سوال/سروي … ڪئنال نامنظور، سنڌ کي حصي جو پاڻي نه مليو ته زمينون بنجر بڻجي وينديون: عوام احسن اقبال جو بيان رد ڪري ڇڏيو

0
13

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سنڌ جو احتجاج اجايو آهي، ڪئنال تي سياست نه ڪئي وڃي، پنجاب پنهنجي حصي مان ڪئنال ٺاهي سگهي ٿو: وفاقي وزير جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن احسن اقبال جو بيان رد ڪندي چيو ته 6 ته ڇا پر هڪ ڪئنال به منظور ناهي، سنڌ هينئر ئي حصي جو پاڻي نٿو ملي، پوءِ وري ڪٿان ڏيندا، پنجاب اڳ ئي سنڌ جي حصي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پيار علي چانڊيو کيو ته احسن اقبال کي خبر ھُجڻ گھرجي پنجاب ھميشه پاڻي چور رھيو آھي، ارسا جي پاڻي معاھدي جي خلاف ورزي ڪندي سنڌ کي پورو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، ڪالا باغ ڊيم جھڙي منصوبي کي جڏھن اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو ته ان جي موٽ ۾ ننڍا ڊيم ٺاھڻ شروع ڪيا ۽ ھاڻي وري غيرقانوني 6 نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن جڏھن ته سنڌ اڳ ئي پاڻي لاءِ دانھون پئي ڪري، اھڙي صورتحال ڏسي به احسن اقبال جھڙا بيان بازي ڪن ته انھن کي ملڪ جو غدار ئي ڪوٺجي، اسد زرداري لکيو ته پنجاب هميشه سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو ھنيو آھي ۽ پاڻي به چوري ڪيو آهي سنڌ جا سڀ وسيلا گئس بجلي تي پنجاب جو ڌاڙو آھي، ڪير پڇڻ وارو نه آهي، سنڌ حڪومت به پنھنجي اقتدار بچائڻ خاطر ھر دشمن منصوبي کي درست قرار ڏنو آھي، وفاقي وزير جو ڪئنالن جي حمايت ۾ ڏنل بيان افسوس جوڳو آھي سنڌ جي عوام ڪئنالن کي رد ڪيو آهي ڇو ته ڪئنال ٺھيا ته سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ کي نه ملندو ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون،  موهن لال لکيو ته پنجاب جو ڪهڙو حصو آهي جيڪو سنڌو مان 6 ڪينالن ذريعي پاڻي کڻي سگهي ٿو احسن اقبال صرف پنجاب جي نمائندگي ڪري رهيو آهي جڏهن ته موصوف وفاقي وزير آهي انهي غليظ سوچ سنڌي قوم جي دل آزاري ڪئي آهي. عمران علي لکيو ته احسن اقبال جو بيان سراسر منافقي تي ٻڌل آهي،ڪئنال ڪونه آهن تڏهن به پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ٿو جڏهن ڪئنال ٺهندا ته يقينن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳندو، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ لکين ايڪڙ زمين قبضي هيٺ آندي پئي وڃي ان لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ اڪبر علي بلوچ لکيو ته هنن جو مقصد آهي ته جيئن في الحال ڪم ۾ رڪاوٽ نه اچي، ڪئنال ٺهي تيار ٿي وڃن، دلاور حسين کوسو لکيو ته پنجاب جيڪو پاڻي کڻي پيو اھو سمورو پاڻي سنڌ جو آهي وري ڪئنال پنھنجي پاڻي مان ڪيئن پيو ڪڍي ؟ اقتدار وٺندڙن جي ڪھڙي اھميت آهي مالڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ اھڙا بيان ڏيڻا پوندا آھن ھنن کي، زبير ميمڻ لکيو ته ٻه جيڪي گڏ ويٺل آهن اھي به سنڌي آھن ان ۾ اڳوڻو قومپرست اڳواڻ سائين شاھه محمد شاهه ۽ بشير ميمڻ اهي به خاموش رهيا ؟ ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته پنجاب هميشه سنڌ جا وسيلا ڦٻايا آهن، ڪير پڇڻ وارو ناهي باقي رهيل آهي اهو پاڻي اهو به پنجاب کڻڻ چاهي ٿو، باقي پيپلزپارٽي اقتدار جي هوندي به پنجاب جي هر ونگار پئي وهي، باقي حسن اقبال ڪير ٿيندو آهي سنڌ جو کپائڻ وارو اگر حق جي ڳالھه ڪري ٿو ته پوءِ پنجاب برابر سنڌ واسين کي حق ڏيو، مزدورن کي توڙي آفيسرن کي هر شئي سنڌ جي پنجاب برابر ڪريو پوءِ پاڻي ڏيو باقي ڪرسي جي لالچ ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو، ثناءُالله مشوري لکيو ته احسن اقبال جي ھن بيان کي اسان رد ڪيون ٿا، پنجاب سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري، سنڌ کي نقصان پيپلز پارٽي ڏنو آھي ھن وقت ڪئنال انهن جي سهڪار سان ٺهي رهيا آهن، ضمير حسين لکيو ته وفاقي وزير احسن اقبال کي پنھنجو قبلو درست ڪرڻ گھرجي سنڌودرياھه تي ڪوبه ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو، سنڌو ۾ اسان جو ساهه آهي، درياهه بچائڻ لاءِ ساهه ڏئي ڇڏينداسين ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، الهه بخش کوسو لکيو ته پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي 1991ع واري پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، وقافي وزير پھريان سنڌ کي ٺاھه مطابق پنهنجي پاڻي جو حصو ڏياري، برڪت علي لغاري لکيو ته رڳو ڏوھه پنجاب حڪومت جو ناهي سنڌ حڪومت به سنڌ سان گهٽ ناهي ڪئي سنڌ حڪومت پاڻ لکي ڏنو آ ته هي سڀ وسيلا توهان جا آهن، عبدالله کوسو لکيو ته پنجابي حڪمرانن سان پ پ ٻٽ ٻڻيل آھي ھي اسيمبلي ۾ ڇو نٿا ڳالھائن سنڌ سڄي وڪرو ٿي وئي، 7 ڪروڙ سنڌين مان جيڪڏهن 20 لک سنڌي به هڪ ڏينهن جهيڙيندڙ مهم هلائيندڙ تنظيمن سان گڏ بيهن ته سڀ معاملا واپس وٺي ڇڏيندا، گل حسن شر لکيو ته بقول صدرالدين شاهه جي اگر پ پ وارا سنڌ سان سچا آھن ته اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪن اڄ تائين قرارداد ڇو پيش نه ڪئي وئي آھي، بڪواس پيو ڪري پ پ پ قيادت سنڌ سان سچي آھي ته وفاقي حڪومت جي حمايت ختم ڪري باقي ميڊيا تي بيان بازي ڪرڻ سان ڪجھه نه ورندو اگر ھي ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ جو عوام پ پ کي ڪڏھن به معاف نه ڪندو، چانڊيو حنيف سنڌي لکيو ته احسن اقبال ڇهن ڪئنالن واري ڳالھه کي پاسي تي رکو، پنجاب جي وڪالت ڪرڻ کان پهرين پنجاب پاران ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي لڳل ڌاڙي جو حساب ڏيو. فقير منان لغاري لکيو ته پهرين ڳالهه پاڻي سميت پنجاب سدائين سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي، پنجاب اڄ تائين سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ناهي ڏنو، ٻي ڳالهه پاڻي سميت سنڌ جا جيترا به وسيلا آهن انهن تي پنجاب قبضو ڪيو آهي ان ۾ پ پ جو وڏو ڪردار آهي، ذوالفقار ڀٽو وزارت عظميٰ دوران ڪالاباغ ميگا پراجيڪٽ جي نالي سان منظوري ڏني هئي، بينظير پنهنجي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ چئني صوبن کي اعتماد ۾ وٺي فنڊ رکرايا هئا، ان وقت جي ميڊيا، اخبارون شاهد آهن، نواز حڪومت ۾ جڏهن هنن ڌرڻو هنيو ته نواز شريف انهن جون اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون هيون، باقي اها ڳالهه ته واضح آهي ته جڪيڏهن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن ته اهي به ن ليگ ۽ پ پ جي رضامندي سان ٺهي رهيا آهن، ڀلي هي ڪيتريون به دانهون ڪندا هجن، اسد علي به احسن اقبال جي بيان جي مذمت ڪئي، اشفاق چانڊيو لکيو ته وانگاري آهن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌو مان تڪراري