ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪئنال منصوبو واپس وٺي ٻي صورت ۾ گڏ نه هلنداسين، ڪئنال اسلام آباد وارا ٺاهين پيا، نه کپي وارن جي وري سنڌ جي هاءِ ويز سان دشمني آهي: بلاول جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن بلاول جي بيان کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو ته عوامي ردعمل ڏسي پ پ بوکلاٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، عوام سان گڏ بيهي يا وري اقتدار جي پاسي بيهي، ٻنهي مان هڪ پاسو کڻي، پ پ اقتداري لالچ مان نه نڪتي ته تاريخ ۾ داغدار ٿيندي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته پنجاب جي هر شي سنڌ مان وڃي ٿي ۽ پنجاب جا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاروبار جي حساب سان رهن ٿا، اگر سنڌي ماڻهو پنجاب جا رستا بند ڪندا ته پنجاب هر ڳالھه سمجهي ويندو، ڪئنال سمورا نامنظور آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سرمد ادل سولنگي لکيو ته ھي چون ٿا پرڻو به کائون مرڻو به کائون… ساري سنڌ ٻري پئي آھي، ھر مڪتبه فڪر جي ماڻهوءَ جو ھڪ نعرو آھي ڪئنال سمورا نامنظور، ھي وائڙو پهريان چئي پيو ڪئنال نه ٺهندا، وري چيائين پاڪستان کپي، اڙي ايڏا ھمدرد آھيو ته اڃا ڪڏھن اٿندئو؟ ھن اقتداري لالچ مان نڪرو نه ته تاريخ اوھان کي داغدار ڪندي. جبار حبيباڻي لکيو ته پيپلزپارٽي عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، ڪئنالن جي سڄي معاملي ۾ حصيدار آهي. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ايتري سچي آهي ته سنڌ ۾ گرين پاڪستان تحت جيڪي زمينون نگران حڪومت الاٽ ڪيون آهن اهي پهرئين ڌڪ ۾ اسيمبلي مان رد ڪرائي. پيپلزپارٽي جي ماڻهن گذريل پندرهن سالن ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي آهي جو کين خبر آهي ته جيڪڏهن موجوده حڪومت کان ڌار ٿياسون ته سموري قيادت جيلن ۾ هوندي. تنهنڪري سنڌي ماڻهن کي هنن جي چالاڪين ۾ نه اچڻ گهرجي ۽ پنهنجو دٻاءُ برقرار رکڻ گهرجي. سارنگ منير سومرو لکيو ته پيپلز پارٽي 6 ڪئنال ٺاھڻ ۾ وفاق سان ڳٺ جوڙ رھي آھي ھي چور مچائي شور وارو ڪم ڪري رھيا آھن، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته هو توهان سان هاڻي هلڻ به نٿا چاهين. اها توهان جي مجبوري آهن. اهو توهان به سمجهو ٿا، منير خان سومرو لکيو ته هي هاڻي نٿو وڻي، محمد پليجو لکيو ته پنھنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ سنڌ جي عوام سان دوکو فريب ۽ “مڪر”پيا ڪن اندر مليل آھن، سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي لٽمار پيا ڪن، امجد علي اڄڻ لکيو ته حڪومت ھنن جي آ ته پوءِ ڇا لاءِ ٿا احتجاج ڪن رڳو منافقت اٿن، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته هر شي وڪرو ڪن ٿا اهو بيان سنڌ دشمن ئي ڏئي سگهي ٿو، هڪ منٽ ۾ڪئنالن جو ڪم بند ٿي سگهي ٿو هو سچا ناهن، ايوب کوسو لکيو ته سراسر سنڌ دشمني آ بلاول جي ان بيان مان صاف ظاهر آ جڏھن چور چوري ڪري وري ڀاڳين سان گڏ پيرا به کڻائي اھو چور آهي، سنڌ هنن کي سڃاڻي ورتو آهي، ھاڻ ھنن کي ٽال مٽول ڇڏڻ کپي، سنڌ جي عوام سان گڏ بيهڻ لاءِ اقتدار ڇڏڻ گهرجي، ابوبڪر علي لکيو ته ادارن چاھيو پي ته ڪنھن طريقي سان صوبن جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائجي، قربان علي ميربحر لکيو ته اسان جو بيان رڪاڊ تي رکيو وڃي ته جڏهن ڪو غلط فيصلو ته ٿيندو ان ما صرف سنڌ جي لاءِ نقصان هوندو آهي ڪڏهن پنجاب جا ماڻهو سنڌ ۾ امتحان ڏيڻ پيا اچن ته ڪڏهن افغاني پيا لڏي اچن اسان جي سنڌ جو زمينون ٻين کي نيلام ڪري ڏنيو ٿيون وڃن، اسان جو حق ناهي ته اسان انهن جي خلاف نڪرون؟ گئس سنڌ مان ٿو ملي ڪوئلو سنڌ مان ٿو ملي تيل سنڌ مان ٿو نڪري اسان پنهنجن حقن جي لاءِ جيترو ٿي سگهيو ڪوشش ڪنداسين، صفي تنيو لکيو ته ڪئنالن جي منظوري پاڻ صدر ڏني هئي وري اسلام آباد وارا ڪيئن ٿا ٺاهن ۽ اسان نه کپي وارا اتي وڃين رستا بند ڪيون جيئن باقي پنجاب ۾ پيٽرول ۽ ٻيون شيون پهچن جيئن صدر کي لٽر تي 8 رپيا ملن، اسان سرخ سلام ٿا پيش ڪيون وڪيلن جي جدوجھد کي جن سنڌ ڌرتي ۽ درياءَ سان نيهن نڀايو آھي. راجا رميش لکيو ته سنڌين جي سھاري بيٺل کي ائين نه چوڻ کپي سنڌين کي، حاجي خان پنهور لکيو ته هي جيڪا پ پ پ گورنمينٽ گيم کيڏي پئي اها عوام سڀ سمجهي پيو، پ پ پ سنڌ ڪارڊ کيڏڻ سان ڪوفرق نه پوندو، اقتدار خاطر هنن ڪئنال فارمنگ تحت سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري من پسند فيصلا ڪرڻ ٿي چاهيا عوامي انقلاب انهن کي رد ڪري چڪو آ، هاڻي پ پ پ وارا بوکلاٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، جاويد راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، ارشاد علي ميراڻي لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو بيان “وفاقي حڪومت ڪئنال منصوبو واپس وٺي ٻي صورت ۾ گڏ نه هلنداسين” هڪ انتهائي سنجيده سياسي موقف آهي، جيڪو وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ آئيني، وسيلن جي ورڇ ۽ اعتماد جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو. سندس اها ڳالهه ته “ڪئنال اسلام آباد وارا ٺاهين پيا، نه کپي وارن جي وري سنڌ جي هاءِ ويز سان دشمني آهي”، سنڌ سان ٿيندڙ مبينا ناانصافين خلاف هڪ احتجاجي آواز آهي، جيڪو صرف سياسي بيان نه، پر صوبائي حقن جي حفاظت لاءِ هڪ سخت موقف آهي. بلاول جو اهو موقف ته “گڏ نه هلنداسين” وفاق لاءِ هڪ سياسي وارننگ آهي، مجموعي طور بلاول ڀٽو جو بيان هڪ مضبوط، آئيني ۽ عوامي نمائنده آواز آهي، سرفراز لغاري به سروي ۾ حصو ورتو، ممتاز علي سومرو لکيو ته بلاول سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، اعجاز علي کاڙت لکيو ته پ پ هميشه سنڌ دشمن پارٽي رهي آهي سنڌ جو پاڻي پنجاب کي وڪڻي ڏيڻ پويان پ پ جو هٿ آهي بلاول جي پي ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت ڏني هاڻي بلاول وري عوام کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ اهڙا بيان پيو ڏي سنڌ جو عوام هاڻي هن کان چڱي ريت واقف ٿي ويو آهي، زبير جکرو به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، گلاب لاکو لکيو ته تيل، گيس، ڪوئلو بجلي ۽ بندر جي سموري مال جي رسد سنڌ مان آھي، اھا سنڌ کان بند، سمجھو پنجاب بند، ڪئنال پنجاب پيو ٺاھي پي پي کي احتجاج ڪرڻو آ ته وڃي پنجاب ۾ ڪري سنڌ ۾ نه، شاهد حسين دائوداڻي لکيو ته منهنجي سنڌ امڙ جي اٻوجهه ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو نئون طريقو آهي سنڌ سان ايڏا سچا آهن ته