پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي عوام پاران سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو، پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول 3 رپيا 72 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 29 پيسا وڌي ويو. نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن تي منصور ابڙو لکيو ته يو ايس اي ۾ پيٽرول 2.5 ڊالر ۾ 5 لٽر پيٽرول ملي ٿو، جوڳي خالد لکيو ته ڪيئن به ڪريو گهٽايو پيٽرول کي، جبار ڌاريجو لکيو ته شڪر ٿيو. ٽڪو ٽڪو ٿي اشرافيه جو خرچ برقرار رھي، الهرکيو کوسو لکيو ته سواءِ موت جي سڀ مھانگو آھي، علي دوست لکيو ته دوائون ئي مهانگيون ڪري ڇڏيون اٿن، باقي پئٽرول ڪير ٿيندو آ…! خاور قبولي لکيو ته جيسيتائين انقلابي سوچ پيدا نه ٿيندي، ايسيتائين حڪمران موجن ۾ ھوندا. مشتاق حسين جوکيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول 3 رپيا 72 پيسا مھانگو ڪيو ويو آهي ڏتڙيل قوم کي مبارڪون هجن، جنهن تي ثناءُالله ڏاهري ۽ ايم رفيق جوکيو به ردعمل ڏنو، نويد جت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 72 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 29 پئسا اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي، انڙ عبدالسلام پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول في ليٽر 3 رپيا 72 پئسا مهانگو نئين قيمت في لٽر 253 روپيا ٿي وئي آهي، ڊيزل 3 رپيا 29 پيسا وڌي ويو. جنهن تي سليم سومرو لکيو ته جيستائين چورن جي سرڪار آھي تيستائين ملڪ جا قبرستان ڀريندا رھندا، اشرف علي مهر لکيو ته ڌرڻي تي ٿيل خرچ عوام جي کيسي مان نڪرندو، سجاد پيرزادو لکيو ته ماشاءَالله رب پاڪ اسان کي اڃا وڌيڪ همت ڏيندو. ڪريم بخش لکيو ته 253 لٽر ٿيو، اسامه انڙ ۽ مظهر علي ڪانگو، عارف شيخ به ردعمل ڏنو، محمد صديق لکيو ته منھنجو کير 200 رپيا ڪلو، تنھنجو پيٽرول 253 لٽر ؟ آزاد ڏاهري لکيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 3.72 ڊيزل 3.29 جو اضافو ڪيو ويو آهي.سيد عثمان علي شاهه به پيٽرول ۾ واڌ واري پوسٽ شيئر ڪئي.