سوال/سروي … چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي ۾ وڏو دنگل ٿيندو، ڪيترائي پراڻا بت سيٽون هارائي ويندا: عوام

0
60

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ جوڙيل اتحاد چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سگهندو؟ مخالف اتحاد ڪهڙي شهر ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هن ڀيري وڏو دنگل ٿيندو، جي ڊي اي پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي، ڄامشورو، بدين، ڪي اين شاهه، سانگهڙ، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، دادو، خيرپور، ٿرپارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ملندو، جي ڊي اي سيٽون ڪڍي ويندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته جي ڊي اي ٺھڻ کان پوءِ 4-5 سيٽون مس کٽي ٿي جڏھن ته ان کان پھرين پير پاڳاري جي پارٽي فنڪشنل ليگ 13 کن سيٽون کٽيندي ھئي ھاڻي ان مان جي ڊي اي جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو پھرين سانگھڙ سڄي فنڪشنل ليگ کٽيندي ھئي ھاڻي اھا به ھٿن مان نڪري وئي اٿن ھن دفعي ٽڪيٽ روايتي اميدوارن کان ھٽي ٽڪيٽ ڏني اٿن ھاڻي ھتي سٺو مقابلو ٿيندو، پي ايس 41 ۽ اين اي 210 تي ٻنھي پارٽين پ پ ۽ جي ڊي اي مان کٽڻ جا چانس جي ڊي اي جا وڌيڪ لڳن پيا،  سهيل جويو لکيو ته لڳي ته مشڪل ٿو ته مخالف اتحاد ڪو پ پ کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهندو پر به ڪجهه هنڌن تي مقابلو سخت ٿيندو، ڏسجي ته گهڻيون ٿو سيٽون ڪڍي سگهي مخالف اتحاد، مرتضيٰ حسين خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۾ 2017 ۾ ٺاهيل اتحاد جنهن جو نالو بعد گريڊ ڊيموڪريٽ الائنس رکيو ويو جنهن کي پذيرائي 2018 جي اليڪشن کان هن موسمي اليڪشن ۾ وڌيڪ ملي آهي، جي ڊي اي ضلعي سانگهڙ ۾ تاريخي مقابلو رٿيل آهن جيڪو خاص مقابلو ٿيندو اهو اين اي 209 تي آهي جتي پيپلزپارٽي جي شازيا عطا مري ۽ جي ڊي اي جو محمد خان جوڻيجو ضلعو سانگهڙ تمام زبردست مقابلا آهن هر تڪ تي، حفيظ الله لکيو ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي گذريل پندرنهن سالن کان هڪ پارٽي اقتدار تي مسلط ٿيڻ ڪري پوري سنڌ تباهه ٿي چڪي آهي عوام متبادل چاهي پيو ۽ ووٽ پ پ مخالف کي ئي هر هنڌ ملندو پر واڳ ڌڻي صرف شفاف نتيجا ظاهر ڪن ته پوري سنڌ مان ڪرپٽ ٽولي جو صفايو ٿي ويندو هاڻي تبديلي جو فيصلو واڳ ڌڻين حوالي آهي عوام پ پ خلاف ئي ووٽ ڪرڻ چاهي ٿو، اسد زرداري لکيو ته پ پ جي مخالفت ۾ ڪو خاص جوڙيل اتحاد ناھي پ پ اميدوار ھر ضلعي ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا پر ضلعي سانگهڙ ۾ تاريخي مقابلو رٿيل آهي جيڪو اين اي 209 جتي پيپلزپارٽي جي شازيا عطا مري ۽ جي ڊي اي جو محمد خان جوڻيجو آهي، ضلعو سانگهڙ پر ڏسجي ته ضلعي سانگھڙ ۾ پ پ جي شازيا مري سانگھڙ ضلعي جي مختلف شھرن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايل آھن تڏھن پ پ اميدوارن جي پوزيشن مضبوط آھي، حر معشوق علي لکيو ته  جي ڊي اي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي، سيف الله سومرو لکيو ته سڄي سنڌ ۾ پ پ پ کي ٽف ٽائيم آ ھنن اقتدار ۾ سڄي سنڌ کنڊر بڻائي ڇڏي آ، ھٿرادو ٻوڏ آڻي ڪري ھنن غريب مسڪين ماڻھن جا گھر ٻوڙايا انھن جي ڪنھن به قسم جي مدد نه ڪئي ھنن جي ڪھڙي ڪارڪردگي آ ھنن ته