ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گيس جي لوڊشيڊنگ جو ذميوار ڪير ؟ ڇا اوهان جي علائقي ۾ سحري، افطاري ۽ ٻين وقتن تي گيس هلي ٿي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سحري افطاري وقت به گيس نٿي ملي، ٻين وقتن تي به گيس جي لوڊشيڊنگ هوندي آهي، ان باوجود ڳرا بل موڪلن ٿا، رڌ بچاءَ ۾ پريشانيون ٿي رهيون آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو کيو ته رياست ذميوار آھي جنهن پئسن جي ذخيرن سان گڏوگڏ قدتي ذخيرن کي به پنهنجو ذخيرو بڻائي ملڪ کي تباھ ڪيو، اسد زرداري لکيو ته اسان جي شھر سرھاڙي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آھي پر رمضان مھينو شروع ٿيڻ سان اڃان به گيس جي لوڊشينڊنگ وڌي وئي آھي، سحري ۽ افطاري وقت پريشر گھٽ ھجڻ ڪري رڌ بچاءَ ۾ شھري وڏي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن، چوويھن ڪلاڪن ۾ صرف چار ڪلاڪ گيس ڏين ٿا جنھن جو به ٽائيم افطاري ۽ سحري تائين آھي باقي سڄو ڏينھن ۽ رات گيس بند رھي ٿو ۽ گيس جا وڌيڪ بل موڪلي وڌيڪ شھرين کي پريشان ڪيو پيو وڃي سرھاڙي جا اڪثر ٻھراڙي جا علائقا ته گيس جي سھولت کان محروم بڻيل آھن سنڌ جي ٻين وسيلن جيان گيس جي سھولت کان به سنڌين کي محروم ڪيو ويو آھي جن جا ذميوار سنڌ جا حڪمران آھن، ساگر علي شاهه لکيو ته ڳيريلو ۽ پسگردائيءَ ۾ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي سحري توڙي افطاري جي ٽائيم گيس جي بندش عوام ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ٻي طرف عوام کي ڳرا بل موڪلي پريشان ڪيو پيو وڃي ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، سڪندر علي شاهه لکيو ته ھن گيس جي لوڊشيڊنگ جي ذميوار ھي اسان جي سنڌ حڪومت آھي اسان جي سنڌ تي رب ڪريم جا وڏا احسان آھن پر سنڌ حڪومت سنڌ جا سمورا وسيلا پنجاب کي وڪڻي ڇڏيا آھن ۽ اسان سنڌ وارن کي پينڻ تي مجبور ڪيو اٿن؟ محرابپور ۾ گيس نالي ڪا شيءِ ڪانهي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته پ پ حڪومت ۾ سنڌ واسين سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، جي آر چانڊيو لکيو ته اسانجي تعلقي سانگھڙ مان گيس نڪري ٿي گيس جن وڏيون فيلڊ به آھن پر افسوس اسان مقامي ماڻهو ڪاٺين تي گذارو ڪيون ٿا، سانگھڙ مان نڪرندڙ گيس صرف پنجاب جي لاءِ آهي. رياضت عرفان علي لاشاري لکيو ته ٽنڊو مستي خان شھر ۾ گيس جي لوڊ شيڊنگ گذريل ٽن سالن کان جاري آھي جيڪا ھن مھل تائين ختم نه ٿي سگھي چوويھن ڪلاڪن ۾ صرف چار ڪلاڪ گيس ڏين ٿا جنھن جو به ٽائيم افطاري ۽ سحري کان پري آ صبح 10 کان 12 تائين رات 8کان 10 تائين باقي بند عوام ۽ روزيدار پريشان رهن ٿا، زاهد حسين لکيو ته اسان جي شھر سرھاڙي ۾ ڏينھن ۽ رات جو گيس بند ڪري شھرين کي پريشان ڪري رھيا آھن ۽ گيس سحري۽ افطاري جي وقت گيس گھٽ آهي ۽ لوڊ شيڊنگ جاري آھي جنھن سبب عوام پريشان آھي.سنڌ حڪومت کي گھرجي ته رمضان المبارڪ مھيني ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي. ۽ گيس جي بل ۾ گھٽ ڪيا وڃن. