سوال/سروي … پي ٽي آءِ جو حق آهي پر حڪومت نه ملندي، پي ڊي ايم جهڙي سرڪار ٺهندي، بلاول يا نواز وزيراعظم ٿيندو: عوام

0
26

دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ جوڙ ٽوڙ شروع: مرڪز ۾ ڪنهن جي حڪومت ٺهندي؟ پ پ، ن ليگ يا پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار اقتدار ۾ ايندا ؟ اتحادي حڪومت عوام لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار وڌيڪ کٽي آيا آهن حق ته انهن جو آهي پر انهن کي حڪومت مشڪل ملندي، پي ڊي ايم جهڙي حڪومت ٺهندي، پ پ نواز ليگ گڏجي حڪومت ڪندا، بلاول يا نواز شريف وزيراعظم ٿيندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته پي ڊي ايم حڪومت ٺهندي نظر پئي اچي، مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته اتحادي حڪومت ٺهندي نواز شريف وزير اعظم ٿيندو، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته بس ھر ڪنھن پارٽيءَ جي ڪوشش آهي ته اسان جي حڪومت اقتدار ۾اچي اسان جي نظر ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ جا امڪان آهن نوازشريف ۽ پيپلزپارٽي ملي ڪري حڪومت ڪندا باقي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ گھرجي اگر رليف نٿي ڏئي سگھي ته پوءِ امن امان ۽ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرائي جيئن غريب عوام سک سان ٻچن جي روزي ڪري سگهي، محمد سليمان خان بلوچ لکيو ته جنرل اليڪشن 2024 خيرن سان ٿي گذري، ڪٿي جهيڙا ٿيا تي وري ڪٿي ڪجھه ماڻهو زخمي به ٿيا ته ڪٿي فوت به ٿيا، ڪٿي ڌانڌلين جا الزام تي ڪٿي وري چيلينج ڪرڻ جو وقت شروع سڀ ڳالهيون ڇڏي ڪري هاڻي اچون ٿا حڪومت جي طرف تي تاج ڪنھن جي سر تي ايندو يا وري گڏيل حڪومت ايندي، مرڪز ۾ ڪنھن ھڪ پارٽيءَ جي حڪومت نه ايندي باقي اگر اتحادي حڪومت آئي ته ڪا خاص فائدو نه ٿيندو، ڇو جو هن وقت هر ڪو چئي پيو تي وزيراعظم اسان ٿيون، باقي هاڻي ڳالھه ڪجي چونڊجي آيل آزاد اُميدوارن جي ته انھن جي به هڪ خاص اهميت هوندي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڇو جو هن وقت ڪنھن به پارٽيءَ وٽ ڪي خاص انگ اکر ناهن جو هو مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي سگھي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته توھان ۽ اسان جي راءِ جي ڪھڙي ضرورت جيڪا ڳالهه مالڪن کي پسند ايندي ۽ جيڪو وفادار ھوندو ان جي حڪومت ٺھندي منھنجي سوچ مطابق ته ايندڙ حڪومت پي ڊي ايم جي ڪاپي ھوندي، نور زمان ڪاتيار لکيو ته اسان بلاول کي وزيراعظم ڏسڻ چاهيون ٿا ڇو ته اهو سنڌ جو آهي ۽ بينظير جو پٽ آهي، نوجوان به آهي ان کي وزيراعظم بڻائڻ گهرجي، اسد زرداري لکيو ته مرڪز ۾ گڏيل حڪومت ٺھندي جڏھن ته آزاد اميدوارن جو تعداد وڌيڪ آھي اھي به اقتدار ۾ ضرور شامل ٿيندا باقي ڏسجي ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين چونڊ نتيجا مڪمل نه ڏئي سگھي آھي ۽ اگر اتحادي حڪومت ٺھي ته عوام لاءِ لاڀائتي ثابت نه ٿيندي پر پنج سال سياستدان اقتدار جا مزا ماڻي وري ساڳيو عوام مھانگائي بيروزگاري ۽ بدحالي ۾ گذاريندو، علي اڪبر علي لکيو ته حق ته پي ٽي آءِ جو آھي پر پارٽي تي پابندي هئڻ ڪري ٿي سگهي ن ليگ کي فائدو ٿئي، مير شاهه محمد بلوچ لکي ته سياسي دنگل جو پهريون مرحلو هو اليڪشن جيڪو مڪمل ٿي ويو آهي.باقي اقتدار جي ڪرسي تي ڪهڙن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ آهي. جيڪو عمل سڀ کان وڌيڪ ميدان ماريندڙ آزاد اميدوارن جي هٿ ۾ آهي. ڏسجي ته ته هو ڪنهن سان گڏجي حڪومت ٺاهن ٿا؟ ثناءُالله چنا لکيو ته آصف زرداري سياست جو بادشاهه آهي بلاول کي وزيراعظم بڻائيدو نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري حڪومت ٺاهيندي، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته ڏٺو وڃي ته حق پي ٽي آءِ جو آهي وڌيڪ اسٽبلشمينٽ جي مرضي جنهن کي چاهي آڻي، سيف الله پنهور لکيو ته اخلاقي طور وفاقي حڪومت ٺاهڻ جي حقدار پي ٽي آءِ آھي آھي پر ملڪ ۾ جمهوريت نه هئڻ برابر آھي جنهن کي مٿان کان ڊائريڪشن ملي انهن جي حڪومت ٺھندي، اسحاق جان لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي، ڄام فقير رند لکيو ته پ پ جي حڪومت ٺهندي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته ڏٺو وڃي ته ازاد اميدوارن جو تعداد گهڻو آهي ۽ پي ٽي آئي جي حڪومت ٿي سگهي ٿي ليڪن ٿي ڪونه باقي پاڻ ۾ گڏيل حڪومت ٺاهي سگهن ٿا، جاويد حسين لکيو ته ڪنهن جي به حڪومت ٺھي پر غريب عوام مزدوري ڪندا هاري رهندا ياد رکو، خالد لغاري لکيو ته مرڪز ۾ مڪس آچار ٺھندي جيڪا سال به ڪونه ھلندي، بابو لکيو ته نون ليگ پ پ ايم ڪيو ايم  پر زرداري کان بنا ٻين جون سيٽون گڏ ڪن تڏهن به نواز يا شهباز وزيراعظم ڪونه ٿيندو. زرداري جي چوڻ آھي ته بلاول وزير اعظم ڪيو ته ٺيڪ آھي نه ته مان اپوزيشن ۾ ويهندس عمران خان نواز سان گڏ فائدو کڻندو، عبدالشيخ لکيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي.