سوال/سروي … ڪارونجھر کي ڪورڻ سنڌ جي سينڌ ۾ ڪھاڙو هڻڻ جي برابر آهي، مزاحمت ڪئي ويندي: عوام جو اعلان

0
53

دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪارونجهر ڪورڻ لاءِ وزير پاڻ ننگر پهچي ويو: 30 سيڪڙو ٺيڪا مقامي ٺيڪيدارن کي ڏيڻ جو لالي پاپ: رهواسين جو ڌرڻو: صوبائي وزير جي انهيءَ عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي نامنظور، ڪارونجھر کي ڪورڻ سنڌ جي سينڌ ۾ ڪھاڙو ھڻڻ جي برابر آھي، نگران وزير جو اهو اختيار ئي ناهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي، ڪارونجهر جي ڪٽائي واري عمل کي رد ڪريون ٿا، رڳو مذمت نه پر مزاحمت ڪئي ويندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حميد راجستاني لکيو ته نگران اچن يا چونڊيل سنڌ جو ھر ھڪ ماڻهو ڪارونجهر جي انچ انچ جي حفاظت ڪندو، گل حسن شر لکيو ته ڪارونجهر اگر ڪنھن ٻئي سڌريل ملڪ ۾ ھجي ھا جيڪي انسانن سان گڏ جانورن جي حقن جو به ايترو تحفظ ڪندا آھن ته اھي ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏئي پکين ٻين جانورن جي محفوظ پناھه گاھه قرار ڏين ها پر ھتي قصو ان جي بلڪل ابتڙ لڳو پيو آھي، علي عباس جمالي لکيو ته ڪارونجهر تي قبضو نامنظور، ساگر علي رضا لکيو ته ڪارونجهر جي نيلامي ڪندڙ سنڌ جا حلالي پٽ ناهن. ڪارونجهر کان ڪشمور تائين سڀ ڪجهه هي نيلام ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. موهن لال لکيو ته سنڌ جي سونهن ڪارونجهر کي ڪپائڻ لاءِ پهتل وزير پرچي تي ڪم پيو ڪري انهي موصوف کي واضع ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪارونجهر ٿر جي حسناڪ جو مرڪز آهي ان جي ڪٽائي کي سنڌي قوم اڳ به رد ڪيو آهي ۽ اڄ به رد ڪري ٿي، غلام الله بچاڻي لکيو ته ڪارونجھر جبل اسان جي ڌرتي جي جياپي جو ڪارڻ آهي، ڪارونجھر جي ڪٽائي سنڌ جي سونهن جو قتلام سمجھون ٿا. اگر ڪارونجھر جي ڪٽائي واري ھوڏ تان نگران حڪومت نه لٿي ته پنهنجي ھزارين سالن جي تاريخي ڪارونجھر جبل جي بقاءَ لاءِ مزاحمت ڪبي ۽ سنڌ گير تحريڪ ھلائبي، راهول شرما لکيو ته موجوده نگران حڪومت اڳوڻي ڪاروباري حڪومت جو تسلسل آھي. نگران وزير کي ڪارونجهر ۽ ان جي اهميت جي خبر ئي ڪونهي صرف پنهنجون مارڪون ٺاهڻ لاءِ طاقتور ڌرين جي ترجماني پيو ڪري. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اسين سنڌ جي سونھن ڪارونجھر جي ڪٽائي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته پنھنجو قبلو درست ڪريو ڪارونجھر جي ڪٽائي بند ڪريو ٻي صورت ۾ دمادم مست قلندر جو آواز پوري سنڌ مان گونجڻ جو آواز نگران حڪومت جي ڪنن تائين پھچندو، اشفاق چانڊيو لکيو ته سراسر غلط عمل آهي، آزادي بچاڻي لکيو ته ڪارونجھر سنڌ جي ماٿي جو جھومر آهي. جنهن جي ڪٽائي سان زلزلن سان گڏ وڏي تباهي ايندي. مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ جي