سوال/سروي … گريڊ 5 کان 15 جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ جو اعلان … ڪجهه ڪونه ٿيندو، وري اوڳاڙي ڪندا، نوڪريون ڏوڪڙن ۽ سفارش تي ڏيندا: عوام

0
22

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گريڊ 5 کان 15 جي ڀرتين لاءِ اڳ آءِ بي اي ٽيسٽ ڏنل اهل قرار: رڳو ميٽرڪ لاءِ ٻيهر ٽيسٽ جو اعلان: سنڌ سرڪار ۽ آءِ بي اي جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ نوڪريون آخرڪار ڪڏهن ۽ ڪيئن ملنديون؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو، نوجوانن کي رڳو آسرا ڏئي ڦريو پيو وڃي، نوڪريون پئسن ۽ سفارشن تي ڏيندا، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته نوجوانن کي وڌيڪ مايوس نه ڪيو وڃي، ٽيسٽ ميرٽ تي وٺي نوڪريون ڏنيون وڃن، بيروزگاري ختم ڪئي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ان کان وڏو مسئلو نوڪري ڏيڻ آھي ڀلي اھڙا ھزارين فيصلا ۽ ٽيسٽيون ٿين جڏهن رياست جي پاليسي نوجوان لاءِ روزگار جا دروازا بند ھوندي ته اھڙن فيصلن کي ڏسي نوجوانن کي  ڏک ملندا، نارائڻ داس ڀيل لکيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو سرٽيفڪيٽ 2026 ۾ ايڪسپائر ٿيندا وري اربين رپيا سنڌي قوم کان اوڳاڙيندا، علي فياض لکيو ته گريجوئيشن ۽ انٽر جي ٽيسٽ ٻيهر وٺي نون ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي، شعيب مگسي لکيو ته ٻه لک اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪئي آهي پهريان انهن کي نوڪري ڏني وڃي، مختيار حسين لکيو ته هي هر روز جا نوان لالي پاپ پاس نوجوانن جو مستقبل انڌيري طرف ڌڪي رهيا آهن خدشات آهن ته پنهنجا نوازي ٿيڻ جا يا ڳاٽي ٽوڙ رشوت تي نوڪريون ڏيڻ جا اسڪينڊل سامهون نه اچن، پر حقيقت اها آهن ته اگر ميرٽ نه ٿي ته نوجوانن جو حڪومت کان پهريان آءِ بي اي تان يقين کڄي ويندو، سريش ڪمار ميگهواڙ لکيو ته سنڌ سرڪار غريب پورهت عوام کي اڃا وڌيڪ ڦرڻ جا نوان ڍنگ اختيار ڪيا آهن، ٻه سال اڳ اعلانيل ٽيسٽن مان گريجوئيشن ۽ انٽر جا نتيجا پڻ ڏنا پر ڪنهن کي به نوڪري نه ملي سگهي، وري به 5 کان 15 مختلف اشتهار اچڻ لڳا آهن جڏهن ته اڳ ۾ اهو طئه ٿيل هو ته اهو ٽيسٽ پاس ڪندڙ 3 سال تائين اهل رهندا پر ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو، ڪامريڊ عاشق لکيو ته ڪجھه ڪونه ٿيندو پهرين انٽر وارن کي نوڪريون مليون هونديو ته ميٽرڪ وارن کي ٽيسٽ کان پوءِ ڏيندا، شفقت جروار لکيو ته تمام مايوس آهن سنڌ جا بيروزگار نوجوان، انهن کي فوري طور موقعو ڏنو وڃي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي نوڪريون اهليت جي بنياد تي ڏئي نوجوانن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي، جاويد علي شر لکيو ته سنڌ پوليس ايس آر پي يونٽ ۾ ڪانسٽيبل جي خالي سيٽن لاءِ ڀرتي جو عمل 2019ع ۾ مڪمل ٿي چڪو آهي، جتي