سوال/سروي … ڊالر بي قابو ٿيڻ ڪري معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي، حالتون سريلنڪا جهڙيون لڳن پيون: عوام

0
59

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آمريڪي ڊالر بي قابو: هڪ ڏينهن ۾ 24 رپيا ٻئي ڏينهن تي 7 رپيا چڙهي ويو، ملڪ جي معاشي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ملڪ جي معاشي حالت انتهائي گھڻي خراب آهي ملڪ ڪنهن حد تائين ڊفالٽ ۾ وڃي چڪو آهي بس اعلان باقي آھي جيڪو سياستدان ڪرڻ نٿا چاھين، حالتون سريلنڪا جھڙيون لڳن پيون، پي ڊي ايم حڪومت به ناڪام ٿي وئي، ڊالر اڃان به بي قابو ٿيندو عام کاڌي پيتي شئين جا ريٽ پھرين فيبروري کان پوءِ آسمان کي لڳي ويندا، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، معيشت کي بهتر بڻائي عوام کي رليف ڏنو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اھا صورتحال تقريبن عالمي صورتحال آھي خود آمريڪا بھادر کي به ڏيوالي جو خطرو پيدا ٿي پيو آھي صورتحال بھتر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو جيڪڏهن نوازشريف کي سيٽ اپ کان ٻاھر نه ڪيو وڃي ھا ته شايد اھا صورتحال نه ھجي ھا، احسان لغاري لکيو ته ھڪ ته ڊالر جي وڏي اڏام آھي ٻيو مهانگائي چوٽ تي، بس ملڪ جو رب وارث آھي پي ڊي ايم ته وڏي مهانگائي جي خلاف جدوجھد پئي ڪئي اڄ انھي پي ڊي ايم جي حڪومت آھي جنھن عوام کي مرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آھي، موهن لال لکيو ته ملڪي معاشي حالتون ڪووڊ کانپوءِ لوڏن ۾ اچي وئي ۽ رهيل ڪسر ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي مٿان وري پلاننگ کي حتمي شڪل ڏيڻ واري معاشي ٽيم ڪرپٽ ۽ نااهل ويتر ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ ۾ مشغول آهي اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت جو اڀرڻ پري پري تائين نظر نٿو اچي، رياست کي گهرجي ته بنا ڪنهن دير جي پاڙيسري ملڪ انڊيا سان ڪاروبار لاءِ هٿ وڌائي جنهن سان ڪجهه مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، اڃان به ڊالر چڙهندو ويو غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال بڻجي ويندو. منظور زرداري لکيو ته ملڪ جا حڪمران ئي چور آهن ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي ڏينھون ڏينهن مھانگائي وڌندي پئي وڃي مھانگائي وڌڻ سان سڄو بار غريب طبقي تي پوندو جيڪي اٽي جي لپ لاءِ پريشان آهن ملڪ جي حڪمرانن ۽ سردارن ڀوتارن وڏيرن سرمائيدارن کي ڪا پرواهه ئي ناهي اھي پاڻ عوام جي ٽيڪسن تي پلجن ٿا، شبير سهتو لکيو ته انقلابي يا ظالم حڪمران اچي هنن راشي ۽ ڪرپٽ آفيسر کي سري عام ڦاسي نه ڏيندو تسين ڪجهه به نه ٿيندو هي سڀ مليل آهن گڏجي ملڪ تباهه ڪندا، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ملڪ اڳ ئي لوڏن تي پيو ھلي مٿي ڊالر به وڃي آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو آھي بس غريب عوام کي اڳ ئي سور گھڻا آھن ڏسندي ئي رهندي ڇا ڪندي، شنڪر لال لکيو ته ڊالر اڃا به مٿي ويندو ڇو ته اسان جي ملڪ پاڪستان جي معاشي صورتحال تمام خراب آھن…خاموش خليل شر لکيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي ڳاٽي ٽوڙ آھي،ويتر جي ڊالر جون قيمتون وڌي ويون ته ملڪ ۾ صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آھي، ماڻھو اٽي جي لپ لاءِ پريشان آھن، هر شي چوٽ تي چڙھيل آهي، حبيب الله مهر لکيو ته ملڪ معاشي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي. پي ڊي ايم حڪومت به ناڪام ٿي وئي . مراد علي لکيو ته ملڪ جي معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿين پيون ڊالر چڙهي پيو ته مهانگائي به چوٽ چڙهي وئي آهي مٿان وري حڪومت به مني بجيٽ پيش ڪري رھي آهي بس پاڪستان جو الله آهي باقي ڪم گهڻو آهي حالتون سريلنڪا جھڙيون لڳن پيون، شبير حسين ڏاهري لکيو ته حڪمرانن کي هاڻي گهر ڀيڙو ڪريو، مهانگائي جو طوفان آيل آهي، غريب ماڻهو ماني لاءِ پريشان آهي، برساتن به وڏي تباهي ڪئي، محمد فياض وساڻ لکيو ته ملڪ جي معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿين پيون ڊالر چڙهي پيو ته مهانگائي به چوٽ چڙهي وئي آهي مٿان وري حڪومت به مني بجيٽ پيش ڪري رھي آهي بس پاڪستان جو الله آهي باقي ڪم گهڻو آهي حالتون سريلنڪا جھڙيون لڳن پيون، ملڪ معاشي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي. پي ڊي ايم حڪومت به ناڪام ٿي وئي . حاجي فقيرو سنڌي لکيو ته اسان تمام بهترين ٿا ڏسون ۽ جيڪي بهترين نٿا ڏسن انهن کي انڊيا ۽ اسرائيل جو ايجنٽ سمجهيو وڃي، جمالي امتياز لکيو ته وقت جا حڪمران پاڻ پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙيندا، ذوالفقار علي راهمون لکيو ته جيتري تيزي سان ڊالر پيو وڌي انهي جي ٻيڻ تي ملڪ ۾ غربت پيئي وڌي، آزاد لکيو ته غريب طبقو تباهه ٿي چڪو آهي، اشتياق امداد شر لکيو ته ملڪ جي معيشت تباهه ڪري رهيا آهن، نور عمراڻي لکيو ته جن ماڻھن جون جائدادون ، ڪاروبار ۽ قوميت ٻاهرين ملڪن جي هجي ۽ سياسي حڪمنامه به ٻاهران ايندا هجن ته اتي اها ئي صورتحال ڏسڻ لاءِ ملندي آھي. ملڪ تي مسلط مافيا کي وطن کان وڌيڪ غبن عزيز آھي. سڀ چور گڏبا ته ائين ئي ٿيندو. منٺار علي لغاري لکيو ته جيڪا تجويز ڏيون بيڪار آهي ڇو جو ملڪ جا حڪمران 100 سيڪڙو ڪرپٽ آھن ، ملڪ جا تاجر توڙي غريب طبقو سڀ پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن ، ملڪ کي پوئتي ڪرڻ وارا سندس ئي حڪمران آهن ، اڃا به ڊالر چڙھندو ويو غريب ماڻھو جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو ، عاشق حسين شر لکيو ته ڪاروباري ماڻھو ڊالر کي ائين پيا ڏسن جيئن عام ماڻھو بصرن جي ريٽ کي، راشد ڀٽي لکيو ته ملڪ جي معاشي حالت انتهائي گھڻي خراب آهي ملڪ ڪنهن حد تائين ڊفالٽ ۾ وڃي چڪو آهي بس اعلان باقي آھي جيڪو سياستدان ڪرڻ نٿا چاھين ڊالر اڃان به بي قابو ٿيندو عام کاڌي پيتي شئين جا ريٽ پھرين فيبروري کان پوءِ آسمان کي لڳي ويندا پيٽرول ۽ ڊيزل جا ريٽن ۾ به تمام گهڻي واڌ اچي ويندي ملڪ جي معيشيت مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي ملڪ ڊفالٽ ٿي چڪو آهي بس اعلان باقي آھي، حزب الله ميمڻ، عبدالستار پنهور، خير محمد مگسي به سروي ۾ حصو ورتو، جنيد لغاري لکيو ته ملڪي معاشي صورتحال خوفناڪ ۽ ڀيانڪ آهي، غريب طبقو ته پيڙهل هو پر هاڻي مڊل ڪلاس طبقوبه تباهه ٿي ويو، موجودا صورتحال پيڙهل طبقو اٽي کائڻ کان ويو هليو، جڏهن ت ملڪ م اجرت 500 سو آهي ته اٽو 150 سو ڪلو آهي آئل 550 سو ليٽر آهي.