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته عام ماڻهن جو به خيال رکڻ گھرجي. قاضي وقار علي لکيو ته اسان وٽ رات جو سحري ٽائم ٺيڪ 4.20 منٽ تي مڪمل بند پريشر واري مشين تي به نه ٿي هلي.. افطاري ٽائم بند روزي رکڻ روزي کولڻ کان اسين 2 گهنٽا پهرين بندوبست ڪيون جيسي ٺري وَڃي ڇا ڪجي بس هلڻو آهي، ساگر علي رضا لکيو ته يوسي مراد پور تعلقي ۽ ضلعي سجاول جا ڪافي ڳوٺَ،ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه،ڳوٺ محمد ملاح،ڳوٺ محمد صديق اوٺار ۽ ڳوٺ اسحاق ملاح سميت سمورا ڳوٺ بنيادي سڀني سهولتن کان محروم آهن، هتي نه بجلي، نه گيس،نه پڪو رستو ۽ نه ئي اسڪول جي عمارت آهي، الله ڏنو راهمون لکيو ته گيس سور ڏيئي ڇڏيا آھن .ڄڻ ته خيرات ۾ ٿا ڏين ھڪ ته پريشر گھٽ ٻيو رڌ پچاءَ جي وقت لوڊ شيڊينگ، بلن ۾ سمورا ناجائز ٽيڪس هڻن ٿا، ظلم وڌي ويو آهي، عابد شورو به سروي ۾ حصو ورتو، راجڪمار اوڏ لکيو ته سنڌ اندر گيس جو بجران آهي رمضان شريف جي مقدس مهيني ۾ گيس نه هجڻ ڪري غريب طبقو سحري ۽ افطاري وقت پريشان رهي ٿو ۽ عوام ڏانهن گيس جا ڳرا بل اماڻيا پيا وڃن اسان جي سڪرنڊ گيس جي بحران سبب احتجاج به ڪيا ويا مگر ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو، شوڪت علي لکيو ته اسان پاڻ ذميوار آهيون ڇاجي ڪري جو اسين سنڌي اڃا سڄاڳ ناهيون ٿيا دنيا وڃي چنڊ تي پهتي اسان وارا سنڌي صرف هوٽل تي سارا ڏينهن پيا گذارين، بشير ميراڻي لکيو ته ذميوار سڌي طرح حڪومت جي آهي، صرف افطاري ۽ سحري لاءِ ڇو، عام ماڻهن جو خيال رکڻ گهرجي، اسان جي علائقي ۾ گيس نه هوندي آهي.صدام ڀنڀرو لکيو ته حڪومت ۽ گيس ڪمپنيون، پاليسين جي کوٽ، ناڪافي انتظام ۽ وقت سر گيس جي فراهمي کي يقيني نه بڻائڻ. قدرتي وسيلن جي کوٽ، گيس جا ذخيرا تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آهن ۽ نيون دريافتون نه ٿيڻ سبب بحران وڌي رهيو آهي.غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ چوري ڪٿي ڪٿي گيس جي چوري يا ناجائز استعمال سبب به عام واهپي وارن کي پريشاني ٿئي ٿي اسان وٽ گيس جي لوڊشيڊنگ جاري آهي جنهن سبب ماڻهو پريشان آهن، مظفر شبير بوزدار به سروي ۾ حصو ورتو، يوسف ابراهيم سومرو لکيو ته ڀرياسٽي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ تمام گهڻي آهي رمضان ۾ ته اڃان به وڌيڪ سلو آهي گھٽ پريشر ھجڻ ڪري رھواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن وفاقي حڪومت سکڻيون دعوائون ڪندي پئي وتي، صدف آر ايم به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، قربان ميراڻي لکيو ته گيس لوڊشيڊنگ جا ذميوار وقت جا حڪمران آھن، دائود زئور لکيو ته گيس جي لوڊ شيڊنگ جو ذميوار وفاق آهي، وفاق گيس پيدار ڪندڙ صوبن سان گيس بابت ناجائزي ڪري ٿو وفاق پنھنجي صوبي پنجاب جي صنعت جي پورائي لاءِ زبردستي صوبن تي فيصلا مڙهي ٿو، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته صالح پٽ مان گيس نڪري ٿو پر فائدو ناهي اڌ شهر کي به نٿي ملي صرف پنجاب صوبي