سوال/سروي … ڪڻڪ خريداري جا مرڪز نه کلي سگهيا، واپارين اگهه به ڪيرائي ڇڏيو، آبادگارن تمام گهڻا پريشان آهن: عوام

0
25

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪڻڪ اسڪينڊل: وزيرن، ڪامورن ۽ واپارين جو گڏجي آبادگارن سان ظلم: ڇا اوهان جي علائقي ۾ ڪڻڪ جي خريداري شروع ٿي آهي؟ ڇا سرڪاري اگھ تي عمل ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان جي شهرن ۾ اڃا سرڪاري خريداري مرڪز ناهن کلي سگهيا، اهو به چيو ويو ته بارداڻو من پسندن کي ڏنو ويو، ڪڻڪ جي سرڪاري اگهه تي به عمل نه ٿي رهيو آهي، آبادگار پريشان آهن، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فياض حسين راڄپر لکيو ته سگريٽ ضرورت ناهي پر ان کي ٺاهڻ وارا ڪروڙ پتي آهن، شراب ضرورت ناهي پر ان کي ٺاهڻ وارا ڪروڙ پتي آهن، ڪڻڪ ضرورت آهي پر اها پوکڻ وارا دربدر آهن، خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀوديرو جي شهر راڻيپور ۾ گذريل ٻه مھينن کان کليل آهي. واپارين پاران هڪ هٽي ڪري ڪڻڪ جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو جڏهن ته سرڪاري اگهه 4000 مقرر سرڪاري سينٽرن تي نالي ماتر آهي سينٽرن تي فوڊ انسپيڪٽر پاران پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري باردانو واپارين کي ڪروڙين روپين عوض وڪرو ڪرڻ سلسلو جاري آهي. هاري بارداڻي کان محروم آهن، سينٽرن تي بارداڻي لاءِ آبادگار  ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌڪا کائڻ لڳا پر هڪ به بارداڻو آبادگارن کي نه ملي سگهيو آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آبادگارن جو مطالبو آهي ته فوڊ انسپيڪٽر پاران بارداڻن ۾ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي. اسد زرداري لکيو ته سرھاڙي شھر ۾ ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ سرڪاري مرڪز کلي نه سگھيا آھن نه وري آبادگارن ڪنھن کي بارداڻو ڏنو ويو آھي باردانو نه ملڻ جي ڪري آبادگار پيڊي مالڪن ۽ واپارين کي گھٽ اگھه تي ڪڻڪ وڪڻڻ تي مجبور آھن واپاري ملي ڀڳت ڪري گھٽ ريٽ تي ڪڻڪ خريد ڪري ٻنھي ھٿن سان آبادگارن کي ڦري رھيا آھن شھر ۾ خريداري مرڪز نه کلڻ جي ڪري نقصان ھاري ۽ زميندارن کي ٿي رھيو آھي سرڪاري اگھه تي عمل ڪو نه ٿي رھيو آھي. محمد حسين لکيو ته سرهاڙي ۾ سينٽر کليو آهي پر آبادگارن کي ڪوبه رليف نه مليو هتان جا مقامي ڀوتارپنجهي من پسند ماڻهن کي ڏين پيا هاري طبقو گهٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ تي مجبور آهي، سنڌ سرڪار ڪو به قدم ناهي کنيو، وحيد ڄامڙو لکيو ته راڻيپور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪڻڪ جي سرڪاري اگھه تي عمل ناھي ٿي سگھيو سيٺيون ھارين کان 3000 ھزار في مڻ ڪڻڪ خريد ڪري رھيا آھن سرڪاري بارداڻو فوڊ کاتي جي آفيسرن واپارين کي وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ ڪجھه من پسند آبادگارن کي ڏئي سندن کان في ڪٽي تي 400 سو رپيا رشوت ورتي پئي وڃي جيڪو ھارين سان سراسر ظلم ۽ زيادتي آھي ھارين معاشي قتلام ٿي رھيو آھي ھاري جو سڄو گذارو انھي ان پوک تي ھوندو آھي سردي گرمي ٻارن ٻچن سميت لوڙي لوچي فصل تياري ڪري مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو ھاري کي فصل جو مناسب اگھه نه ٿو ملي تڏھن سندس سور ٻيڻا ٽيڻا ٿي وڃن ٿا سڄو سال انھي آسري تي سيٺين کان قرض پکو کڻي