ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين جي آزادي لاءِ سنڌ پنجاب دنگ تي لڳل ڌرڻي واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي ڀرپور مهم هلائي وئي، مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ڪندي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو سڏ ڏنو ويو، ڪشمور کان ڪراچي هڪ آواز بڻجي ويو ته مغوي آزاد ڪرائي ڏيو، ايس ايس پي پاران مظاهرين کي ڌمڪين واري معاملي تي به سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو. شبير علي سهتو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ناڪام ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن تي گوليون هلائڻ جي ڌمڪي بعد ڪنڌڪوٽ مان نڪتل سوين ماڻهون ڪشمور ڊيرا موڙ تي لڳل ڌرڻي ۾ پهچي ويا روڪ جي روڪي سگهين، ٻئي پاسي ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن کي ڪجهه به ٿيو ته ھالا نيشنل ھاءِ وي کي بند ڪنداسين شھدادپور جي وڪيلن اعلان ڪيو آهي، ايم الياس عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور واسين تي پوليس ٿوري به پر تشدد جي اڳرائي ڪئي ته اسين ڪراچي جا سوين نوجوان آئي جي سنڌ جي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھڻنداسين.. سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور جي شعور کي سلام، ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ شھرين پاران گذريل ٻن ڏينھن کان لڳل ڌرڻو پوليس جي منھن تي ھڪ اھڙي چماٽ آھي جنھن جا نشان تاريخ ڪڏھن به مٽائي نٿي سگھي، پوليس وٽ ايتري به اخلاقي جرئت ناھي جو ھو سندن وارثن وٽ اچي ڪري کي مطمئن ڪري. الٽو ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي. پيارن جي بازيابي تائين ائين ئي جدوجھد جاري رھي.
ڊاھه ھن سماج کي
لوڏ سامراج کي
آڻ ڪو نئون نظام
جو چڱو چئي عوام
انقلاب، انقلاب
جنهن تي علي فياض ۽ اسدالله اوڍو لکيو ته زبردست،ائين ڪو سنڌي عوام پنهنجي همٿ ڏيکاري ته ڪو سٺو انقلاب ۽ تبديلي اچي، تمام گهڻي خوشي ٿي آهي عوام ۾ شعور ڏسي، غلام عباس منگي لکيو ته ڪشمور جي شعور کي سلام، اسماعيل عباسي لکيو ته ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۾ پوري سنڌ ۾ ڌرڻا لڳڻ گهرجن، آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جاڳيا جاڳيا ڀاڳيا جاڳيا، سنڌي ھندن جو ڌرڻو قومي تحريڪون ديرا موڙ ڌرڻي واسين جي مالڪي ڪن، جنهن تي وحيد تنيو لکيو ته پوري سنڌ ڌرتي سنڌ جي اصل وارثن ڀاڳين سان گڏ آهي، دليپ اوڍاڻو لکيو ته ائين ھمٿ ڪندا ته ڪنھن ۾ جرئت نه ٿيندي اغوا ڪرڻ جي، ارشاد رانجهاڻي لکيو ته قومي تحريڪن جي اڳواڻن لاء بھتر موقعو آھي پر شال اھي وارثي ڪن، محرم علي ملاح لکيو ته حق سچ تي آواز اٿارڻ تي توهان کي جس هجي، ظهير سنڌي لکيو ته پوري سنڌ ڌرتي سنڌ جي اصل وارثن ڀاڳين سان گڏ آهي، قمر نواب ڪانڌڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته افغانين ۽ ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل سنڌ پوليس جي SSP ڪمشور پاران ڌمڪي، امن امان لاءِ لڳل ڌرڻوختم ڪيو نه ته گوليون هلائينداسين. شيم شيم، جئپال ڇاٻڙيا لکيو ته مغوي آزاد ڪرايو يا استعيفا ڏئي گهر هليا وڃو، جاويد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آخري مغوي تائين روڊ بند رهندو. ڪشمور ۾ ڀوتارن جي اغوا انڊسٽري خلاف احتجاجي ڌرڻو ٻئي ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، عرفان علي گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي جي منتظمين جي جهدوجهد کي سرخ سلام، سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي اٿو ڌرتي ڌڻي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا ديوان ڀائر جيڪي ٽن ڏينھن کان ڪاروبار بند ڪري ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن مطالبو ھڪ ئي آھي اسان کي پنھنجا ماڻھون ڏيو روڊ کلندو نه ته اتي ئي ويٺا آھيون ھنن واڻين جيتري ھمت ۽ مڙسي قوم پرست ڪن ھا تڏھن به سنڌ اٿلي پوي ھا عوام تپيل آ رڳو ڪال ڏيڻ جي ضرورت آ، جنهن تي لياقت جهتيال لکيو ته قوم پرست ڪارڪن به شامل آهن، حبيب الله ڀٽو لکيو ته سچ پر کرو سچ.