سوال/سروي … ڪالاباغ ڊيم هجي يا ڪئنال، سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت قبول نه ڪندو، عيد کانپوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو: عوام

0
27

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا موجود هجڻ جو انڪشاف: سيڪريٽري پاڻي چيو آهي ته چولستان ڪئنال جو افتتاح ٿي چڪو: مڪمل به ٿيندو: سيڪريٽري پاڻي جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڪئنالن واري معاملي تي اوهان ڇا چوندا آهي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪالاباغ ڊيم هجي يا ڪئنال سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت قبول نه ڪندو، عيد کانپوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو، سنڌ سان ايتريون ناانصافيون ٿيون آهن، جو هاڻي برداشت ختم ٿي وئي آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سڌير ملاح لکيو ته سنڌين سان بلوچن کان وڌيڪ ناانصافيون ۽ بيواجيون ڪيون پيون وڃن. بلوچ ته دير سوير وري به دڳ جهلي بيهي رهيا سنڌين کي به هاڻي حيدري نعري هڻڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھه ڪونهي. طاقتور ٻولي به ڏاڍ جي ئي سمجهندو آھي. غلام قادر لکيو ته ڇھه ڪروڙ سنڌي سراپا احتجاج آهن پر ن ليگ سان ڀاڱي ڀائيوار پيپلز پارٽي خالي ٺهراءُ پيش ڪري سنڌي قوم جي ڪروڌ مٿان پاڻي جي ڇٽڪار ڪري رهي آهي جنهن جو نقصان ايندڙ وقت ۾ واضع نظر ايندو. سارنگ منير سومرو لکيو ته پيپلز پارٽي جھڙي سنڌ سان ڪئي آھي اھڙو آمريڪا به عراق ۽ افغانستان سان نه ڪيو پيپلز پارٽي ياد رکي ان جو به حشر افغانستان کان بدتر ٿيندو، مشتاق جوکيو لکيو ته پھريان پاڻ منظوري ڏني، شھيد خالد سومرو چيو ھو ته 100قرآن کڻايو پر ھي ڪئنال ڪڍندا، اي ڊي سومرو لکيو ته ھاڻي ڪيتريون به صفايون ڏيندا پر ڪجھه ڪونه ٿيندو پنهنجن ھٿن سان ڌارين سان گڏ ڌاريا تي ڌاڙو ھنيو آھي، نويد خان لکيو ته زرعي ٽيڪس لڳائي، مختلف ضلعن ۾ پاڻي کوٽ جا ليٽر جاري ڪيا ٿا وڃن ته جيئن ماڻھو زراعت کان بيزار ٿي زرخيز زمينون ڀڳڙن مٺ تي کپائي ڇڏين، پھريان ھٿرادو ٻوڏ ۽ پوءِ دريائن جو پاڻي سڪائي اتي ڌاڙيل آباد ڪيا ويا ۽ ھاڻي وري ڪئنال ٺاھيا ٿا وڃن، افضل مگسي لکيو ته سيڪريٽري پاڻي جي پيءُ جو درياءَ ڪونهي هن چيو ٿي ويو سڀ سنڌي گڏ ٿين پنجاب ويندڙ دڳ بند ڪن ڪنهن جي پيءُ کي طاقت ڪانهي ڪئنال ٺاهي سگهن عيد کان پوءِ ائين ٿيندو، عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا موجود هجڻ جو انڪشاف، ڪالاباغ ڊيم پنجاب جو اهو خواب آهي، جنهن کي هو صورت مڪمل ڪرڻ چاهين ٿا، پر اها سندن ڀل ۽ خوشفهمي آهي، سنڌ ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم کي ٺهڻ ۽ سنڌ کي مرڻ ڪونه ڏيندي، چولستان ڪئنال جو افتتاح ٿي چڪو: مڪمل به ٿيندو: سيڪريٽري پاڻي. جيڪڏهن افتتاح جِي ڳالھه آھي، ته نصيرآباد تعلقي اسپتال جي افتتاح کي به خيرن سان 4 سال گذري ويا آهن، پر مڪمل ناهي ٿي، سو ڪنهن به صورت ۽ قيمت تي ڪئنال رٿا کي مڪمل ٿيڻ نه ڏينداسين، ڀلي پوءِ ڇو نه ويڙھ ڪرڻي پوي. سيڪريٽري پاڻي جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ سيڪريٽري پاڻي ويچارو پرچي پڙهي ٻڌائڻ وارو آهي، طاقتورن کي خبردار ٿا ڪريون  ته ڏينهن جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي، سنڌ سان ايتريون ناانصافيون ٿيون آهن، جو هاڻي برداشت ختم ٿي وئي آهي، ان ڪري عقل کان ڪم وٺو ۽ ڪئنالن سميت ڪارپوريٽ فارمنگ وارو زبردستي منصوبو هميشه لاءِ ختم ڪيو، ڪئنالن واري معاملي تي اوهان ڇا چوندا آهي ؟ ڪئنالن واري معاملي تي بس ايترو چوندس، ته 1945 کان هينئر 2025 تائين پاڻي معاملي تي جيڪا به ٺڳي ۽ واعدي خلافي ڪئي وئي آهي، اها بند ڪئي وڃي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، وفاق کي گهرجي ته سنڌ جي آواز کي ڪن ڏئي ٻڌي، جيڪڏهن ائين ئي ٻوڙائپ جو ڍنگ ڪري سنڌ جي آواز کي اڻ ٻڌو ڪيو ويو، پوءِ اهو آواز نه رڳو ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ پر فيڊريشن خلاف به اٿندو. نويد خان لکيو ته سنڌ صوبي ۾ پاڻي صرف شاخن ۽ واھن لاءِ نه پر جر لاءِ به نوي سيڪڙو درياءَ جو پاڻي آهي جيڪڏھن درياءَ جي پاڻي تي قبضو ڪرايو ويو ته پوءِ سڄي سنڌ ۾ جر جو پاڻي ٻاڙو ۽ کارو بڻجي ويندو، جيڪي پاڻي نه پيئڻ جي لائق رھندو نه ئي بورنگ ذريعي فصل جو ۽ جر به وڃي تر وٺندو، 40 کان 50 فٽ واري بورنگ 70 کان 90 فٽن تي وڃي بيھندي، سنڌو درياءَ صرف ذرخيز زمينن لاءِ نه پر ھرھڪ ساھه واري مخلوق لاءِ جياپي جو واحد ذريعو آھي، اسان سنڌي قوم سنڌ کي ريگستان ۽ بنجر ٿيڻ نه ڏينداسين، ۽ وقت جي ظالم حڪمرانن سان مزاحمت ڪنداسين، فراز احمد چانڊيو لکيو ته سنڌ سرڪار لاتعلقي جو اظهار ڪري، اعظم عالماڻي لکيو ته حڪمران سنڌو تي ڇھه ڪئنال ٺاھڻ چاھين ٿا نون ليگ ۽ ان جا اتحادي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ چاھين ٿا پر سنڌ جي عوام ان منصوبي خلاف جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آھي ان ۾ سنڌي عوام سرخرو ٿيندو ھي ڪمزور حڪومت گھڻو جٽاءُ نه ڪري سگھندي، عبيد چاچڙ لکيو ته تير کي ووٽ ڏيڻ وقت سوچيو ها، عاشق کوسو لکيو ته سنڌين کي ھڪ دفعا پنجاب ڏانھن ويندڙ رستا بند ڪرڻ گھرجن پنجاب ڏانھن ويندڙ ھر ھڪ شئي بند ڪرڻ گھرجي پوءِ پنجاب، اسلام آباد ۽ راولپنڊي وارن کي خبر پوندي، فريد ويسر لکيو ته ڪئنال سمورا نامنظور، تنها قادر شر لکيو ته سڌي طرح هاڻي سنڌي قوم کي پنجاب ڏي ويندڙ رستا روڊ بند ڪرڻا پوندا ۽ سنڌي قوم کي مزاحمت ڪرڻي پوندي هنن احتجاجن مان هنن حڪمرانن کي ڪو فرق نه پوندو..! راشد لکيو ته جيستائين صدر نه چاهنيدو تيستائين ڪم هلندو، شوڪت علي لکيو ته پ پ وارا ڪڏهن به سنڌي عوام سان سچا نه ٿيندا عوام هنن جي ڳالهين ۾ نه اچي سنڌ جي عوام کي اڃا به سڄاڳ ٿيڻو پوندو پنهنجي حقن خاطر، راجڪمار اوڏ لکيو ته اسان جي ملڪ جو سگهاريون قوتون چاهين ٿيون ته ڪالا باغ ڊيم سان گڏ ڪئنا به ٺاهيون ان تي به غور ڪريو ته سنڌ جي مٽي مان جنم وٺندڙ ملڪ جو صدر آصف زرداري به قوتن کان مطالبو ٿو ڪري ڪئنال نه ٺاهيو پ پ عوامي جي طاقت اڳيان مجبور ٿي ڪئنال نه کپن جو ڊرامو پئي ڪري، محمد اسلم لکيو ته بلڪل ڪالاباغ ڀلي نه به هجي پر تڪراري 6 ڪئنال ڪالاباغ جو ٻيو نالو آ مقصد فقط هڪ ئي آ ته سنڌ سرسبز ناهي ڏسڻي، منظور حسين لکيو ته اسان مان ڪي ماھر چونڊ ڪري ھڪ وفد جي شڪل ۾ روبرو چولستان جي تڪراري ڪئنالن ۽ سرزمين جو معائنو ڪري/جائزو وٺي اچي قوم کي حقيقت حال جي ٻڌائين.. عبيدالله سنڌي، نياز، احسان علي چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، ممتاز علي سميجو لکيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا رد ٿيل منصبوبو آهي سيڪريٽري آبپاشي جو بيان نفرت انگيز سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي ڪئنال ٺهندا ته پاڪستان کي ٺاهڻ واري سنڌ به پاڪستان کي رد ڪري پاڻ کي ٺاهي ميدان ۾ لهي پنهنجا حق وٺي سگهي ٿي رياست هميشه