ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تان عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور واسين جو بدامني خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج: وزيراعظم پاران ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جو حڪم: آپريشن ڪامياب ڪيئن ويندو؟ امن ڪيئن ٿي سگهندو؟ اوهان جون ڪهڙيون تجويزون آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پهريان سردارن ۽ وڏيرن کي جيل ۾ بند ڪريو، پوءِ ضلعي جي سڄي پوليس تبديل ڪئي وڃي، تڏهن آپريشن ڪامياب ويندو، سروي ۾ چيو ويو ته فوج ۽ رينجرز آپريشن ڪري، پڪي جي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ٿئي، سهولتڪارن کي به سوگهو ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حبيب الله ڀٽو لکيو ته ھڪ صوبي اندر ٻه قانون ختم ڪري ھڪ قانون لاڳو ڪيو وڃي. ٻن فورسز مان ھڪ ختم ڪئي وڃي ۽ ھڪ مڪمل اختيارن سان پراونشل پوليس ايڪٽ تحت عوام کي انصاف ۽ امن ڏياري. سارنگ منير سومرو لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي جوانن کي سلام جن 14 سئو ڪلو ميٽر پند ڪري اسلام آباد کي لوڏائي ڇڏيو ۽ وزير اعظم نوٽيس وٺڻ تي مجبور ٿيو وزير اعظم پاران آپريشن جي اعلان جي آجيان تڏهن ڪنداسين جڏهن اھو اعلان بجيٽ ھڙپ ڪرڻ لاءِ نه پر ڏوھاري ختم ڪرڻ لاءِ ھوندو، الياس سمون لکيو ته جيستائين اسيمبلي ۾ پڪي جا ڌاڙيل موجود آھن تيستائين ڪچي جي ڌاڙيلن کي ڪجھه ڪونه ٿيندو، زبير احمد ڊيهو لکيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا وڏيرا ٻڌو پوليس کي ضلعي بدر ڪري ڪنھن ٻئي ضلعي مان پوليس وارا گھرايا وڃن….ايس ايس پي کان ڊي آءِ جي تائين پنجاب جا آفيسر رکيا وڃن، ڪي بي چنا لکيو ته شهباز شريف جو اعلان ايئن ئي آهي، ڪجهه نه ٿيندو، علي اڪبر بروهي لکيو ته پھريان اتان جي سردارن ۽ وڏيرن کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي آپريشن جي ضرورت ئي نه پوندي، سنڌي عرض بنگلاڻي لکيو ته جيستائين سردار ڀوتار وڏيرا پير ۽ پوليس خود به ڏوھارين جي سھولتڪاري ختم نه ڪندا امن امان ھڪ ديواني جي خواب برابر آهي، سمورن ڏوھارين ۽ ڪرمنل سوچ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سينگار علي لکيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل نه ٿيندو آپريشن خالي نالي ماتر ٿيندو جيئن ڌرڻو ختم ٿي وڃي، نقاش پيرزادو لکيو ته امن سنڌ حڪومت چاھي ڪونه ٿي، نياز محمد خواجه لکيو ته 80 سيڪڙو ڏوھاري پوليس پئي ٺاھي، وڏيرا ۽ پوليس ڏوھارين جي سھولت ڪار آهي، ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي، اسامه سنڌي لکيو ته ڪشمور ضلعي جو امن ھٿ سان خراب ڪيو ويو آهي اوھان پاڻ ڏسو وچ ملڪ اندر هٿيار ڪيئن ٿا پهچن، بلاول سنڌي لکيو ته بدامني ھٿ سان ڪئي وئي آھي، ان ۾ وڏي ۾ وڏو ھٿ پيپلزپارٽي جو آھي، ڇاڪاڻ ته ڌاڙيلن سان ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز مليل آھن، باقي پوليس انتظاميه به رشوت وٺڻ کان مڙي نٿي، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته پوليس ۽ سردارن جي سهولتڪاري سان ڌاڙيل پروان چڙهيو آهي رياست خود جيسين ڌاڙيل راڄ جي پٺڀرائي ڪندي تيسيتائين بدامني ختم نه ٿيندي جيڪا آپريشن جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي ان ۾ صرف ڪچي جي زمينن تي قبضو ڪيو ويندو ۽ ڪمپنين حوالي ڪيون وينديون. محمد پليجو لکيو ته سردار، وڏيرا ذميوار آهن، علي شوڪت ڀنگوار لکيو ته فوجي آپريشن جي ضرورت آهي، فقير حاڪم علي ڀرٽ لکيو ته سردار امن نٿا چاهين، فقير مير حسن لکيو ته آپريشن جي نگراني پاڪ فوج ڪري ۽ پوليس ٽوٽل آفيسر ۽ اڌ اسٽاف ٻين ضلعن مان اچن، تنها بلوچ لکيو ته