سونهن کي ڪٽڻ بند ڪيو وڃي. ورنه ڪارونجھر جي بقا خاطر مزاحمت ڪرڻ جي حد تائين وينداسين. ڪارونجھر جھنگلي جيوت سان گڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آهي، جي ايم حيدري لکيو ته وزير صاحب 30 سيڪڙو ٺيڪا ڏيڻ جو ٿورو ڪرڻ بجاءِ ڪارونجهر ڪپائڻ واري ضد تان لهي. اصل ۾ سنڌ جا وسيلا زمينون پهاڙ ۽ پاڻي ازل کان دشمنن جي اک ۾ آهن تنهنڪري سنڌ جي شعور کي پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو. خليل ڪنڀر لکيو ته ڪارونجهر مقامي ماڻھُن لاءِ مٺي پاڻي جو واحد ذريعو جيڪو صدين کان هتان جي ماڻھُن کي پاليندو آيو آھي اهو ڪٽي وڪڻي ڇڏيندئو ته پارڪر سمورو ويران ۽ برباد ٿي ويندو، ڪارونجهر سڄي دنيا مان ناياب ٿي ويل پکين، جانورن، ٻُوٽن ۽ پکين جي آخري پناهه گاهه آھي، نماڻو نوناري لکيو ته طاقتورن جي چوڻ تي ايئن ڪن ٿا، سنجي ڪمار چيو ته وزير جو شرمناڪ عمل آهي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ جي نگران وزير جي انهي بيان بابت افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، سمورا سنڌ دشمن منصوبا آهن، ڪارونجھر سميت سمورا وسيلا ڳڙڪائيندا وڃن ٿا، سنڌ جي تعليم، صحت، روڊ رستا تباهه ٽٽل ڀڳل ادارا تباهه آهن هنن سنڌ تباهه ڪري ڇڏي آهي، عطا بجير لکيو ته اسان جي ڌرتي ماتا جي ڪک ۾ ڇرو هڻڻ بند ڪيو وڃي، اسان اوهان جي انهن لولي پاپن ۾ اچڻ وارا ناهيون، سريش ڪمار ميگهواڙ لکيو ته ڪارونجھر اسان سنڌ واسين جي سڃاڻپ آھي. ڪارونجھر کي ورلڊ ھيريٽيج ڏيڻ بدران ان کي ڪورڻ جي ڳالھه ڪندڙ ھن ڌرتي جا غدار آھن. ڪارونجھر خاطر سنڌ جو ھر ھڪ باشعور ماڻهو مزاحمت ڪندو، منظور حسين لکيو ته اهو ظلم آهي، منور علي زئور لکيو ته سنڌ ۾ باقي ڪارونجهر ڇڏيو اٿن وسيلا سڀ ڳڙڪائي ويا تعليم تباھ ڪري ڇڏين صحت جا مرڪز ڪوس گهر بڻيل آھن بنيادي حق به عوام کي نه مليا باقي رهيو آ ڪارونجهر جبل تنهن ۾ سرڪار جون اکيون آھن سنڌي قوم هن وقت به اگر سجاڳ نه ٿي ته ميسارجي ويندي موهن جي دڙي وانگر، سالم سميجو لکيو ته ڪارونجهر صرف جبل جو ٽڪرو ناهي بلڪه ڪارونجهر هزارين جيوت ۽ انساني جانين جي جياپي جو ذريعو پڻ آهي، ڪارونجهر کي ڪٽڻ سان ماحولياتي تبديلي سان گڏوگڏ ندين جي پاڻي تي گذارو ڪندڙ ماڻهو، پکي پکڻ ۽ جهنگلي جيوت سميت هر ساهه وارو متاثر ٿيندو، تنهنڪري ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪري تحفظ ڪيو وڃي، عمران شر لکيو ته اھڙي نگران وزير کي پاڻ مڃون ڪونه ھي ننگر تي نه بلڪي سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش آهي جيڪا اسان ھر سنڌي کي نامنظور آهي، بشير ميراڻي لکيو ته اهو وزير صرف ڊرامو ڪرڻ آيو آهي، مقامي ماڻهن کي ڪجهه به نه ملندو.. نگران حڪومت کي ڪهڙو اختيار آهي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرائي.