ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پنجاب ڪالاباغ ڊيم جو به مطالبو ڪري ڇڏيو، پنجاب حڪومت چيو آهي ته اجلاس۾ صدر زرداري ڪئنالن جي مخالفت نه ڪئي، ٺاهڻ جي اجازت ڏني: جنهن تي ردعمل ڏيندي سنڌ سرڪار چيو آهي ته پنجاب جا وزير غلط بياني نه ڪن: پنجاب ۽ سنڌ سرڪار جي ان بيانن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، هڪٻئي خلاف بيان ڊرامو آهي، سنڌ جو عوام ڪالاباغ ڊيم هجي يا چولستان ڪئنال هجي پر ڪو به ڪئنال قبول نه ڪندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سيد منير حيدر شاهه لکيو ته ڊرامو آهي، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته وفاق پاڪستان، صرف پنجاب جي مفادن لاءِ رانگ نمبرن تي کيڏي ٽن صوبن جو استحصال ڪري، هر ڪم فارجري ڪري ٿو ، رڪارڊ آف رائيٽس ۾ پڻ پنهنجي مرضي جون تبديلون ڪرڻ سندس جهڙوڪ پراڻو مشغلو هجي ٿو، قربان عالياڻي لکيو ته پنجاب جا سياستدان توڙي بيوروڪريسي ۽اسٽبليشمينٽ هميشه سنڌ مخالف منصوبا جوڙي سنڌ کي بنجر ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيندا آهن، پنجاب اڪثريتي صوبو هجڻ ڪري بالادست آهي، سنڌ جاحڪمران ڪرپٽ۽ بيوروڪريسي ڪرپشن ۾ ساٿاري آهن، اهي هڪٻئي کي بچائڻ ۽ساٿ ڏيڻ ۾ پورا آهن، پنجاب جا حڪمران سنڌ جي اصليت ٻڌائي وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ پاڻ منظوري ڏئي هاڻي واويلا ڪري سياست چمڪائي رهيا آهن، ارشاد علي سومرو لکيو ته بس عوام کي بيوقوف ڪيون ويٺا آھن ٿيندو ڪجھه ڪونه، نه ڪالاباغ ڊيم ٺهندو نه وري سنڌوءَ درياءَ تي غير قانوني ڪئنال ٺھندا بس سياستدانن کي اشو گھرجي جيڪو کڙو ڪري ان تي سياست ڪندا ۽ عوام جو ڌيان پنھنجي ڪرتوتن تان ھٽائي پاڻ مزا پيا ڪندا سياست مان غلط فائدا پيا وٺندا اسان نعريبازي ۾ خوش، اقرار چانڊيو لکيو ته ٻنهي عوام دشمن ٽولن جو مقصد سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ آهي، ٻنھي ڌرين جا بيان عوام جي فائدن بجاءِ سنڌ جي غريب ماڻهن جي غربت ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، مختيار علي ڀاڳت به ردعمل ڏنو، زاهد راڄپر لکيو ته ٻنھي ڌرين جو ٽوپي ڊرامو آھي، ظفر حسين لکيو ته اهي سياسي ماڻهو ناهن، مشتاق مهيسر لکيو ته جڏھن سنڌ پنجاب جو باڊر بند ٿيندو ته پوءِ خبر پوندي پنجاب کي گهڻي ويھين سئو آھي پنجاب کي ڪھڙي طاقت آهي جو سنڌ جو پاڻي بند ڪندو، مجيب سنڌي لکيو ته سڄو ڊارمو آهي، راجا رميش لکيو ته ھي سڀ ھڪ آھن ٻڌڻ ۾ ٻه آيا، سيد مشتاق شاهه به سروي ۾ حصو ورتو، غلام ڪبريا لکيو ته صرف پنھنجو مفاد، علي اصغر لکيو ته هي ٻئي پارٽيون اقتدار سڀ ڪجھه لکي ڏيڻ لاءِ تيار هوندا نواز ۽ زرداري جو ڳٺجوڙ آھي هڪ ٻئي تي سياسي الزام بازي ڪري عوام کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا پر عوام هنن کي سڃاڻي ورتو آھي هن وقت عوام جي ردعمل هنن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي، منظور کنڊ لکيو ته سڄو ڊرامو آهي اهو ناني ويڙهو آهي، نندلال رتن ڀيل لکيو ته سنڌ سرڪار ھڪ ڪوڙ لڪائڻ لاءِ ٻيا ڪوڙ ھڻي پئي جيڪڏھن سنڌ حڪومت سچي آھي ۽ پنجاب حڪومت ڪوڙي آھي ته پوءِ ھي پي پي انھن کي وفاق مان تڙي ڇو نٿي ڪڍي؟ غلام رضا، عامر علي چنا، محمد يونس برهماڻي به سروي ۾ حصو ورتو، اويس احمد ٿهيم لکيو هت سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير ڪوڙ ڳالهائي ڪوڙا بيان ڏنا سنڌ جي عوام آڏو پ پ پ وائکي ٿي چڪي آهي، محمد مريد باجڪاڻي لکيو ته ھاڻي رستا روڪ ڪيو، شفقت علي بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، گل حسن شر لکيو ته راڻا ثناءُ الله چئي چڪو آھي ته پ پ جو ڪئنالن بابت ھاڻوڪو موقف سندن سياست لاءِ ضروري آھي مطلب اھا سياسي بيان بازي آھي حقيقت ۾ سڀ مليل آهن، جان محمد لغاري، اسد علي کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، صدام ڀنڀرو لکيو ته سڀ گڏ آهن بس هڪ ٻئي جي خلاف بيان ڏئي سنڌ جي عوام کي بيوقوف ٿا بڻائن، زاهد حسين حسيني لکيو ته سنڌ حڪومت جو احتجاج جائز آھي. سنڌ جي غريب ماڻھن جي غربت ۾ واڌارو ڪرڻ آھي. واجد علي ڀٽي، سراج سنڌيار سنڌي، ولي محمد به سروي ۾ حصو ورتو، قادر بخش زئور لکيو ته پي پي جي رضامندي تحت ته ايڏو نقصان ٿيو آھي زرداري اقتدار خاطر سنڌو درياءَ وڪڻي ڇڏيو ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڪئنال قبول نه ڪنداسين، حافظ ظهور احمد انڍهڙ لکيو ته ناني ويڙهو آهي، اي ڊي خان گهنڃو ۽ ديدار سنڌي لکيو ته ٽوپي ڊرامو آهي ، مولا بخش لکيو ته ڪوڙا آهن، الياس سمون لکيو ته ھي ڪي اڄ جا ڌاڙا ناھن ورھاڱي کان گھڻو اڳ پنجاب اختيارين برطانوي راڄ ھيٺ سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جو سلسو شروع ڪيو. 1855ع کان سرھند ڪئنال جي شروعات ڪئي وئي. 1901 کان پوءِ لوئر چناب ڪئنال. لوئر جھلم ڪئنال. پھاڙپور ڪئنال ۽ اپرسوات ڪئنال تعمير ڪيا ويا. بعد ۾ جڏھن ستلج ماٿري منصوبي ھيٺ 11 ڪئنال ۽ 4 ٻيا آبپاشي جا منصوبا شروع ڪيا ويا. ان وقت برطانيا سرڪار سجاڳ ٿي. جنھن ڪاٽن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ 1945ع ۾ سنڌ پنجاب پاڻي ٺاھ عمل ۾ آيو. پر پنجاب پوءِ به پنھنجي ھوڏ تحت مختلف آبي منصوبن تي ڪم جاري رکيو اچي. 1991 پاڻي ٺاهه ٿيو. پر پنجاب ان تي به عمل نه ڪيو. جنهن ڪري ڊيلٽا گهربل پاڻي نه پهچڻ ڪري پنهنجي حيثيت وڃائيندو ويو. ھن وقت انڊس ڊيلٽا ڳڻتي جوڳي حالت ۾آھي، اي بي قاضي لکيو ته پنجاب ملڪ ٽوڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، عمران سانگي لکيو ته صدر کي ڪئنالز منظوري جو اختيار ئي ناهي، حسن پٺاڻ لکيو ته هنن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيوآهي، ارشاد علي ميراڻي لکيو ته ڪالاباغ ڊيم جهڙو حساس مسئلو، جنهن تي وفاق جي وحدت متاثر ٿي سگهي ٿي، ان بابت هر بيان انتهائي ذميواري سان اچڻ گهرجي. جيڪڏهن پنجاب حڪومت صدر جي اجازت جو حوالو ڏئي رهي آهي ته ان کي دستاويزي ثبوت سان پيش ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهڙي دعويٰ قومي اتفاق راءِ کي نقصان پهچائيندي، الهڏنو راهمون لکيو ته ڊگھي عرصي خوشحالي جا مزا وٺندڙ پنجابي سياستدان ظلمي منصوبا رکي پاڻ وڻائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھن پر اھي بي رحمي سان استعمال ٿي ڪنا ڪري اڇلايا ويندا مشھور ٿيندا ملڪ دشمنيءَ جي الزامن سان، ولي محمد لکيو ته ٺاھڻ وارن تي ايترو يقين آھي مخالفت ڪرڻ وارن وارن تي الزام لڳي ٿو، جان محمد به ردعمل ڏنو، اي ڊي رانجهاڻي لکيو ته پ پ يا ٻيا ان جا پتا آھن،ھاڻي وري ڪراچي الڳ ڪرڻ جي ڳالھ ھلندي، علي اڪبر چاچڙ، حنيف نظاماڻي، شير ايم شيخ، محمد مراد لاشاري، ڪاشف علي مهراڻي به سروي ۾ حصو ورتو، امين فهيم زئور لکيو ته ٻنهي عوام دشمن ٽولن جو مقصد سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ آهي، ٻنھي ڌرين جا بيان عوام جي فائدن بجاءِ سنڌ جي غريب ماڻهن جي غربت ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، عنايت لغاري لکيو ته ٻنهي عوام دشمن ٽولن جو مقصد سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ آهي، شيراز شيخ لکيو ته بس قسمت اسان سنڌين جي ڪو اڳواڻ پنجاب سان وڙھڻ لاءِ تيار ڪونهي، شاهد بلوچ لکيو ته پنجاب جي سياستدانن سدائين پنهنجي مزي لاءِ ظالماڻا منصوبا ڏنا آهن، سنيگار علي لکيو ته سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا، شهمير خان عمراڻي به سروي ۾ حصو ورتو.