بندوق جي زور تي سنڌين کي يرغمال بڻائي سندن حقن تي پنجاب کي موجون ڪرايون آهن پنجاب 1853ع کان پاڻي چوري م ملوث رهيو آهي سنڌو اسانجو جياپو آهي جنهن لاءِ هر محاذ جي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون باقي سنڌو تي ڪوبه غيرقانوني منصبوبو ٺهڻ نه ڏينداسين، دسرت ڪمار، علي اڪبر ميمڻ، سينگار علي، گل حسن شر به سروي ۾ حصو ورتو، الهڏنو راهمون لکيو ته سنڌي ميڊيا پنھنجا وفد جائزي لاءِ موڪلي اصل صورتحال معلوم ڪري ماڻھن کي آگاھه ڪري، جاويد رحمان، ياسين جوڻيجو، زاهد راڄپر، اي ستار لنڊ، عرفان علي ملاح، اسدالله سنڌي، سارنگ راجا، الهرکيو کوسو، منور لال به ردعمل ڏنو، سرمد گاڏهي لکيو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ چولستان ڪئنال ھرگز قبول ڪونھن ڪئنال ۽ ڊيم سنڌين لاءِ ريڊ لائن آھن ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين سيڪريٽري جو بيان بدنيتي ته مشتمل آھي، مجيب الرهمان، محمد اسحاق، محرم علي، فقير ڪامران علي، نويد رضا، مير مقبول، فقير فهد مهر، محبوب علي گهنڃو، محمد صديق ملڪ، نماڻو نوناري، علي جان دايو، ايم اقبال راڄپر، خاموش خليل شر به سروي ۾ حصو ورتو، فهد مصطفيٰ جوکيو لکيو ته ھن صدي جو وڏي مان وڏو سنڌ کي تباھه برباد ڪرڻ جو منصوبو ڪئنال وارو آھي جتان پاڻي اچي ٿو افغانستان اھي چين جي مدد سان پنھنجي ملڪ ۾ ڪئنال ڪڍي رھيا آھن ان سان به پاڪستان ۾ ايندڙ پاڻي ۾ کوٽ ايندي ، پاڻي جي کوٽ باوجود پنجاب چاھي ٿو ته باقي پاڻي کي به روڪيو وڃي ته جئين پنجاب جون زمينون آباد ڪجن ، جھڙي طرھان سنڌي ماڻھو ميدان ۾ لٿو آھي پنجاب سميت اسٽبليشمنٽ کي به پيغام ملي ويو آھي ته ھي سنڌ ٻي سنڌ آھي نوجوانن جي سنڌ آھي ھاڻي نوجوان پنھنجي ڌرتي لاءِ جانيون ڏيڻ کان به نه ٿا ڪيٻائين، قادر بخش زئور لکيو ته سيڪريٽري سنڌ دشمن منصوبن جي حامي آھي سنڌ نه ڊيم قبول ڪندي نه ڪئنال قبول ڪندي، سمير احمد لکيو ته ڪئنال نامنظور. خير محمد کاڙت لکيو ته ڪالا باغ ڊيم ھجي يا ڪئنال سنڌ ۽ سنڌي قوم جو موت آهي اسان ڪنهن به صورت ۾ ٺھڻ نه ڏيندا سين،  عرفان علي لکيو ته ھٿيار کڻي جنگ ڪنداسين، بشير ميراڻي لکيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا رد ٿيل آهي، هاڻي هي 6 ڪئنال به تڪراري آهن، ڪڏهن به نه ٺهندا، جي ٺاهيا ويا ته سنڌ جو عوام ڊاهي پٽ ڪري ڏيندو اهڙي غلطي نه ڪن ته بهتر آهي نه ته سنڌ ۽ پنجاب جو دنگ ٿي ويندو. اشفاق چانڊيو لکيو ته سنڌو تي ڌاڙي خلاف سڄي سنڌ جو ردعمل ڏسي دل چيو متان سمجھي مئا مور سارا اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي، نظير بلوچ، ممتاز مولائي، مير بابر شاهاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، ابراهيم مخدوم لکيو ته سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت لت هڻي ڪيرائڻ گهرجي وفاق پهنجي هوڏ تي قائم آهي ڪئنال نٿا رڪجي سگهن ته پوءِ پيپلزپارٽي به وفاق سان هن ڪم ۾ ڀاڳي ڀائيوار آهي تنهن ڪري پيپلزپارٽي کي ليڪو ڪڍڻو پوندو… ايم سليم ملاح، سنڌي حفيظ ڀنڀرو، ڌڻي بخش نصيراڻي، محمد آصف سومرو، لونگ سکاڻي، قاسم خاصخيلي، محمد بخش، ميانداد راڄپر، دلدار ڪلوئي، تاج محمود انصاري، ساحل مهر، ساگر بازيگر، تاج محمد بلوچ، ايم عيسيٰ لنڊ،  حاجي محمد اشرف، عاقب وسطڙو، جاويد ڪيريو، سڪندر علي گرگيج، ايم موسيٰ لنڊ، ذوالفقار علي، سجاد، منظور ميمڻ، سيد ڪي ايم شاهه، حاجي جوڳي، رئيس سجاد ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.