کي فائدو آهي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ آهي عوام کي گيس مان ڪوبه فائدو ناهي باقي حڪومت کي فائدو آهي بلن جي مند ۽ لوڊشيڊنگ جي ذميوار حڪومت آهي، نويد خان لکيو ته رمضان مھيني ۾ گيس تي ٽيڪس لائين ريٽ ۽ يونٽ جي قيمت ۾ ڪابه رعايت نه آھي باقي لوڊ شيڊنگ جاري آھي ھن ملڪ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان عوام کي ستايو وڃي ٿو، زاهد راڄپر لکيو ته نوشھرو فيروز سميت سڄي سنڌ گيس جي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رھي آھي. ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي سڀ کان وڌيڪ پيداوار سنڌ مان ٿيندي آھي. پر پوءِ به تيل ۽ گيس سنڌ لاءِ ناھي. نماڻو نوناري لکيو ته گيس اچي دير سان ٿي ۽ هلي به گهٽ ٿي، عرفان علي ملاح لکيو ته فيض گنج، ڪرونڊ، پڪا چانگ گيس جي سهولت کان محروم آهن، سمير احمد لکيو ته افسوس آهي گيس سنڌ مان نڪري رهي آهي پوءِ به سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي، ذميوار پنجاب ۽ وفاقي حڪومت آهي، غلام مصطفيٰ سنڌي لکيو ته کرڙاھه، پيروسڻ ۾ علائقي ۾ ڀرسان گيس گذرڻ ۽ ڪيترن سالن کان احتجاج ڪرڻ باوجود اڃا تائين نه ملي آ. زاهد علي انڙ به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، ڪامران کوکر لکيو ته ذميوار عوام پاڻ آھي ٻين تي الزام ڏينداسين ته ڪھڙو فرق پوندو، طارق ابراهيم لکيو ته اڳڙا ٽائون گمبٽ جي علائقي ۾ نه سحري نه افطاري جي ٽائيم تي گيس آھي، گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ ۾گيس آھي ئي ڪانه سو پاڻ اھو ٽينشن کڻون ڪو نه، نجيب احمد، قادر بخش زئور به سروي ۾ حصو ورتو، حسين بخش زرداري لکيو ته صبح جو 6 وڳي کان شام جي 5 وڳي تائين بند ھوندي آھي شهدادپور ۾، شبير خشڪ لکيو ته اسان وٽ گيس 24ڪلاڪن ۾ ھڪ ڪلاڪ ھلي ٿي، اصغر حسين لکيو ته فيض گنج ۽ اڪري چودڳي ۾ گيس نه آهي، نظير بلوچ، استاد امير علي چانڊيو، سنتوش ڪمار، مجيب الرحمان، امين فهيم زئور، عبدالوهاب چانڊيو،اختر حسين، شاهد علي سهتو به سروي ۾ حصو ورتو، خاموش خليل شر لکيو ته ڪرونڊي ۾ گيس ناهي، فهد مختيار، رحمت الله شيخ، ايم موسيٰ لنڊ به سروي ۾ حصو ورتو، الله بخش بلوچ لکيو ته سنڌ جي عوام کي گيس ڏيڻي ناھي وفاق ۽ سنڌ حڪومت ذميوار آھي، شاهنواز بليدي لکيو ته گيس ڄڻ ته خيرات وانگر ڏين ٿا، هڪ پريشر گهٽ آهي ٻيو وري رڌ بچاءَ جي وقت لوڊشيڊنگ ڪن ٿا، مٿان وري ڳرا بل موڪلن ٿا، علي آصف لکيو ته رمضان مھيني ۾ گيس تي ٽيڪس . لائين ريٽ ۽ يونٽ جي قيمت ۾ ڪابه رعايت نه آھي، باقي لوڊ شيڊنگ جاري آھي، شاهد بلوچ لکيو ته اسان پاڻ ذميوار آهيون ڇاجي ڪري جو اسين سنڌي اڃا سڄاڳ ناهيون ٿيا دنيا وڃي چنڊ تي پهتي اسان وارا سنڌي صرف هوٽل تي سارا ڏينهن پيا گذارين، فهيم احمد سومرو لکيو ته کرڙاهه، پير وسڻ ۾ ڀرسان گيس گذرڻ باوجود ناهي ملي سگهي، هاشم مري لکيو ته گيس لوڊشيڊنگ جا ذميوار وقت جا حڪمران آھن، خان محمد، معشوق علي، شاهه محمد ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.