پوءِ حڪومت ڇڏي ڏين، رجب علي، عبدالستار خاصخيلي، محمد قاسم، ايم صديق بنگلاڻي، محمد دين، امير علي، خالد راڄپر، وسيم ڏيٿو، حسام نظاماڻي به سروي ۾ حصو ورتو، شوڪت جتوئي لکيو ته نه کپي وارا هاڻي اڳيان پويان حساب برابر ڪندا، سهراب گوپانگ لکيو ته انهن جو سڀ ڪجهه پنجاب سان جڙيل آھي، پنجاب سان بھتر لاڳاپا چاهين ٿا، سنڌ تباھ ڪري پنجاب ۾ فيڪٽريون ملون ڪارخانا ۽ ٻيا وڏا پروجيڪٽ سنڌ کان وصول ڪري پنجاب کي ڏيندا، الهڏنو راهمون لکيو ته پيپلز پارٽي پاڪستان (PPP) جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيترائي تجربيڪار ۽ نظرياتي ورڪر شامل هئا، جيڪي پارٽي جي پاليسين جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا. اهي سڀ ورڪر نه صرف پاليسين جي ترتيب ۾ شريڪ هئا، پر عام ماڻهن تائين پارٽي جي پيغام پهچائڻ ۾ به اهم هئا. وقت سان ڪيترائي جدا ٿيا، پر سندن تاريخي ڪردار اڻ وسارڻ لائق آهي. ھاڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جون پاليسيون جوڙيندو واپاري ٺيڪيدار آھي جن کي نقصان جو ڊپ به برداشت نٿو ٿئي، قربان عالياڻي لکيو ته ڪئنال حوالي سان سڀ پ پ پ وارا هڪ خالي پيج تي آهن،حاجي بدر خشڪ به سروي ۾ حصو ورتو، رستم علي ٻرڙو لکيو ته ايڏو سنڌ ۽ سنڌو سان سچو آھي ته ڊرامي بازي بند ڪري، حسين فياض زرداري لکيو ته سنڌ اڳ ئي سورن ۾ آھي ھن ٽائيم پنجاب سنڌ لاءِ اسرائيل بڻجي چڪو آھي ۽ سنڌ فلسطين، پنجاب سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ چاھي پيو جيڪو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، عمر سنڌي لکيو ته وڪيل به نه کپي وارا ٿي ويا ؟ عبدالقدير شر لکيو ته بلاول جو بيان اھڙي وقت ۾ آيو آھي جنھن وقت اسان جا وڪيل پنجاب جي رسد بند ڪري روڊن تي ويٺل آھن.. جيڪڏهن پنجاب اسان جي پاڻي تي پنھنجا غيرقانوني حق ڄمائي ٿو ته اسان وٽ جمھوري حق آھي ته اسان به انھن جون ضروري شيون جيڪي اسان جي علائقن مان انھن ڏي پھچن ٿيون اهي بند ڪيون، علي وارث لکيو ته ياد ڏياريوس ته ڪالاباغ ڊيم به وفاق ٺاھي پيو پر محترمه بينظير صاحبه ڪمون شھيد واري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ھئي، احمد علي جڙيو لکيو ته بلاول ڀُٽو زرداري جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي ڪاپي ٿوڪري، رياض حسين چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، نبيل احمد لکيو ته پنجاب جي هر شي سنڌ مان وڃي ٿي ۽ پنجاب جا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاروبار جي حساب سان رهن ٿا، اگر سنڌي ماڻهو پنجاب جا رستا بند ڪندا ته پنجاب هر ڳالھه سمجهي ويندو، ارشمان علي لکيو ته پيپلز پارٽي چاھي ته ان مسئلي تي حڪومت کي ڪيرائي سگھي ٿي، عابد علي ڪنڀر، مرتضيٰ بلوچ، ثناءُالله چنا، رياض بلوچ، سلمان خان، تصور باقي، ابڙو محمد علي، احمد پتافي، وزير علي، نماڻو نوناري، اويس احمد ٿهيم، جمشيد علي، ماسات هادي، صدام ايچ سمون، مظهر عثمان پنهور، راجا يامين علي، جميل منڱريو، عرفان علي ملاح، ديشي اياز، ممتاز علي سميجو، نويد خان، لالا خدا بخش پٺاڻ، هزار خان، ظفرالله لاشاري، سڪندر چانڊيو، علي اڪبر زرداري، استاد عارف حسين تنيو، نقاش پيرزادو، غلام حيدر ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.