سوال/سروي … ڪيترائي ماڻهو زال کان ڪاوڙجي به گم ٿي وڃن ٿا: سرفراز بگٽي … گم ٿيل ماڻهن بابت گهرو وزير جو بيان افسوسناڪ قرار، عوام ۾ ڪاوڙ

0
57

 دي ٽائيم  نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته گمشدگين ۾ فرق آهي، ڪيترائي ماڻهو زالن سان ڪاوڙجي به گم ٿين پيا: وفاقي گهرو وزير جي ان بيان کي ڪيئن پيا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته گهرو وزير جي بيان تي افسوس ٿيو، سندس لفظن جي مذمت ڪريون ٿا، گهرو وزير جو بيان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي، گهرو وزير غيرذميواراڻو بيان ڏنو آهي، ڪيترائي نوجوان ورهين کان گم آهن، قوم سان مذاق بند ڪريو، گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته سرفراز بگٽي کان ائين چوَرايو ويو آهي، گل حسن شر لکيو ته ۽ اھڙا ماڻھو به مسنگ آھن جن جي شادي به ناھي ٿيل گهرو وزير جو بيان غيرزميوراڻو آھي ڪجھه ڪري نٿا ڪري سگھو ته مھرباني ڪري طنز به نه ڪيو، نديم نياز ميمڻ لکيو ته وفاقي گهرو وزير جي اهڙي بيان تي بيحد افسوس ٿيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي سنڌي توڙي بلوچي نوجوانن جي خبر چار ئي ناهي ته اھي ڪهڙي ملڪ منجهان گم ٿي ويا آهن، باقي قوم سان اهڙي مذاق نه ڪيو، سڀني کي انسانيت جي حوالي سان آزادي ڏيارڻ ۾ وفاقي حڪومت مددگار بڻجي ته بهتر ٿيندو. پيار علي چانڊيو لکيو ته سرفراز بگٽي جو اھڙو بيان مسنگ پرسن ماڻھن جي وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي سرفراز بگٽي کان ڇا بلوچستان جون حالتون وسري ويون آھن بلوچستان جا ڪيترا نوجوان ورھين کان گم آھن جن لاءِ وارثن راڄڌاني تائين احتجاج ڪيا ۽ ڪندا رھن ٿا اھڙي وقت ۾ سرفراز بگٽي جو ھي بيان بلوچ قوم سان ڪھڙي ھمدردي جو اظھار ٿو ڪري؟ الاهي بخش لکيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪار اسان جي چونڊيل نمائندن کي ٿيو ڇا آهي جيڪي اهڙا بيان ڏئي ڏکايل دلين کي ويتر ڏکايو ڇڏين، وزيرن جي اهڙن بيانن تي ماڻهو افسوس ئي ڪري ٿا سگهن، رشيد ڀيو لکيو ته اھڙا جي وزير ھوندا ته ڇو ڪونه نسلن جا نقصان ٿيندا، مختيار مولائي لکيو ته سنڌ ۾اھڙا ڪيترائي سنڌي نوجوان ۽ نياڻيون گم آھن ٺل جي نياڻيءَ فضيلا سرڪي کي ھن محل تائين الائي ڪيترائي سال ٿيا آهن پر ھن وقت تائين ظاھر نه ڪيو ويو آهي.پر اھڙا بيان سرفراز بگٽيءَ کي نه ڏيڻ گهرجن، ڇا اهي ماڻهو هٿ سان گم ڪيا ويا آهنم ذوالفقارعلي صديقاڻي لکيو ته انتهائي دل ڏکوئيندڙ بيان آهي، ساگر علي رضا لکيو ته اهو بيان رياست جي چوڻ تي ڏياريو ويو آهي. نديم نياز ميمڻ لکيو ته وفاقي گهرو وزير جي اهڙي بيان تي بيحد افسوس ٿيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي سنڌي توڙي بلوچي نوجوانن جي خبر چار ئي ناهي ته اھي ڪهڙي هنڌ آهن اهي گم ڪيا ويا آهن ، باقي قوم سان اهڙي مذاق نه ڪيو، سڀني کي انسانيت جي حوالي سان آزادي ڏيارڻ ۾ وفاقي حڪومت مددگار بڻجي ته بهتر ٿيندو. اياز کهاوڙ لکيو ته افسوس آهي اھڙي بيان جو. جتي سنڌ جي اندر هزارين سنڌي نوجوان گم آهن ڇا اهي به اهڙي اشو تحت گم آهن هرگز نه اهو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي هن کي رڳو 24ڪلاڪ بند ڪن جيل ۾ پاڻھي سڀ ظاهر ٿي پوندا، اسد زرداري لکيو ته افسوس آھي وفاقي گھرو وزير اھڙي بيان جو ڪيترائي نوجوان خبر ناھي ڪٿي قيد آھن ڪيترن مھينن کان گم آھن وري وفاقي گھرو وزير اھڙو گھٽيا بيان ڏئي گم ٿيل ماڻھن جي مائٽن ۾ اڃان پريشانين ۾ اضافو ڪيو آهي، ڇٽو خان جکراڻي به ردعمل ڏنو، ڄام فقير رند لکيو ته اهڙو بيان ڏيڻ مناسب ناهي، تاج سرڪي لکيو ته گهرو وزير جو بيان غلط آهي، عاشق حسين رند لکيو ته گهرو وزير سرفراز افسوس جي سوچ تي افسوس ٿيو،  توهان جو ڪو ٻار گم ٿئي ته توهان کي خبر پئي، توهان کي اها خبر هجڻ کپي ته سنڌ اندر هڪڙا نوجوان وڏيرن جي بنگلن تي قيد آهن ٻيا ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن، اوهان پڇو انهن مائرن کان جن کان گلن جهڙا ٻچا سالن کان وٺي کسيا ويا آهن اڃا تائين ناهن موٽيا ۽ سردارن ۽ وڏيرن جي بنگلن ۽ زمينن تا انهن جا لاش ملندا آهن ۽ ڪچي جا ڌاڙيل ته بدنام آهن توهان ٿا چئو زالن سان ڪاوڙجي ٿا وڃن، توهان جي انهي لفظ گهڻن مائرن جي فٽن تي لوڻ هاريو هوندو، اسان انهي لفظن جي مذمت ڪريو ٿا.