اميدوارن سمورا مرحلا، فزيڪل ٽيسٽ، لکت ، ۽ انٽرويو، ڪاميابي سان پاس ڪيا آهن. افسوس آهي اهل ۽ محنتي نوجوان نوڪري کان محروم آھن. اسلم هنڱورجو لکيو ته بهترين عمل مس مس وڃي ڪو آسرو ٿيو پر ميرٽ تي نوڪري وٺڻ ڄڻ ٻٻر کان ٻير گهرڻ برابر آهي، اسد زرداري لکيو ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ھاڻ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته جلد ميرٽ تي نوڪريون ڏئي نوجوانن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي، باقي رڳو اعلان ٿين ٿا پر عمل نٿو ٿئي نوجوان تمام گھڻو مايوس آھن ڪيترائي نوجوان عمر وڌڻ ڪري اڳتي لاءِ اپلائي ڪرڻ جي قابل نه ٿي سگھندا، مسرور علي شاهاڻي لکيو ته اپلائي جو پروسيس ٻيهر ڪجي جيئن هر هڪ اپلائي ڪري ۽ ٻيهر نئين سر سڀني کان ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ صاف شفاف طريقي سان ميرٽ کي بحال ڪيو وڃي، حاجي جکرو لکيو ته نوڪريون انهن کي ملنديون جيڪي با اثرن جي بنگلن تي حاضريون ڀرين ٿا، زوار ناظم علي لکيو ته فيصلو بھترين آھي . پر سفارش ۽ ڏوڪڙن کان سواءِ نوڪري ڪنھن کي به ڪانه ملندي، مسعود مدھوش لکيو ته قوم کي دربدر ڪرڻ سنڌ حڪومت مشغلو رهيو آهي، بيروزگار ماڻهن جي جذبات سان کيڏڻ انهن کي ٽيسٽ جي چڪر ڳرا خرچ ڪرايا وڃن ٿا، بشير احمد ڪلوڙ لکيو ته اها سرڪار رهي ته نوڪريون ڪنهن کي به نه ملنديون، رڳو ڪوڙا دلاسا ۽ فراڊ هلائي نوجوانن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، اميد علي چانگ لکيو ته ٽئي سال ويٽنگ ۾ ماستري جو انتظار ڪيوسين پر نوڪري پئسن تي ڏيندا، فقير صاحب لکيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو، عمران ميراڻي لکيو ته اگر سنڌ حڪومت کي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻا آھن انهن کي 2026 جي لاءِ انتظار نه ڪرائڻ گهرجي، آءِ بي چانڊيو لکيو ته سڀ قدم سھي اٿن رڳو ھاڻي پاس ٿيلن کي نوڪريون ڏين، جاويد جمالي لکيو ته رڳو اعلان آهي، جاويد احمد ڀرٽ لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر نئون لالي پاپ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي نوجوانن سان ٽوپي ڊرامو ڪندا، طارق باجڪاڻي لکيو ته افسوس سان آءِ بي اي جي طرفان انٽر ۽ گريجوئيٽ جي اڳ ورتل ٽيسٽ تحت ڪنهن به بيروزگار کي نوڪري نه ملي، رڳو فيس اوڳاڙڻ لاءِ معاهدا ڪن ٿا، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ايس آر پي pts ٽيسٽ پاس پوليس جا اميدوار بي يارومددگار آهن، سوال اھو آھي ته سنڌ پوليس ايس آر پي يونٽ ۾ ميرٽ جي بنياد تي پي ٽي ايس معرفت ٽيسٽون وٺڻ جا سمورا مرحلا 2019ع ۾ طئي ڪيا ويا، ڪامياب اميدوارن کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکي ويو انهن سان انصاف ڪيو وڃي، صدام ڀنڀرو لکيو ته اڳ ۾ ٿيل ٽيسٽ کان پوءِ اميدوارن کي اميد هئي ته سندن مقرريون جلد ٿينديون، پر هاڻي ٻيهر ٽيسٽ جو اعلان  ناانصافي آهي ٻه ڀيرا ٽيسٽ ڏيڻ سان مالي ۽ ذهني دٻاءُ وڌي ٿو، شنڪر لال لکيو ته اھل ڪرڻ سان گڏ نوڪري به ڏنيون وڃن جيئن نوجوانن جي مالي سهائتا ٿئي ۽ بيروزگاريءَ ۾ ڪمي اچي..