ڪئنال نامنظور، قاضي محمد عمران به ردعمل ڏنو، ملڪ آصف لکيو ته سنڌو تي سنڌ جو حق آهي، محمد نواز به وفاقي وزير جي بيان کي رد ڪيو، مستوئي نويد لکيو ته پنجاب کي حق ناهي جو اسان جي درياهه ۾ ڪئنال ڪڍي ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال نامنظور آهن ۽ احسن اقبال جي بيان کي غلط قرار ڏئي رد ڪريون ٿا، پنجاب سنڌ حڪومت جي مدد سان اسان جا پئداواري وسيلا پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن سنڌ کي جيڪو نقصان ڏنو آ اهو پ پ پ ڏنو آ، سنڌو درياهه تي ڌاڙو نا منظور،  نثار لغاري لکيو ته احسن اقبال پنهنجي پنجابي هجڻ پاڪستان جي وفاق کي رد ڪرڻ جي تقاضا پوري پيو ڪري، سڪندر علي گرگيج لکيو ته پنجاب هميشه پاڻي چوري ڪيو آهي سنڌ جا وسيلا سڀ پنجاب پيو کائي،  ڪير پڇڻ وارو نه آهي، سنڌ جي عوام ڪئنالن کي رد ڪيو آهي ڪندو رهندو، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته پنجاب پنھنجي نه پر سنڌ جي حصي مان ڪئنال ڪڍي ڪري سنڌ سڪائڻ چاهي ٿو، وفاقي وزير اهڙو بيان ان جي ڪري ڏنو جيئن سنڌ جا قومپرست ۽ سنڌ جو عوام وفاق ۽ پ پ خلاف احتجاج نه ڪن، وفاقي وزير کي سنڌ جي اندر اٿندڙ چڻنگ کان خوف ٿئي ٿو انھي جي ڪري اهڙا بيان ڏئي ٿو، سنڌين کي پنھنجي مزاحمت جاري رکڻ گھرجي، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو وفاق جو ناپاڪ سنڌ دشمن منصوبو ناڪام بڻايو وڃي، دائود زئور لکيو ته پنجاپ پاڻي چور آھي ڪئنال ڪڍڻ کانپوءِ سنڌ جو پاڻي کڻندا انھن ھميشه سنڌ سان دوکو ڪيو آهي سمورا ڪئنال نامنظور، مراد علي لکيو ته وفاقي وزير جي انھي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي جنھن ۾ ھن چيو آھي ته ڪئنال تي سياست نه ڪئي وڃي پنجاب پنھنجي حصي مان ڪئنال ٺاھي سگھي ٿو پنجاب سامراج پنھنجي ھر دور حڪومت ۾ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھنيو آھي، غلام مرتضيٰ ڏاهري لکيو ته اسان مذمت ڪريون ٿا، راحيلا راهو به وفاقي وزير جو بيان رد ڪيو، محمد فيصل ڦلپوٽو ، اڪبر علي به ردعمل ڏنو، جنيد جمالي لکيو ته سڀ کان اول ڊيم ٺاھڻ جي مذمت ڪئي وڃي ٿي.احسن اقبال جو بيان منافقي وارو آھي. جڏھن پھريان ئي پاڻي جي کوٽ لڳي پئي آھي ته ھنن ڪئنالن ۾ پنھنجي حصي جو پاڻي ڪٿان کڻندا؟ يقينن سنڌ جو پاڻي چوري يا زوري ڪري کڻندا. انھي ڪري وفاق کي نماڻو عرض آھي ته ڪئنالن ٺاھڻ واري ضد تان لھي وڃي. ۽ صوبن ۾ ھڪ ٻئي سان نفرتن واري سياست نه ڪئي وڃي ۽ سنڌ صوبي جي خدشن تي غور ڪيو وڃي. موهن لال لکيو ته پنجاب جو ڪهڙو حصو آهي جيڪو سنڌو مان 6 ڪئنالن ذريعي پاڻي کڻي سگهي ٿو، احسن اقبال صرف پنجاب جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته موصوف وفاقي وزير آهي سنڌي قوم جي دل آزاري ڪئي آهي. احسان لغاري لکيو ته ھنن حڪمرانن کي سنڌ کان نفرت آھي ھي سنڌ کي برباد ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن سنڌو مان تڪراري ڪئنال نا منظور، عابد خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي پاڻي مان ڪنهن جو به حصو نٿو ٿئي سنڌو درياهه مان ڇھه ته پري هڪ به ڪئنال به اسان سنڌين کي نامنظور آھي، شاهد بلوچ لکيو ته ھنن حڪمرانن کي سنڌ کان نفرت آھي ھي سنڌ کي برباد ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن سنڌو مان تڪراري ڪئنال نا منظور، الطاف حسين خاصخيلي به وفاقي وزير جي بيان تي ردعمل ڏنو.