٿو ملي ان ۾ ڪو فرق ڪونه پوندو مھانگائي تي.پنهون ڪمار لکيو ته عوام پنج هزار مان ڪهڙو خرچ هلائيندو، گل حسن شر لکيو ته پنج ھزار ڏيڻ سان ڪو به فرق نه پوندو گھٽ ۾ گھٽ پنج لک ڏنا وڃن چاليھه لک جي بجاءِ پنج لک ماڻھن کي ڇو نه ڏنا وڃن پر ماڻھو پنھنجي پيرن تي ته بيھي سگھندو وري ٻئي مرحلي ٻين ماڻھن کي ڏنا وڃن ته ڪافي تبديلي اچي ويندي، عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته وزيراعظم ڪڏهن چوي ٿو مهانگائي گهٽ ٿي آهي، ته وري ڪڏهن چوي ٿو مهانگائي وڌي آهي. باقي هي 2 ارب/5 هزار ڪهڙي قسم جو رليف آهي؟ هي ته مذاق آهي، اشفاق خاصخيلي لکيو ته پنج هزارن ۾ ته هفتي جو راشن به نه ايندو، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته 5 ھزار ڏيڻ سان مھانگائي تي ڪو به فرق نه پوندو البته ماڻهن کي قطارن ۾ ھڻي رمضان مبارڪ جي مھيني ۾ پريشان ڪندا، اياز چانڊيو لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته ڪڻڪ جو ريٽ ڪن، محمد ايوب لکيو ته حڪومت کي گھرجي تي عام واھپي جي شين جا اگھه گھٽائي ته جيئن پوري قوم کي فائدو ٿئي، ايم شعيب ڏاهري لکيو ته 5 ھزار ۾ غريب جو ڇا ٿيندو مهانگائي تي ڪنٽرول آڻڻ گهرجي غريبن جو ڪجهه سوچيو، اي ڊي سومرو لکيو ته پنج ھزارن مان ڇا ٿيندو اھڙا پيڪيج ڏيڻ کان بهتر آھي ته زرعي جنسن جا اگهه وڌايو جيئن غريب ماڻھن کي ڪو فائدو ٿئي غريبن جي اڪثريت زرعي آمدني تي دارومدار آھي، ظهير عباس ڪپري لکيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيستائين رڳو تجربا ئي ٿيا آھن ھي امداد به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ٻڏي مرڻ جو مقام آھي، شاهين سومار لکيو ته پنج هزار مهيني مان ڇا ٿيندو جيڪو غريب لکن جو قرضي آهي ان کي، علي گل ڏيٿو لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف صاحب اهي پنج پنج هزار ڏيڻ بدران اٽو چانور گيهه ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون ڪري ها ته بهتر هيو پنج پنج هزارن مان مڻ اٽو ملندو باقي ٻيو سامان ڪاڏهون وٺندا، رفيق جوکيو به سروي ۾ حصو ورتو، اسد علي نوناري لکيو ته 5 هزار ڏئي ماڻھن کي ڪم ڪار کان پري ڪري روز انهن کي پريشان ڪندا، محمد ارباهيم ڪاڪيپوٽو لکيو ته سرڪاري ملازمن جا خرچ گهٽ ڪيا وڃن، اي غفار نظاماڻي لکيو ته 5 هزار سڀني کي ڪونه ملندا، مزمل ذڪاءِ لکيو ته جيڪڏهن 5/5ھزار ڏيڻ جي بجاءِ ڪنهن کي ھنر سيکاريون ته پنڻ کان سدائين لاءِ بچي پوندو، ايم شعيب چانڊيو لکيو ته وڏو ليف آھي ۽ جڏھن تي ھر ماڻھو 2 لک جو قرضي آھي، صابر جهتيال لکيو ته پنج ھزار ملڻ سان ڇا ٿيندو مھانگائي تي ڪنٽرول ٿيڻ کپي، سيد ڪامران بخاري، نصيب ٻاٽ، زرداري شر، زوزار ناظم علي، خاموش خليل شر به سروي ۾ حصو ورتو، نماڻو نوناري لکيو ته عوام کي بيوقوف ڪرڻ وارو پيڪج آهي، اصغر حسين لکيو ته وزيراعظم انتظاميه سان گڏجي عوام کي رليف ڏنو وڃي. ممتاز علي ڪيريو، علي گل ميمڻ، معشوق علي، صدام ڀنڀرو، ميهر رٻاري، علي بخش، زاهد راڄپر، فراز ٽالپر به سروي ۾ حصو ورتو، سولنگي رياض لکيو ته ڪهڙو فائدو رڳو اعلان ڪري غريبن کي ٿا مارائين 5 هزار رپين مان 15 سئو ڊوائيس وارا ڪاٽي ويندا، حبيب الله ڀرڳڙي، حاجي جکرو، اسلم علي، ثناءُالله چنا، اشفاق شيخ به سروي ۾ حصو ورتو، زاهد حسين حسيني لکيو ته عوام کي پنج ھزار رپيا ڏين پيا ان مان ڇا ٿيندو؟ ڪھڙوخرچ ھلائيندا. رمضان المبارڪ ۾ ايتري مھانگائي وڌي وئي آھي غريب ته کاڌي پيتي جي لاءِ پريشان آھن. حڪومت کي گھرجي ته مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري. اڪرم علي، امين فهيم زئور، محرم علي، شفقت جروار، دائود زئور، ايم آچر ڪنڀر، غلام حسين چنا به سروي ۾ حصو ورتو، امتياز علي لکيو ته سرڪار هڪ طرف مهانگائي جو اعتراف ڪري پنج هزار ٿي ڏي ۽ ٻئي طرف وزيراعظم مهانگائي ختم ڪرڻ جا بيان ٿو ڏي، پنج هزارن مان ڇا ٿيندو،بخش خان، عزيزالله شر، عبدالوهاب، عرفان علي ملاح، ولي محمد خاصخيلي، واجب حسين، امداد علي هنڱورو، مٺو وساڻ، سائل جان ڪيريو، نعمت الله ڀٽو، تاراچند سنڌي، حاجي ايم لاشاري، نصير ابڙو، علي گوهر پتافي، ناز نظير، عارف حسين، قاسم خاصخيلي، برڪت علي، انور خان، نياز احمد ڀيو، عيسيٰ نهڙيو، الله رکيو سهتو، زوار خادم حسين حيدري، مير حسن پلي، حر معشوق علي، شوڪت علي، ڌني بخش، شوڪت پهوڙ، رياضت عرفان علي لاشاري، مالڪ چانڊيو، ولم ڪمار ڀيل، شوڪت علي جامي سولنگي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.