پرويز رند لکيو ته رڳو آسرا ڏين ٿا، حنيف جوڻيجو لکيو ته اھا به ٻه ٽي سال اڳ ٿئي ھئي ھاڻي جن ڏني ھئي انھن جي عمر ۾فرق ايندو ۽ نون کي موقعو نه ملندو اھيو سراسر غلط آھي ٻيهر سڀ ڪيٽگريز جون ٽيسٽ وٺن ته جئين نون کي به موقعو ملي، برڪت علي مهر لکيو ته سنڌ حڪومت انٽرويو جي بهاني پئسا وٺندي آهي انٽرويو شرط ختم ٿيڻ گهرجي، راشد لطيف لکيو ته مئٽرڪ تي ٽيسٽ وٺي شل جلد نوڪرين ڏين، نظير احمد سومرو لکيو ته نوڪريون ته من پسند ماڻهن کي ملنديون، مظهر گورچاڻي لکيو ته نوڪري کان بھتر آهي پنهنجو ڪاروبار ڪيو، عبدالله کوسو لکيو ته نوڪرين جا اگهه مقرر آهن، ذاڪر احمد لکيو ته سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد ٽيسٽ پاس اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ گهرجن ۽ نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، محمد حسن لکيو ته شل ان تي عمل ٿئي، اشفاق چانڊيو لکيو ته عوام کي خوار ڪن ٿا، سليم نظاماڻي لکيو ته اھڙو ڪوبه فيصلو نه ٿيو آھي، ڪليم رانا ڀيو لکيو ته قابل شاگردن جي خبر تڏھن پوندي جڏھن فريش اميدوارن ۽ پراڻن اميدوارن جي ميرٽ ٺھندي، ان جي ڪري سڀني ڪيٽيگرين جي فريش اميدوارن کان به ٽيسٽ ورتي وڃي ته جيئن انھن کي به روزگار ملي سگھي. بابر رستماڻي لکيو ته غريبن کي نوڪرين جي آسري رلائين پيا، منظر زئور لکيو ته پراڻي ٽيسٽ برقرار آهي جيڪي اميدوار پاس آهن اهي اشتھارن ۾ اپلائي ڪري سگھندا مهرباني ڪري وضاحت ڪيو پاس اميدوارن ۾ سخت بي يني ڇانيل آهي ان جي وضاحت ڪيو، ايم موسيٰ لنڊ لکيو ته فيصلو بھترين آھي . پر سفارش ۽ ڏوڪڙن کان سواءِ نوڪري ڪنھن کي به ڪانه ملندي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته قابل شاگردن جي خبر تڏھن پوندي جڏھن فريش اميدوارن ۽ پراڻن اميدوارن جي ميرٽ ٺھندي، عاقب وسطڙو لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر نئون لالي پاپ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي نوجوانن سان ٽوپي ڊرامو ڪندا، شاهد بلوچ لکيو ته نوڪريون انهن کي ملنديون جيڪي با اثرن جا ماڻهو هوندا، اختيار مري به سروي ۾ حصو ورتو، علي آصف لکيو ته ايس آر پي pts ٽيسٽ پاس پوليس جا اميدوار جيڪي ويٽنگ لسٽ ۾ آهن انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، اورنگزيب ملڪ، سيفي شهزاد، نياز محمد راجپوت، مهراڻ علي ابڙو، رضا کهڙو، توقير احمد ڏاهري، ذيشان خان، زوار سيد الله ڏنو شاهه، عرفان علي ميمڻ، احمد خان ڀٽو، ثاقب علي گولو، عامر علي، شعيب مگسي، گل محمد ساند، غلام حسين ڪنڀر ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.