وڏيرا امن ٿيڻ ڪونه ڏيندا، فاروق احمد انڍڙ لکيو ته ادارا سچا ٿين ته امن ٿي سگهي ٿو، هزار خان باجڪاڻي لکيو ته رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن، زاهد زرداري ۽ نظير ملاح به سروي ۾ حصو ورتو، محمد خان چاچڙ لکيو ته وزيراعظم جي مطابق ڪشمور جي نمائندن سان ملي ڪري امن امان بحال ڪيو وڃي، مطلب عوام ساڳيو سورن ۾ هوندو، سائينداد سميجو لکيو ته سنڌ پوليس کي پنجاب موڪليو وڃي، ڊاڪٽر عبدالرئوف ڪانڌڙو، صاحب خان به سروي ۾ حصو ورتو، سراج عظيم لکيو ته ڀوتارن کي ٻڌو سڀ ڌاڙيل هٿ ڏيندا، گل حسن شر لکيو ته وزيراعظم جو اھو قدم قابل تعريف آھي ڏوھارين خلاف آپريشن ۾ تعاون لاءِ مقامي ماڻھن کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ سھولتڪارن کي آپريشن کان اڳ ۾ ناڪيلي وجھڻ گھرجي سھولتڪار به برابر جا شريڪ آھن انھن جي به اھائي سزا ھجڻ گھرجي جيڪا ھڪ ڏوھاري جي آھي، دليپ لکيو ته گهر گهر تلاشي ورتي وڃي، مظهر انور جتوئي لکيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ واري صورتحال دادو ضلعي اندر به آهي ھر روز چوريون ڦرون عروج جي تي آھن پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري پئي جوھي تعلقي ۾ ھڪ رات اندر 9 وارداتن جو انڪشاف ٿيو، گل حسن پنهور لکيو ته فوجي آپريشن ڪيو وڃي، شفيق لولائي لکيو ته ڊرون حملا + لوڪل ڪو سپاهي يا آفيسر نه هجي آپريشن ۾ تڏهن ئي نجات ممڪن آهي، بلال حيدر به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، اعظم سهرياڻي لکيو ته ڀلي پوليس ڪيڏا به آپريشن ڪري پر ڪڏهن به ڪاميابي نه ٿي ملي سگهي، ان جا سبب هي آھن ته لوڪل پوليس اهلڪار جڏهن به ڪنهن ڏوهاري کي مارين ٿا ته اتان جا ڀوتار انهي مارجي ويل ڏوهاري جي مالڪي ڪن ٿا ته فلاڻي پوليس اهلڪار اسان جي راڄ جو ماڻهو ماريو آھي ان کي نه ڇڏيو وڃي پوءِ اهي پوليس ويچارا تنگ ٿي 30 .30 لک مارجي ويل ڏوهاري جا جرڳي ۾ ڀري ڏين ٿا هن وقت ڪنڌڪوٽ ڪشمور جا حالات انتهائي نازڪ آھن ماڻهو گهرن تائين محدود آھن جيڪو ٻاهر نڪري ٿو ڦرجي ٿو وڃي، ڪنڌڪوٽ جو امن ٻن طريقن سان وري بحال ٿي سگهي ٿو هڪ ته لوڪل پوليس کي ضلع بدر ڪري ٻاهرين ضلعن کان پوليس اهلڪار گهرايا وڃن هڪ پوليس اهلڪار مقامي نه هجي اگر ايئن نه ٿا ڪري سگهن ته ٻيو طريقو هي آھي ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي سردارن کي هٿڪڙيون جيل ڀيڙو ڪيو وڃي، جهڙي به قبيلي جو سردار هجي انهن سڀني کي چڱي طرح ڄاڻ آھي ته ڏوهاري ڪير ۽ ڪٿان جا آھن ، هتان جي ڀوتارن کي جيل ڀيڙو ڪيو وڃي، علي سدار لکيو ته ايس ايس جي آپريشن فقط 3 ڪلاڪ، محمد آصف آرائين به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته پوليس رينجرز ۽ چونڊيل نمائندن جا نمبر ٽريس تي رکيا وڃن، ڌاڙيلن تائين هٿيار پهچائڻ وارن کي گرفتار ڪيو وڃي ضرور آپريشن ڪامياب ويندو، ايم ڪي ڀٽو لکيو ته ڪشمور، گھوٽڪي،شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو وڃي. ملوث وڏيرا، سردار،وزير ۽ پوليس آفيسر گرفتار ڪيا وڃن. ميان افضل انڍڙ لکيو ته فوجي آپريشن ڪيو وڃي، چانگ امجد علي لکيو ته سڀ کان پهريان اتان جا علائقائي ڀوتار گرفتار ڪري جيل موڪليا وڃن، پوليس ۽ رينجرز جون پڪٽون قائم ڪيون وڃن، ان آپريشن جي چارج آرمي ايف سي ليويز ۽ آرمي کي ڏني وڃي، شاهد علي لکيو ته زمينن تي والار ٿيندي وسيلن جي ڦرلٽ ٿيندي وڏيرا ۽ سرڪار ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا ڪجهه وڏيرا پنهنجي راڄ مان هڪ اڌ ماڻهو پيش ڪندا مسئلو حل ٿي ويندو، عبدالصمد لاشاري لکيو ته شھيد اسلام ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب پنهنجي آخري خطاب ۾ فرمايو ھيو ته قبيلن جي سردارن