دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ بازارون سج لٿي بند ڪرڻ، بجلي چورن لاءِ 3 سال قيد جي تجويز ڏني وئي آهي، حڪومت جي ان تجويز کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سج لٿي دڪان بند ڪرائڻ واري تجويز جي مخالفت ڪندي چيو ته بجلي چوري ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي پر اها بجلي چوري واپڊا جا ملازم پاڻ ڪرائن ٿا پهريان انهن کي سزا ملڻ گهرجي، اهو به چيو ويو ته بجلي ملي نه ٿي باقي سزائون ڏيندا، ڪاروبار جلد بند ڪرڻ سان معيشت کي نقصان ٿيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته ڪو به فائدو نه ٿيندو، مختيار مولائي لکيو ته ملڪ ۾پھريان بجلي جا چور لين سپرينٽينڊنٽ ايس ڊي او ڪرپشن راشي چور آھن جيڪي ميٽرن بجاءِ عوام کان ھر مھيني جا 2 هزار رپيا اوڳاڙي ڪندا آهن، پوءِ سزائون عوام سميت شھر جي ڪاروبار مرڪز کي ڏين ٿا، سميع الله شر لکيو ته زبردست فيصلو آهي بازارون ڀلي ڪلاڪ دير سان بند ڪن ڪا ڳالهه ناهي باقي چورن جو سال 3 مان 4 ڪري ڇڏين ته اهو ملڪ لاءِ تمام بهتر رهندو چورن ڀلي لوڙن جن مال کائي ملڪ جا هڏا چوسي جيڪي امير ٿي ويا آهن راتون رات انهن کي ڀلي سزا ملي، صداءُالله چانڊيو لکيو ته بازارون سويل بند ٿيڻ سان ڇا ٿيندو ويتر عوام جو روزگار بند ڪري انهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي باقي سزا وارو عمل درست آھي، سعيد مراد لکيو ته بجلي سزا وارو فيصلو درست آھي پر شام جو بازارون بند ڪرڻ وارو غلط ان جي ڪري معيشت کي نقصان پهچي سگهي ٿو، مدهوش مير لکيو ته بازارون بند اھو ھر ننڍڙي وڏي شھر جو الڳ الڳ مسئلو آھي، رھي ڳالھه بجلي چور کي سزا اھو ممڪن ئي ناھي، اھا صرف تجويز آھي پر سپريم ڪورٽ پاران جرڳا ڪرائيندڙ مٿان سزا سان گڏ ڏنڊ به رکيل آھي پوءِ به جرڳا ٿين پيا، اھڙا ٻيا ڪيترائي قانون پاس ٿين آھن پر اھي ڏوھ رڪجي ناھن سگھيا، ائين ھي معاملو به محض ميڊيا جي رونق آھي، عمل ٿيڻ گھرجي ان ۾ ڀلائي ۽ بھتري آھي، مير صابر ڪولاچي لکيو ته جيڪي پورو ملڪ کائي ويا ڇا انهن کي سزا ملندي، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته ڪيو ڪيو تجربا .. ھي ملڪ آھي الائي مشڪري آ .. بجلي ته پھريان ئي ڪونھي رھندو بازارون ئي بند .. وڏي ڳالھه اھا آھي ته اسان وٽ گذريل سال جي وڏي برسات کان بجلي آھي ڪونه ڇو ته اسان جي ڳوٺ جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آھي وري ٺھرايوسين اسان به ڪونه .. پر بجلي جو بل باقاعدگي سان ايندو رھي ٿو ..ھاڻي اھڙي نظام ۾ جھڙا قانون جوڙيو جيڪي ڪيو تبديلي ايندي ڪونه مڙئي نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ پيون ملنديون ..ھي به ڳالھين کان سواءِ ڪجھه ناھي، بابر بلوچ لکيو ته ڪجھه به ڪونه ٿيندو ھي صرف ھنن جون ڳالھيون اھڙيون ئي آھن جيڪي ھنن اڳ ۾ به اھڙيون ھزارين ڳالھيون ڪيون جئين ٻوڏ ۾ چيائون ته سڀني کي گھر ٺھرائي ڏينداسين مگر ڪنھن کي ڪجھه به ڪونه مليو، ھي ھر ھڪ ننڍي آفيسر کان وٺي وڏن مانگر مڇن تائين سڀ جا سڀ ڪرپٽ آھن بس صرف پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن ھي ايس ڊي او کان وٺي ھر ھڪ واپڊا ملازم ڪرپٽ آھن خاص ڪري ڏسندا ته ٻھراڙين ۾ ميٽرن بجاءِ ڪنڊا ڪنيڪشن لڳل آھن بلن موڪلڻ بجاءِ واپڊا جو ڪو ھڪ ملازم اچي ھر ڳوٺ منجھان ٻه ٽي ھزار وٺيو وڃي سڀني جو خرچو ٿئي ٿو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته هوائي فائر، جيڪي به ايندا آهن اهي سکڻا احوال ڪندا آهن آفيسرن کان وٺي لائن مين بک مرندا اهو عمل ٿيو ته ڀلو ڪم آهي باقي لڳي مشڪل ٿو، عاشق کوسو لکيو ته بجلي جي چوري ۾ خود بجلي جي ملازمن جو وڏو ھٿ آھي ھر ھڪ ملازم پنھنجو ڪسٽمر پاڻ وٽ رکندو ان کي ڪنڊو لڳائي ڏيندو آھي پوءِ جڏھن ڪا ٽيم ڇاپي ھڻڻ لاءِ ايندي آھي ته اڳواٽ ڪنڊي واري ھمراھن کي آگاھ ڪري ڇڏيندا آھن، چوري ٿيل بجلي جا يونٽ ھر مھيني باقاعدگي سان بل ڏيڻ واري ھمراھ تي ڊيڊيڪشن جي صورت ۾ ھڻي ڇڏيندا آھن ھي ايترو ظالم ادارو آھي ھنن وٽ غريبن جي لاءِ ڪا به رعايت ناھي، بجلي جو ننڊي کان ننڊو ملازم به ارب پتي آھي ۽ ملک ڪک پتي، ھي ملڪ کي ڪٿان سڌرڻ ڏيندا ٻه ٽي ڏينھن ڪاروائي ڪندا پوءِ ساڳي پنھجي ھٿن سان غير قانوني بجلي جا ڪنڊا لڳائي ڏيندا ماڻھن کي، ھزارين روپيا ڪمائيندا ۽ ڪنڊن وارا ماڻھون چوري جي بجلي تي اي سي هلائيندا آهن، شنڪر لال لکيو ته اعلان ته تمام بهترين آھي پر عمل نا ممڪن جي برابر آهي ڇو ته بجلي چوري ڪندڙن ادارن ۾ ڪجھه ماڻهو پاڻ ملوث ھوندا آھن، ڪليم رانا ڀيو لکيو ته بھترين فيصلو آھي جنھن سان سوين ميگاواٽ بجلي بچائي سگھجي ٿي. پاڪستان جا ماڻھو منجھند 2 بجي دڪان کولي رات 12 بجي بند ڪرڻ بجاءِ صبح سوير اچي کولن ۽ مغرب وقت بند ڪن ته بھتر آھي. مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ٿيندو ڪجھه ڪونھي اھي رڳو چار ڳالھيون آھن سو ھر ڪوئي چوي ٿو ٻ ڏينھن اھي ڳالھيون ھونديون پوءِ ڪجھه ڪونھي ساڳي ڪم شروع ھن ملڪ جو ڪير سچو ناھي جنھن کي جيترو بل ملي ٿو سو ڪري ٿو ھنن کي عوام جي جان مال جي ڪا پرواھ ناھي، محمد عمر سمون لکيو ته بجلي جي چوري ۾ واپڊا جو عملو سنئون سڌو ملوث آھي انھن جي آشيرواد کان سواءِ چوري ممڪن نه آھي، اھي ھر مھيني ڀتو وٺن ٿا۽ ٽرانسفارمر ٺيڪي تي ڏين ٿا عوام جي بجاءِ انھن کي سزا جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، عاشق شر لکيو ته بازارون جلدي بند ڪرڻ سان توانائي کي بچائي سگھجي ٿو اھو ھڪ سٺو ۽ وقتائتو فيصلو آھي، ديشي عابد حسين ابڙو لکيو ته بجلي سزا وارو فيصلو تمام بهترين درست آھي پر شام جو بازارون بند ڪرڻ وارو غلط ان جي ڪري معيشت کي نقصان پهچي سگهي ٿو ڪن ماڻهن جو ڪاروبار شروع شام جو ٿيندو آهي، اياز بلوچ لکيو ته پاڪستان جا ماڻھو منجھند 2 بجي دڪان کولي رات 12 بجي بند ڪرڻ بجاءِ صبح سويري اچي کولن ۽ مغرب وقت بند ڪن ته بھتر آھي. اِن سان بجلي بچت ٿيندي، ڪنڌڪوٽ وارن تمام دڪاندارن کي به ايئن ڪرڻ گهرجي.