سچن ورڪرن جا به حق کاڌا ھاڻي عوام ان کي شڪست ڏي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته نوشهروفيروز ۾ جي ڊي اي طرفان بيهاريل اميدوار غلام مرتضيٰ جتوئي (اين اي 206) تي مضبوط اميدوار آهي جيڪو پي پي طرفان بيهاريل اميدوار ذولفقار علي بهڻ کي وڏي مارجن سان شڪست ڏيندو ان سان گڏ پي ايس 34 تي جي ڊي اي طرفان نوجوان اڳواڻ شاهنواز جتوئي مضبوط اميدوار نظر اچي پيو جيڪو پي پي طرفان ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ممتاز علي چانڊيو اميدوار آهي جن جو سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان آهن، باقي پي ايس 35 تي جي ڊي اي اڳواڻ رئيس مسرور احمد جتوئي مضبوط اميدوار آهي جيڪو پي پي طرفان بيهاريل اميدوار ڊويزنل صدر ضياء الحسن لنجار کي بري طرح سان 08 فيبروري تي تاريخي شڪست ڏيندو، عابد حسين لکيو ته جيڪڏھن چونڊ عمل شفاف ٿي ته صورتحال مختلف هوندي ملڪ ۾ هر ڀيري بظاهر اليڪشن جي صورت ۾ سليڪشن ٿيندي آھي، امر آڪاش لاکو لکيو ته پيپلزپارٽي اميدوارن جي واهڻ واهڻ وستي وستي بيعزتي ٿئي پئي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته هن وقت سنڌ ۾ جي ڊي اي جي پوزيشن مضبوط ڏسڻ ۾ اچي پئي، جاويد جبار لکيو ته هر طرح هن اليڪشن ۾ به بدين ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ پي پي جي سردارن جو زبردست مقابلو ٿي رهيو آهي ۽ انشاءَالله ڪاميابي مرزا جي ٿيندي، ساجد علي ڀٽي لکيو ته سانگهڙ ۾ GDA ڪامياب ٿيندي، مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ ٺاھيل جي ڊي اي اتحاد ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿي رھيو آھي جنھن جو واضح ثبوت اِھو آھي ته پيپلز پارٽي ڏينھون ڏينھن وڌيڪ مضبوطي سان گڏ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رھي آھي، سنڌ اندر قومي اسيمبلي جي ڪنھن به سيٽ تي جي ڊي اي اتحاد پيپلز پارٽي سان مقابلي ۾ نه آهي، باقي 3 کان چار صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي مقابلو آھي جتي جي ڊي اي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿي، عاشق رند لکيو ته پ پ جي مخالف اتعاد خاص طور اسان جي ضلعي سانگهڙ 209 ۽ 210 تي پ پ کي تاريخي شڪست ڏيندا ۽ باقي پ پ وارن جو جتي ڪٿي دانهون آهن ۽ انهن پ پ جي وڏيرن کان سوال جواب لڳا پيا آهن، حر هاشم هنڱورو لکيو ته پ پ مخالف اتحاد تمام مضبوط اتحاد آهي انشاءَ الله ڪاميابيون حاصل ڪندو، جبار لغاري لکيو ته پيپلزپارٽي خلاف ٺهيل اتحاد ۾ خاص سياسي گڻ نظر نٿا اچن ته هو پيپلزپارٽي کي ڪٿي ٽف ٽائيم ڏئي سگهن ها ڪٿي ٺهيل اتحاد مقابلي جهڙي پوزيشن ٺاهي به وٺي پر انهن ۾ ڪاميابي جي اميد نظر نٿي اچي بنا ڪم ڪار ڪرڻ جي پيپلزپارٽي وٽ الائي جي ڪهڙو منتر آهي جو عوام ٻوڏ برساتن آفتن جا وقت وساري جئي ڀٽو جو نعرو ليڊ سان هڻڻ جو ماهر آهي، زوار ثمر عباس لکيو ته پ پ جي حڪومت پڪي آهي، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته اسان جي نظر ۾ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ شڪست ڏيڻ مشڪل آھي ڇو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو راڄ آھي ۽ انجو وڏو ووٽ بينڪ آھي ۽ مخالف اتحاد ۾ ايتري طاقت ناھي جو ان جو مقابلو ڪري سگهي ۽ اسان جي شھر نوابشاھه اين اي 207 تي اھڙو ڪو مضبوط اميدوار ناھي جيڪو پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي.. محمد حنيف سومرو لکيو ته پيپلز پارٽي مخالف اتحاد جي ڊي اي ڪجهه سيٽون ڪڍي سگهي ٿي پيپلز پارٽي ڪم نه ڪرڻ باوجود ڪامياب نظر پئي اچي جنهن جو مکيه سبب عوام جي مسئلن لاتعلقي آهي.