نند ڏاهاڻي لکيو ته ڪارونجهر اسان جو ورثو آھي. ڪارونجهر جبل مان معدنيات ڪڍڻ سان مقامي ماڻھن کي اھڙو ئي فائدو ملندو جيڪو ڪوئلي مان مليو، ڪارونجھر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي. محمد اسماعيل به سروي ۾ حصو ورتو، رشيد احمد سميجو لکيو ته ڪارونجهر صرف پٿرن جو ڍير ناهي ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي پکين جي پناهه گاهه آهي، مالوند مارو ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو آهي، الطاف کوڙ لکيو ته اھو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي . ڪارونجهر جبل سنڌ جي سونھن آھي . ۽ انھي کي ڪٽڻ ڌرتي وار سمجھون ٿا . اسد زرداري لکيو ته نگران حڪومت کي ڪو به حق ناھي ته اھي سنڌ جي قومي ورثن سان ھٿ چراند ڪن اسان ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا مقامي ماڻھن کي ڪو به فائدو نه پوندو ڇو ته وفاق سدائين سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ھنيا آھن سنڌ جي عوام ھر گز ان عمل کي برداشت نه ڪندي، الاهي بخش لکيو ته نگران حڪومت جو ڪهڙو حق آهي ته سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري يا ان ۾ دخل اندازي ڪري ٿي، سنڌ جو عوام اهرو عمل برداشت نه ڪندو، صوبائي وزير پنهنجو بيان واپس وٺي، يحيٰ جتوئي لکيو ته ڪارونجھر سنڌ جي ملڪيت آھي ڪجھه مقامي ٽڪي جا وڏيرا پيسن جي لالچ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيئي رھيا آھن جيڪي ڪارونجھر کپائڻ چاھين ٿا نگران وزير کي سنڌي ماڻھن جا ھٿ ناھن لڳا،نگران وزير پاڻ ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، نهچل ڊي پرمار لکيو ته اسين ڪارونجھر جا رھواسي ڪارونجھر جي ڪٽائي جي بلڪل خلاف آھيون. ڪارونجھر اسان جو جيون داتا آھي.اسان کي ڪارونجھر جي ڪٽائي قطعي قبول ناھي، ٺيڪا وٺندا ته امير ۽ پئسي وارا غريبن جو ڇا ٿيندو جن جو گذران به فقط ڪارونجھر ئي آھي. ايم طيب ڪيريو لکيو ته افسوس آھي ظلم آھي اتي مقامي ماڻهن کي پاڻي جي سھولت ناھي بجلي جي سھولت ناھي تعليم جي سھولت ناھي ان لاءِ ڪو وزير نٿو پهچي، باقي عوام جي فٽن جي مٿان لوڻ پيا ٻرڪين انھن کي اھڙي بيانن کان احتياط ڪرڻ کپي. نثار احمد لنڊ لکيو ته نگران وزير ڪرسي خاطر پنھنجو  هوش وڃائي ويٺو آهي، ڪارونجھر جبل کي ڪورڻ جي ڪنھن صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، نياز احمد لکيو ته تهذيبون مائرن جون پوتيون هونديون آھن ۽ مائرن جون پوتيون وڪڻي پيٽ ناهن ڀربا، ڪارونجهر معدنيات جي آڙ ۾ ڪورڻ معنيٰ پنهنجي وجود جو نالو نشان مٽائڻ آهي. هن تهذيب سان جڙيل تاريخ توڻي زندگي جا حسين لمحا اسان جو جياپو آهن، محمد اسلم لکيو ته هي ظالم سنڌ جي انچ انچ وڪڻڻ چاهين ٿا، قربان علي ميراڻي لکيو ته سنڌي قوم سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن سنڌ جي بااثر سياسي پارٽي کي اقتدار کپي، محمد الهيار لکيو ته ڪارونجھر کي