نوابن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ٽنگيو ويندو ته خود بخود امن امان قائم ٿي ويندو، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته جيتري تائين پوليس سردارن وڏيرن جي سهولتڪاري ختم نه ٿيندي پوليس آفيسرن جا نمبر ٽريس ڪيا وڃن سڄو معاملو حل ٿي ويندو، ادب سنڌي ڀيو لکيو ته اسان جي ايڏي بيوسي آھي جو انهن جونالو به نٿا وٺي سگهون جنھن امن تباھه ڪيو آھي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته حڪمران پاڻ چور آهن، محراب علي سميجو لکيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو، بلال حيدر به سروي ۾ حصو ورتو، قربان علي ميراڻي لکيو ته اصل ۾ ڌاڙيل ڪلچر سنڌ حڪومت جو پيدا ٿيل آھي ھاڻي به جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڌاڙيلن خلاف مؤثر آپريشن ڪرائڻ جي حق ۾ آھي ته آپريشن به ڪامياب ويندو جيڪڏهن سنڌ حڪومت سٺي نموني سھڪار نه ٿي ڪري ته صرف آپريشن نالو ھوندو ۽ وفاق کان وڏي رقم ورتي ويندي جيڪا ملي ڀڳت ڪري ھضم ڪئي ويندي، حسين بخش به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالحئي مير لکيو ته فوجي آپريشن ٿيڻ گهرجي ته پوءِ ڪامياب ٿي سگهي ٿو، باقي سنڌ سرڪار جو آپريشن صرف بجيٽ کي رڳڙو ڏيڻ وارو آپريشن هوندو، ڪچي ۾ آپريشن سان گڏو گڏ پڪي ۾ انهن جي سهولتڪارن خلاف آپريشن ڪيو وڃي ۽ ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ چونڊيل نمائندن کي به پڪڙيو وڃي، زاهد خان لکيو ته ايم اين اي ۽ ايم پي ايز خلاف ڪارروائي ڪريو، محمد ابراهيم لکيو ته جيتري تائين آرمي نه ايندي ڪشمور ۾ امن ممڪن ئي ناهي، اويس جلباڻي، سمير احمد، نماڻو نوناري به سروي ۾ حصو ورتو، حزب الله ڀٽو لکيو ته وزيراعظم شھباز شريف پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته ڪشمور ضلع ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو وڃي پر آپريشن کان اڳ ۾ مقامي چونڊيل نمائندن سان صلاح مشورا ڪيا وڃن، پر وزير اعظم کي ڪير سمجھائي ته سائين منھنجا مقامي چونڊيل نمائندن جا پنھنجا راڄ وارا ڌاڙيل آھن ڦر چوري اغوا ڀتو وصول ڪرڻ ۾ انھن جي راڄ جا ماڻهو آھن پوءِ چونڊيل نمائندا ڪيئن چاهيندا ته ضلع ڪشمور ۾ آپريشن ٿئي، چونڊيل نمائندن کي ۽ انھن جي ساٿارين وڏيرن سردارن جي ايجنٽن کي گرفتار ڪري پوءِ فوج ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪيو وڃي، منٺار علي لغاري لکيو ته رينجرز جو وڏو زبردست آپريشن ڪيو وڃي ، انکانپوءِ ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ رينجرز چوڪي قائم ڪئي وڃي، خالد محمود لکيو ته اگر وفاق طرفان آپريشن ٿيو ته ڪامياب ويندو ، نثار احمد فاروقي لکيو ته ملوث وڏيرن سردارن پوليس آفيسرن کي ٽنگيو امن ٿيندو، هادي بخش کوسو لکيو ته پهرين ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي سمورن سردارن کي لاڪپ ڪري پوءِ آپريشن ڪيو وڃي، حاجي ثناءُالله شيخ، محمد مريد باجڪاڻي، نزاڪت علي شر، ربنواز، حفيظ حمزه ٻپڙ به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالرحمان اوڳاهي لکيو ته آرمي آپريشن ٿئي سڀني سردارن کي ٽنگيو وڃي، ڪليم راڻا ڀيو لکيو ته چونڊيل نمائندا مداخلت نه ڪن ته آپريشن ڪامياب ويندو، ملڪ آصف ، اسدالله اوڳاهي به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته آپريشن مقامي ماڻهن جي سهولت سان ڪاميابي حاصل ڪندو. محمد يوسف جعفري لکيو ته پڪي جا ڌاڙيل ختم ڪريو، عبدالستار لنڊ لکيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل نه ٿيندو بس ڌرڻو ختم ڪرايو ويو، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ سرداري علائقو آهي، عبدالباسط چنا، محمد نواز، شهداد علي اوڳاهي به سروي ۾ حصو ورتو.