چولستان ڪئنال جو نالو محفوظ شهيد طور تبديل ڪرڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڪئنال جو ڪهڙو به نالو رکن اسان کي ڪئنال ئي منظور ناهي، ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي مسلسل احتجاج بعد گريٽر چولستان ڪئنال جو نالو تبديل ڪري محفوظ شهيد ڪئنال جي نالي سان ملڪي ميڊيا تي وڏي پيماني تي مهم هلائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، ان کي سمجهڻ ۽ جوابي مهم سان ناڪام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي قاسم رنگريز لکيو ته اسان کي ڪئنال ڀٽائي. جي ايم سيد قلندر جي نالي سان به قبول نه آهن نامنظور نامنظور، وهاب منشي لکيو ته سدائين توهان سان گڏ آهيون، محمد سعد لکيو ته ڀلي مڪو مدينو رکن تڏهن به منظور نه آهن ڪئنال، جي ايم لاڙڪ لکيو ته نو مور ڪئنالز آن انڊس رور، ايڊووڪيٽ عنايت کوسو لکيو ته اهو محفوظ شهيد ڪير آهي، رضا راڄپر لکيو ته سنڌو درياءُ تي ڪئنال نامنظور. جمشيد هاليپوٽو لکيو ته گريٽر چولستان ڪئنال هجي يا محفوظ شهيد ڪئنال پر اسان سنڌو مان نڪرندڙ هر ڪئنال کي مڪمل رد ٿا ڪريون! شڪيل ڇڄڙو لکيو ته شھيد خالد محمود سومري جي ڳالھه وانگي توھان ڊيم جو نالو ڀلي مڪو مدينو رکو پوءِ به قبول نه ڪنداسين، انب گوپانگ لکيو ته نو ايني ڊيم وٿ ايني ادر نيم، ارشاد علي لکيو ته محفوظ شهيد ڪير آ وري، ڪبير ڀيل لکيو ته ڪئنالن تي نالو ڀلي لطيف رکي ڇڏين پوءِ به قبول ناهن. ذوالفقار واهوچو لکيو ته ان ڪئنال جو مڪو ۽ مدينو ڪئنال به نالو رکن تڏهن به سنڌي قبول ڪونه ڪندا، هنن کي عوامي طاقت جي خبر ناهي، هنن کي سنڌ جي تاريخ جي خبر ناهي. صابر جروار لکيو ته پليجو صاحب چيو هو ته هنن جا دماغ ننڍا آهن هنن تاريخ ناهي پڙهي، وشال شرما لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي طرفان هڪ اهم ۽ تاريخي قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 1991 واري پاڻي ٺاھه کي رد ڪيو ويو آهي جنهن تحت سنڌو درياءَ جي پاڻي مان سنڌ صوبي جي پاڻي جو حصو 60 سيڪڙو مان گهٽائي 42 سيڪڙو ڪيو ويو هو،ايس سڪندر خان لکيو ته نالو تبديل ڪرڻ مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن کي فائدو ٿيندو، چولستان جي ماڻهن جو ته اهو چوڻ آهي ته ان ڪئنال سان انهن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، ڪانجي راڻو ڀيل لکيو ته سنڌو تي ڪئنال جو نالو ڀلي شري ڪرشن ڀڳوان رکن پر اسان کي نامنظور، ڪامران واحد لکيو ته سادي ڳالھه آهي: سنڌ جو مطالبو واضع آهي. نالو ڀلي محفوظ شھيد رکو يا جناح، پر نئون ڪئنال سنڌ ۾ هجي، بلوچستان يا پنجاب ۾سنڌو مٿان ته هرگز نه ٺھڻ کپي. سنڌ جي سياست ۾ ھيءَ ھڪ نئون رجھان اُڀري رهيو آھي، جتي سياسي سوالن سان گڏ ماحولياتي سوال به اهميت وٺي رهيو آهي، وجاهت هنڱورجو لکيو ته نالو کڻي مڪو مدينو رکن ته به ڪم ساڳيو آھي. سنڌ ھنن ڪئنالن کي رد ڪري ٿي. زوهيب حيدر زرداري لکيو ته اهو ته محفوظ شهيد ڪئنال آهي جيڪڏهن مڪو مدينو ڪربلا ڪئنال نالو رکيو وڃي ته به اسان کي منظور ناهي، شير زمان کوسو لکيو ته ڪراچي، حيدرآباد، ٻين شهرن ۾ هزارين وڪيلن ڪراچي پريس ڪلب سامهون تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، امجد ڪاظمي لکيو ته نالو تبديل ڪريو يا ڪجهه به ڪريو نوان ڪئنال منظور ناهن، سليم جروار لکيو ته محفوظ شهيد ڪير آهي؟ هاڻ ڀلي ڪئنال جو نالو جي ايم سيد يا رسول بخش پليجو به رکي ڇڏين تڏهن به سنڌ ڪو سمجهوتو نه ڪندي، اهو پوري قوم جو اصولي موقف آهي. برفت اصغر لکيو ته ان مھم خلاف ردمھم ھلائڻ اديبن جو ڪم آھي، سنڌ جو اديب ۽ دانشور گم آھي، ھاڻي انھن جي ڪري سياستدان به گم آھن. مانجهي محمد علي لکيو ته توهان ھيءَ تڪڙي ڄاڻ ڏئي بھتر ڪيو. سنڌوءَ تي ڪنھن به نالي سان ٺھندڙ ڪئنال سنڌوءَ جي تباهي ھوندي. اياز چانڊيو لکيو ته محمد محفوظ شھيد نالي فوجي سپاھي 1971 ۾ بنگال خلاف آپريشن ۾ شامل ھو، انڊين فوجين جي واگھا بارڊر لڳ حملي ۾ وفات پاتائين، جهانگير ڏاهري لکيو ته هر صورت ۾ نامنظور، شير چانڊيو لکيو ته مڪي مديني جي نالي سان به سنڌو تي ڪئنال قبول نه آهن، اعجاز قريشي لکيو ته سنڌيو اچو ته ان سڄي پروگرام کي رد ڪرايون، مقبول چارڻ لکيو ته ڪئنال يا ڊيم جو نالو مڪو مدينو به رکيائون ته به قبول ناهي، هاڻي سنڌ سنڌو جا مالڪاڻا حق حاصل ڪرڻ بعد ئي ماٺي ٿيندي. وحيد نور لکيو ته سنڌ مقبوضه ديس ناهي، اڪبر چانڊيو لکيو ته اسان انھن سڀني سازشن کي رد ڪريون ٿا ھي سڀ ڊراما آھن، اعجاز قريشي لکيو ته نالي بدلائڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي، وشال شرما لکيو ته نالو جي ايم سيد به رکن ته ڪئنال قبول ناهي، سليم اختر لکيو ته بنادير رد ڪرڻ جو مطالبو آهي نالو مٽائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، سنڌ پنهنجي بنيادي نقطي تي ڪا به مفاھمت نه ڪندي، زيب سنڌي لکيو ته اها ڊرامي بازي به نه هلندي. محمد نواز کوسو لکيو ته ڇا محفوظ شهيد نالو رکڻ سان پاڻي درياءَ بدران ڪنهن ٻئي هنڌان ايندو ؟ انجنيئر احمد علي خاصخيلي لکيو ته قلابازيون کوڙ کائيندا پر سنڌو تي ڌاڙو نا منظور، رياض منگلو لکيو ته ڪئنال نامنظور، هوت خان گاڏهي لکيو ته وڏي شاباس اٿن منھنجي خيال ۾ اھو نالو ڪنھن فوجي شھيد جو آھي، ايڊووڪيٽ الطاف احمد شيخ لکيو ته مسئلو سنڌ جي پاڻي جو آهي، ڪئنالن جي نالي مٽائڻ جو ته مسئلو ئي ناهي. نياز حسين ابڙو لکيو ته ڪئنال نامنظور، سعيد پنهور لکيو ته سنڌ کي ڪئنال ڪنهن به نالي تي منظور ناھن، اعجاز قريشي، افتخار کوسو، محمد سليم کوسو به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، عامر چانڊيو، زاهد راڄپر به ردعمل ڏنو، لال جروار لکيو ته ڪئنال جو نالو مڪو مدينو ئي ڇو نه رکن پوءِ به قبول ناهي، سائينداد هنڱورجو لکيو ته نامنظور نامنظور، عدنان اڪبر سرڪي لکيو ته انهن جي هر اٽڪل کي شڪست ايندي، ميان غلام مصطفيٰ ڪنڀر لکيو ته ڪنهن به نالي ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءَ تي ڪئنال منظور ناهي، محمد صديق لکيو ته هي حڪومتي چالن جو هڪ پراڻو طريقو آهي اصل مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نالي جي تبديلي جهڙا نمائشي قدم کنيا ويندا آهن، گريٽر چولستان ڪئنال تي سنڌ جي مسلسل احتجاج بعد ان جو نالو محفوظ شيد رکڻ به انهي حڪمت علي جو حصو آهي، بهار خان ٽالپر لکيو ته سنڌ ڌرتيءَ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ واري ڪئنال جو نالو جيڪڏهن مڪه يا مدينا ڪئنال به ڪري رکن تڏهن به اسان کي قبول ڪونهي ۽ نڪو ئي قبول ڪنداسين. رحيم ڀرڳڙي لکيو ته ڪهڙو به نالو رکن قبول ناهي، چانڊيو منور لکيو ته سنڌو درياھ تي ٺھندڙ ڪئنال ڪنهن به نالي سان منسوب ڪن پر سنڌ جي عوام کي قبول ناهن. محمد اويس لکيو ته سنڌ جي وڪيلن ۽ شاگرد تنظيمن ملهئي ڏيکاريو هاڻ اديب ۽ دانشور ڇو خاموش آهي؟ ڏاتر بخش لکيو ته هاڻي قائد اعظم ڪئنال رکندا پر ڪير ڪونه مڃيندو سنڌ سراپا احتجاج بنجي چڪي آهي، وقار حسين لکيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود جا لفظ ياد اچي ويا ته ڀلي ڪئنالن جو نالو ڪعبو رکي ڇڏيو تڏهن به قبول ناهي، لونگ ملاح لکيو ته جيڪو وڻينُ نالو رکن سنڌي ماڻهن کي ڪوبه ڪئنال قبول ناهي. محمد ادريس جتوئي لکيو ته ڪئنالن تي نالو مڪو مدينو رکن اھو به قبول ناھي، عاقب لاشاري لکيو ته اگر پنجاب سنڌ سان دشمني بند نه ڪندو ته اڳتي هلي سنڌ گريٽر سنڌ جي گهر ڪندي جنهن ۾ اڌ پنجاب ۽ ڪجهه بلوچستان اچي وڃي ٿو . الهوسايو سولنگي لکيو ته نالو ڪھڙو به رکن منظور ناهي، نظر حسين ابڙو لکيو ته نامنظور، ڊاڪٽر خالق ميمڻ لکيو ته عجيب ملڪ جي غريب عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ، اختر حسين لکيو ته نالو ڪهڙو به رکن اسان کي ڪو مقدس نالو به درياءَ جي خلاف قبول ناهي. جنگ جنگ آ، شهمير خان لکيو ته منظور علي مڱڻهار لکيو ته نالو محفوظ شهيد رکن يا کڻي ضياءَ شهيد رکن سنڌو تي ڪئنال ڪنهن صورت قبول ناهي، آر بي مغل لکيو ته هنن ڪالاباغ ڊيم جو نالو شاهه لطيف ڊيم جي نالي سان به سنڌين کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي اهي عقل کان پيدل آهن، حسن طارق لکيو ته نالو ڪهڙو به هجي سنڌ ان کي رد ڪندي، عبدالصمد لکيو ته اسان نه ان کي چولستان نالي سان قبول ڪيو آ نه وري محفوظ جي نالي سان قبول ڪنداسين، شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چوندو ھيو، جيڪڏهن توهان ڪالاباغ ڊيم جو نالو مڪو ۽ مدينو رکندئو تڏهن به قبول ناهي، ھينئر به توهان ڪئنالن جا نالا مڪو ۽ مدينو رکندئو تڏهن به قبول ناهي، وري به ته اسان جي درياءَ تي ڌاڙو، اسان جو ھڪڙو ئي مطالبو آهي NoMoreCanalsOnIndus، سجاد خان چانڊيو لکيو ته سڀني ڪئنال نامنظور نا منظور، خانچند لاکاڻي لکيو ته پاڻي کان بغير به ته مري وينداسين ان کان بھتر آھي ته پاڻي لاءِ وڙھي مرون تڏھن سنڌ به بچندي درياءَ به بچندو ۽ سنڌي قوم جو نسل به بچندو، راجا ڊي ايچ سميجو لکيو ته نالو ڪو به ميٽر نٿو ڪري اسان کي ھر حال ۾ ڪئنال نامنظور آهن اسان آخري منزل تائين جدوجهد ڪندا رھنداسون ڪڏهن به پنجاب کي پاڻي ڪونه ڏينداسون چاھي ڪجهه به ٿئي سنڌ خاطر اگر جان ھلي وڃي ته به پرواهه ناهي باقي اھو پنجاب جي ڀل آهي ته اسان ڪئنال ڪڍي ويندا، محمد ميمڻ لکيو ته سو نالو مٽائڻ سان بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي دريا ءَتي ڌاڙو نامنظور، مظفر خاصخيلي لکيو ته سمورا ڪئنال نامنظور، امير حيدر لکيو ته “نالو تبديل ڪرڻ سان حقيقتون نه بدلبنديون!” سنڌ جي عوام مسلسل احتجاج ڪيو ته پاڻي تي زيادتيون بند ڪيون وڃن، پر بجاءِ ان جي مسئلو حل ڪرڻ، هاڻ نالو تبديل ڪرڻ جي ڊرامي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. حقيقي مسئلو نالي جي تبديلي نه پر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ آهي! هي حڪمت عملي رڳو اصل مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، پر سنڌ جو عوام باشعور آهي ۽ اهڙن سنڌ دشمن قدمن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. پهرين پاڻي جا حق ڏيو، پوءِ ڪا ڳالهه ڪريو، محبوب مري، جمشيد رحيم جوڻيجو، ريحان پالاري، صدام ميمڻ، پير بخش گاڏهي، طاهر سنڌي، مولا بخش ملاح، حسين آزاد، جميل هاليپوٽو، عنايت چانڊيو، زاهد گل، ضامن علي، ذيشان مصطفيٰ چارڻ، اي ڪي کوکر،. عبدالرحمان، ظفر حسين مري، وسيم ڀٽي، مير عبداللطيف ٽالپر، مزمل حسين واهوچو، بشير ڀٽو، نثار احمد، ظهير بسمل، مير منور، صائمه امر، ممتاز موسيپوٽو، اختيار کوسو، نثار ملڪ، سڪندر علي شيخ، وسيم پالاري، محمد حسين خان، حنيفه امير، ڄام محمد حسين ابڙو، سرمد بلوچ، احسان، اڪبر سومرو، عبداللطيف مڱڻيجو، ڄام جمالي، اليگزينڊر جاويد، ڪاشف، مودود احمد، عامر علي راجپوت، عامر علي راجپوت، امتياز سبزوئي، هارون رشيد، تنوير اشرف، نعمت الله بجير، علي اڪبر، غلام سرور، عاطف فتاح انصاري، اشفاق احمد هڪڙو، راجا خان ڪنڌر، اشفاق جکرو، وزير علي، شفيق رحمان، سرفراز علي شاهاڻي، آتم دراوڙ، راشده ڀٽو، محمد اخلاق، انجنيئر اي بي ڀٽي، ڪبير ٽالپر ۽ ٻين به ڪئنال منصوبي کي رد ڪيو.