مشتاق ناريجو لکيو ته تمام سٺو ڪم، سجاد چانڊيو لکيو ته واقعي وڏي ھمت ڪئي اٿن، ديدار شام لکيو ته ان معاملي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مسلسل جدوجهد ڪري رهيو آهي، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۾ وڏا احتجاج ڪرڻ سان گڏ، سڄي سنڌ ۾ آواز اٿاري رهيو آهي، ان ڌرڻي ۾ به جسقم ڪارڪن ڪارڪن شريڪ آهن. ممتاز ٻرڙو لکيو ته هن ڌرڻي ۾ سڀ قومپرست آهن، فدا حسين بجاراڻي، رشيد مهر، قدم حاڪم علي راڄر، منظور رند، شاهنواز ميتلو به ردعمل ڏنو، وسيم عباس لانگاهه لکيو ته ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۾ پوري سنڌ اندر احتجاج جي ضرورت آهي ، جيئن SSP ڪشمور کي خبر پوي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي متحد آهن. ڪشمور SSP چوي ٿو ونگ ڪمانڊر جي حڪم تي گوليون هلائيندس، محمد جمالي، ديو راج کوکر، الطاف ناياب اوڍو، ماجد چانڊيو، وسيم گوپانگ، محمد يونس شاهاڻي، نندلال جئپال به ردعمل ڏنو، غلام رسول سومرو لکيو ته پنهنجي حق ۽ سچ لاءِ اٿڻ به وڏو خير جو ڪم آ هاڻي شل خير ٿي ۽ باندي پنهنجي ٻچڙن جي حوالي ٿين، اسد جروار، ممتاز علي ڦلپوٽو، شفيق ڏيرو، لياقت جوڻيجو، سحر رضوي، شاهنواز ڏاهري، علي باسط بلوچ، شمس الدين ٻگهيو، علي دوست خاصخيلي، رحمت الله شر، زوار مشتاق حاجاڻو، شهمير سومرو به ردعمل ڏنو. محرم چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته دردمندن جي ديس جي ننڊ ڦٽڻ شروع ٿي چڪي آهي، هي ڌرڻو پيڙھه جو پٿر ثابت ٿيندو، جنهن تي حبدار نوناري لکيو ته ڪجھه ته سنڌي ماڻھن کي به اٿڻ گهرجي پٺاڻ آيا پنھنجا ماڻھون آزاد ڪرائي ويا بگٽي پنھنجن ماڻھن لاءِ ھٿيار کڻي ھتان جي اغوا مافيائن وٽان پنهنجا ماڻهو آزاد ڪرائي ويا، باقي اسان ننڊ پيا آھيون سو ھي ڌرڻو احتجاج اسان جي ٻڌي جو ثبوت آ جيڪو اڳتي ھلي اسان جا دشوار رستا سولا ڪندو، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيل گردي خلاف تاريخي احتجاج ڪيو پيو وڃي، ديره موڙ تي لڳل ڌرڻي کي 24 ڪلاڪ ٿي چڪا آهن، ٽن صوبن جي ٽرئفڪ بند پيل آهي، پر پوليس اختياريون صفا گم آهن، هزارين ماڻهو پنهنجي ضلعي جي امن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، خاص طور تي هندو پنچائت طرفان پهريون ڀيرو ايڏو وڏو احتجاج ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ سڄي ضلعي جو عوام شريڪ آهي، ٽن ڏينهن کان ضلعي ۾ ڪاروبار به بند پيل آهي، ضلعو امجد شيخ جي حوالي ٿيڻ باوجود، پوليس جي اها ئي ڪارڪردگي آهي، جيڪا اڳ هئي،ان مان ظاهر آهي ته ايس ايس پي صرف ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي، باقي سندس ڪارڪردگي زيرو آهي. ضلعي جي عوام مجبور ٿي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آهي، جنهن جي اسان سڀني کي حمايت ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ترت فوجي آپريشن جو مطالبو به ڪرڻ گهرجي. امجد بليدي، شيراز ڪاتيار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن تي گوليون هلائڻ جي ڌمڪي بعد ڪنڌڪوٽ وارا به جاڳي پيا سون جي تعداد م نڪري ڪشمور ڊيرا موڙ تي لڳل ڌرڻو ۾ پهچي ويا، وشال رٻاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرڻو ختم ڪريو نه ته ونگ ڪمانڊر جي حڪم تي ڌرڻي مٿان گوليون هلائينداسين…!!!. SSP ڪشمور جو ڌرڻو هڻندن کي ڌمڪيون، ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل SSP ڪشمور ڌمڪيون ٿو ڏئي، هاڻ ڀلي SSP ڪشمور ونگ ڪمانڊر جي حڪم تي گوليون ھلائي توڙي ٻي ڪا ڪاروائي ڪري . کيس اجازت آهي . پر ان کان پھريان سموري سنڌ کي هڪ آواز ٿي سموري سنڌ جي ننڊن وڏن شھرن جي پريس ڪلب تي احتجاج رڪارڊ ڪرڻ گهرجي . يا اڃان به اڳتي ھر شھر جي ٻاھران باءِ پاس تي روڊ بلاڪ ڪرڻ گهرجن . ڏسون ته SSP ونگ ڪمانڊر جي حڪم تي ڪيترن شھرن جي ماڻهن مٿان گوليون ٿو هلرائي . اٿي کڙا ٿيو دوستو !! هيءَ پنهنجي وجود جي جنگ آهي . جنهن جي شروعات ڪشمور جي ديوانن ڪئي آهي . ساقي نديم بلوچ، عبدالغني کوسو، برڪت بجير، وارث علي ابڙو، ايڊووڪيٽ عمير علي، گلاب ميگهواڙ، عرفان بلوچ، راول خان چانڊيو، هريش ڪاراڻي، مشتاق علي ڪورائي ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون، ماڻهو ڏيندين ته روڊ کلندو.