گھر جو چرخو ھلائي ٿو ھاري جو سڄي سال جو وھنوار ، مرڻو پرڻو ، غمي شادي بيماري بڙي اٿي ويٺي انھي پوک تي ھوندي آھي ھن ڪرپٽ نظام ۾ ھاري کي رليف نه پيو ملي ٻج ڀاڻ کان ويندي ھر شي مھانگائي ملي ٿي، سستو آھي صرف ھاري جو فصل پوکڻ مھل 3400 سو واري يوريا ڀاڻ جي ٻوري 6000 ھزار رپيا ۾ ملندي آھي جڏھن ھاري جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته سرڪاري پاران مقرر ڪيل اگھه 4000 بدران في مڻ جا 3000 ھزار رپيا ڏنا پيا وڃن ھتي ابتي گنگا وھي رھي آھي ھاري جو بار بار معاشي قتلام ٿئي ٿو، سرڪاري ڪامورا توڙي حڪمران گونگا ٻوڙا بڻيل آھن، انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو ڪم پيو ھلي ھتي ڪير پڇڻ وارو ناھي بس سڀ سور ڏک تڪليفون اھنج عوام جو مقدر بڻيل آھن حڪمران توڙي آفيسر شاھي پنھنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آھن غريب مري بچي ھنن جو ڇا وڃي وارو راڳ پيا ڳائن، بشير احمد لکيو ته 3000 ۾ مڻ ٿا وٺن واپاري ڪوٽ مير محمد ۾، اصغر علي ٿهيم لکيو ته اسانجي علائقي ۾ خريداري شروع ناهي ٿي، نعمت الله راهمون لکيو ته جي نه، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته ضلعي سانگهڙ جي تعلقي شھدادپور ۾ ننڍن زميندارن ۽ هارين کي اڃا تائين بارداڻو ناهي ملي سگهيو ۽ ڪڻڪ جو ريٽ هرروز 3کان 4 سئو رپيا گهٽ ٿيندو پيو وڃي غريب هاري پريشان آهن بارداڻو صرف من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي يعني وڏيرن سردارن کي مليو آهي، اسان جي شھر مقصودو رند ۾ 7هزار تي ڪڻڪ پئي خريداري ٿئي اهو گورنمينٽ جو غريب عوام سان ظلم آهي اهو ظلم بند ڪري هارين کي پنهنجو حق ڏنو وڃي. ارشاد علي سومرو لکيو ته اسان جي علائقي ميھڙ تعلقي جي ڪچي واري علائقي شاھه پنجو سلطان ۽ راڌڻ ۾ ڪڻڪ جي خريداريءَ وارا سرڪاري مرڪز کلي نه سگھيا آھن نه وري ڪنھن کي بارداڻو ڏنو ويو آھي جنھن ڪري آبادگار سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رھيا آھن واپاري ملي ڀڳت ڪري گھٽ ريٽ تي ڪڻڪ خريد ڪري ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيا آھن ھوڏانھن ڪڻڪ جو ريت گھٽ ھئڻ جي باوجود اٽو ساڳئي ريٽ تي وڪرو ٿي رھيو آھي حڪومت ڄاڻي واڻي ڪڻڪ خريداري واري مسئلي کان ڪن لاٽار ڪري رھي آھي جنھن جو نقصان سنڌو سئون ھاري ۽ زميندارن کي ٿي رھيو آھي. اختر خان لکيو ته ميرپور ماٿيلو ۾3000 اگهه هلي ٿو، اياز کهاوڙ لکيو ته اسان جي ضلعي گهوٽڪي اندر صفا ڪڻڪ نٿي ورتي وڃي گوادم تي. ٻاهريان واپارين کان پنهنجي من پسند جيڪي اٿن انهن کان هارين کي ٻنهي هٿان ڦرايو ٿو وڃي. بارادڻو رڳو اميرن ۽ سردارن کي ملي سگهيو آهي. غريب هاري 28سئو کان 29سئو تائين ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي. جمشيد علي مشوري لکيو ته ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڪڻڪ جي خريداري مڪمل بند آهي بارداڻو نه ملي سگھيو آهي سنڌ حڪومت واپارين جي ملي ڀڳت سان غريب ھارين سان ظلم ڪري رھي آھي جنهن جي ڪري اسان وٽ ڪڻڪ جو ريٽ 2800 في مڻ ھلي رھيو آھي جيڪا 3 مھينن کان پوءِ 15000 ۾ ٻوري ملندي يوريا ٻوري روڪ 6000 ۾ ملي ٿي ۽ فصل تي 10000 ۾ ملي ٿي ڊي اي پي ٻوري ڪيش 14000 سال تي 25000 کان 30000 رپين ۾ ملي ٿي وڏي مشڪل سان آبادگار فصل کڻن ٿا.خادم حسين چاچڙ ۽ بلاول بلوچ به ڪڻڪ جي خريداري شروع ناهي ٿي نه ئي سرڪاري ڪي قدم کنيا آهن.