صابر علي ٻرڙو لکيو ته سنڌ اندر جميعت ۽ جي ڊي اي جو اتحاد گذريل اليڪشن جي ڀيٽ ۾ چار کان پنج ايم پي اي جو سيٽون وڌيڪ کڻندو باقي سنڌ صوبي سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ به پيپلز پارٽي جو وزيراعليٰ اچڻ جا امڪان آھن، شاهد ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي ۾  مقابلو آهي، صدام لغاري لکيو ته سنڌ اندر ھن وقت جي ڊي اي ماڻهن ۾ مقبول آھي بھترين ورڪ پئي ڪري جي ڊي اي جا اميدوار مضبوط آهن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته شڪارپور ۾ سخت مقابلو جي يو آءِ ۽ پ پ ۾ آھي پوءِ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جي يو آءِ کي نصيب ٿي يا قومي اسيمبلي جي سيٽ پر مقابلو سخت ڏسڻ ۾ اچي پيو، ثناءُالله چنا لکيو ته پي ايس 28 ٺري ميرواهه تي جي ڊي اي اميدوار مضبوط ناهي ڇو جو اهو امپورٽڊ آهي باقي پپلز پارٽي اميدوار لوڪل آهي اڪثريت پي پي اميدوار جي آهي بهرحال مقابلو ٿيندو، گلشير سومرو لکيو ته دريا خان مري ۾ پيپلزپارٽي ڪامياب ٿيندي، اعجاز علي ڏيپر لکيو ته خيرپور ناٿن شاھه پي ايس 80 تي سخت مقابلو نظر اچي پيو پي پي ۽ جي ڊي اي ۾، قدير جوڳي لکيو ته پي ايس 28تي سيداسماعيل شاھه ۽ ساجدعلي ٻانڀڻ ۽پي ايس 29تي بيرسٽر شيراز شوڪت علي راڄپر۽ڊاڪٽررفيق احمد ٻانڀڻ ۾تمام گھڻو ڳاٽي ٽوڙ مقابلوآهي انھن چئني وچ ۾ مقابلو زبردست ٿيندو ڏسجي عوام ڪھڙي پارٽي کي وڌيڪ سپورٽ ٿو ڪري باقي ھميشه جيان اين اي 203تي فضل علي شاهه صدرالدين شاھه کي ٽف ٽائيم ڏيندو، ثاقب علي احمداڻي لکيو ته ٽنڊوباگو پي ايس 70 ۽ گولاڙچي پي ايس 72 تي پيپلز پارٽي کي شڪست يقيني آهي، جاويد جان ڪيريو لکيو ته سڄي سنڌ ۾ پ پ کي شڪست ملندي، جي ڊي اي حڪومت ٺاهيندي، نثار احمد لنڊ لکيو ته جي ڊي اي جو اتحاد ڏينھون ڏينهن مضبوط ٿيندي نظر اچي رھيو آھي انشاءَالله ضرور پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيندو جنھن جو مثال بلاول جوم يھڙ وارو ناڪام جلسو آ ھي، عبدالمطلب نهڙيو لکيو ته ٿرپارڪر ۾ وڏو مقابلو آهي، سليم رضا رند به راءِ جو اظهار ڪيو، غلام ڪبريا لکيو ته پ پ سنڌ صوبي ۾ کٽي چڪي آهي، معشوق علي ڪيريو لکيو ته شهدادپور پي ايس 44 تي ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو، پ پ جو شاهد ٿهيم ۽ جي ڊي اي جو فقير محمد بخش خاصخيلي اميدوار آهي، فهد ابڙو لکيو ته جي ڊي اي حڪومت ٺاهيندي، حاجي کيتاڻي لکيو ته عمران خان، شاهه فيصل ڳاهو لکيو ته هن ڀيري وڏو فرق پوندو، مدثر منور علي لکيو ته ڄامشورو، بدين، ڪي اين شاهه، سانگهڙ ۾پ پ کي ٽف ٽائيم ملندو، عامر بلوچ لکيو ته ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۾ جي يو آءِ ۽ پ پ ۾ سخت مقابلو ٿيندو، امير سانگي لکيو ته پ پ ، محمد حسن ميربحر لکيو ته مقابلو صرف دادو بدين سانگھڙ شڪارپور خيرپور۽ٿرپارڪر ۾ آهي، شوڪت بلوچ لکيو ته پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو آھي عوام کي هاڻي سوچڻ گهرجي، علي جان دايو لکيو ته ڏهرڪي ۾ مقابلو ٿيندو، فقير مير محمد مڱريو ۽ سبحان علي وساڻ لکيو ته جي ڊي اي کٽندي.