ڪورڻ سنڌ جي سينڌ ۾ ڪھاڙو ھڻڻ جي برابر آھي، جنھن جي مذمت ڪجي ٿي، نظير احمد بروهي لکيو ته ڪارونجھر جا جبل قيامت سلامت قائم ۽ دائم رھندا سنڌ ڌرتي جي وجود جو سودو حڪمرانن کي مھانگو پوندو، ھاڻي ملڪ جي ترقي جي نالي تي لالي پاپ ڏيڻ بند ڪيو وڃي، ڀرت جئپال لکيو ته ڪارونجهر کي ڪوري ڪپڻ بند ڪيو وڃي، ڪارونجهر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي. عاشق حسين رند لکيو ته نگران حڪومت کي ڪارونجهر جي ڪور ڪٽائي ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناهي ڪارونجهر صرف جبل جو ٽڪرو ناهي بلڪي ڪارونجهر هزارين جيوت ۽ انساني جانين جي جياپي جو ذريعو پڻ آهي، ڪارونجهر کي ڪٽڻ اسان سنڌي هرگز نه ڏينداسين وفاق سدائين سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ھنيا آھن ۽ هي ڌاڙو سنڌ جي عوام ھرگز برداشت نه ڪندي، دانش پرمار لکيو ته ڪارونجهر سان جند لڳي، ڪارونجهر خلاف سازش بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ جنهن جيوت توڙي انسانن لاءِ جيڪو جبل جياپي جو ذريعو آهي ان لاءِ هو ڪنهن به حد تائين ويندا، شاهين سومار لکيو ته سيو ڪارونجهر، ڪر کنيل ڪارونجھر جبل سنڌ جي صدين جي ثقافت سونھن سان ھٿ چراند جي سازش خلاف مذمت نه پر مزاحمت جو اعلان ڪريون ٿا اسان ٿريا پنهنجي اگهاڙن پيرن سان ان سودي کي ناڪام بڻائيداسين، احسن عيسيٰ لکيو ته جيڪو وزير اچي ٿو اھو پنھنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ ڊراما ٿو ڪري، سيف الله پنهور لکيو ته نگران حڪومت کي ڪارونجهر جي ڪٽائي جو ڪوبه اختيار ناهي هي اليڪشن ڪرائڻ آيا آھن پنهنجو ڪم ڪري اخلاق سان هليا وڃن، ڀرت حميراڻي لکيو ته هي وزير پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ ڪٽڪ کڻي لٿو ھو،ڪارونجهر جبل جو پٿرن جي ڍير ناھي لکين سال جي تهذيب آھي جنهن کي ڪورٽ سڳوري پڻ تسليم ڪيو آھي، جڏھن ڪيس ڪورٽ ۾ چيلينج ٿيل آھي ته تڪڙ ڪرڻ جي نوبت ڇو پئي اچي انهن کي صرف پنهنجا چند مفادات پيارا آھن اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارونجهر کي ڪپجڻ کان روڪيو وڃي ۽ عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي.. رسول بخش شيخ، آر جي ڍاٽي، شفاءُالله، خادم حسين سميجو، منور لال لکيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي نا منظور، سيو ڪارونجهر، جياپو آهي اسان جو ڪارونجهر، مظهر عثمان پنهور لکيو ته نگران حڪومت کي ڪارونجهر جي ڪٽائي جو ڪوبه اختيار ناهي هي اليڪشن ڪرائڻ آيا آھن پنهنجو ڪم ڪري اخلاق سان هليا وڃن، غلام ٿري لکيو ته ڪارونجهر کي ڪوري ڪپڻ بند ڪيو وڃي، ڪارونجهر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي. امير حسين راهي لکيو ته سيو ڪارونجهر، دانش چنداڻي لکيو ته ڪر کنيل ڪارونجھر جبل سنڌ جي صدين جي ثقافت سونھن سان ھٿ چراند جي سازش خلاف مذمت نه پر مزاحمت جو اعلان ڪريون ٿا اسان ٿريا پنهنجي اگهاڙن پيرن سان ان سودي کي ناڪام بڻائيداسين، ذوالفقار علي طيباڻي لکيو ته هي وزير پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ ڪٽڪ کڻي لٿو ھو، ڪارونجهر جبل جو پٿرن جي ڍير ناھي لکين سال جي تهذيب آھي جنهن کي ڪورٽ سڳوري پڻ تسليم ڪيو آھي، اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارونجهر کي ڪپجڻ کان روڪيو وڃي ۽ عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ سراپا احتجاج هوندي هي ڪارونجهر جا رکوالا جيسين جيئرا آھن ڪارونجهر ڪورڻ نه ڏيندا، اشوڪ ڪمار لکيو ته دنيا جو قانون آهي ته اهي شيون ليز تي ڏئي، وڍي، ڪپي يا کپائي سگهجن ٿيون جيڪي وري واپس ساڳي حالت ۾ اچي سگهن يا ان جهڙيون ٻيون پيدا ڪري سگهجن. مثال طور وڻن جو ٻيلو ليز تي ڏيئي، کپائي ۽ ڪپي سگهجي ٿو، ڇو ته ٻيلو ٻيو به تيار ڪري سگهجي ٿو. زمين به ليز تي ڏيئي سگهجي ٿي ته انهن منجهان ڌاتو ڪڍي وري واپس ڌرتي کي ساڳي حالت ۾ آڻي سگهجي ٿي. پر جبل کي ڪپڻ بلڪل ناقابلِ برداشت آهي ڇو ته جبل اهڙي قدرتي شي آهي جيڪو نه پاڻهي واپس ٿيندو ۽ نه ئي اسان واپس لڳائي سگهون ٿا. انڪري ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ جائز ناهي. ان کان سواءِ هي جبل هزارين ناياب نسل جي جانورن ۽ پکين جو چراگاهه پڻ آهي. ڪارونجهر جبل ماحول کي صاف ڪرڻ جو وڏو ذريعو پڻ آهي. مبين اڄڻ لکيو ته چونڊيل حڪومت ھجي يا نگران افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان سنڌ واسين ۽ سنڌ جي ثقافتي ماڳن لاءِ ماٽيلي ماءُ وارو ئي سلوڪ ادا ڪندي رھي ٿي ، سڌريل ملڪن ۾ پکين جانورن وطن جي ثقافتي ماڳن جا حق ھجڻ سان گڏ اتي ٿيندڙ پرامن اخلاقي احتجاجن جا قدر ٿيندا آھن پر افسوس اسان ڪروڙين سنڌين جا ھتڙي حق ته پري پر پنھنجي وطن لاءِ ڪيل پرامن احتجاجن جا قدر ناھن، علي مراد لاشاري لکيو ته وزير آھن حڪم جا غلام، حڪم ڏيندڙ ايترا طاقتور آھن، علي اصغر قيصراڻي به سروي ۾ حصو ورتو. شفقت حسين ابڙو لکيو ته سنڌ جا تفريح ماڳ ڪٽي کپائڻ ظلم آهي، اياز چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، عطا نهڙيو لکيو ته ڪارونجهر جبل ٿر جي هر ٻچي جو رانديڪو آهي هي وزير سمجهي ٿو ڪارونجهر جبل پٿرن جو ڍير آهي هي پٿرن جو ڍير ناهي لکين سال جي تهذيب آهي،ٿر جو عوام رت وهائي سگهي ٿو پر ڪارونجهر جبل جي سوداگرن جي صف مان ڪڏهن به نٿو بيهي سگهي،ڪارونجهر جبل جو فيصلو ڪورٽ سڳوري پڻ تسليم ڪيو آهي،جڏهن ته اهو ڪيس ڪورٽ ۾ چئلينج ٿيل آهي،ڪر کنيل ڪارونجھر جبل سنڌ جي صدين جي ثقافت سونھن سان ھٿ چراند جي سازش خلاف مذمت نه پر مزاحمت جو اعلان ڪريون ٿا،اسان ٿرواسي ان سوداگرن جي سودي کي ناڪام بڻائينداسين، راجا يامين علي، راشد زرداري، سڪندر لطفي، غيور عباس شاهه، امير علي به ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مذمت ڪئي.