دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نواز ليگ اڳواڻ پاران چيو ويو آهي ته ڀٽو مري ويو، پ پ هاڻ ڪارڪردگي ڏيکاري: جواب ڏيندي پيپلزپارٽي چيو آهي ته اڳوڻي اتحادي پارٽي ادارن پويان لڪي رهي آهي: نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي لفظي جنگ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ پاڻ ۾ مليل آهن، الزام بازي جا ڊراما ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، عوام هن ڀيري ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته ڀٽو مري ضرور ويو آهي پر عوام جي دلين ۾ هو زندهه آهي سياست مطلب مفاد پيپلز پارٽي پنهنجي مفاد خطر بيان ڏئي پئي نواز ليگ اقتدار حاصل ڪرڻ پئي چاهي عوام جي مفاد خاطر نه ڳالهائندا باقي هڪ ٻئي کي طعنا ڏئي پيا خوار ڪندا، آدم جانيارو لکيو ته مطلب پرست پنھنجو پيٽ جي لاءِ جھيڙو ڪن پيا، مصطفيٰ اياز مهيري لکيو ته پيپلزپارٽي جي ڀيٽ ۾ ن ليگ بهتر آھي جي ن ليگ کي موقعو مليو ته وري به فائدو پنجاب کي ٿيندو باقي سنڌ لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو بهتري جو آپشن ڪونهي هي رڳو لفاظي جي جنگ آھي باقي اشاري تي ٺھندي دير نه ڪندا، مصور گاڏهي لکيو ته ٻئي پارٽيون هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، عوام جي ڀلائي جو ڪنهن وٽ به ڪو منصوبو ڪونه آهي، اياز بلوچ لکيو ته پ پ کان ن ليگ بهتر آھي ايندڙ وزيراعظم نواز ٿئي، دليپ ڪمار لکيو ته ھنن کي عوام تي رحم نٿو اچي اڃان به اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾آھن، نجيب الله ڀنڊ لکيو ته سڀ پاڻ ۾ مليل آهن، مراد علي لکيو ته گذريل ڪيترن مھينن کان عوام جو گڏجي رت چوسيندڙ پارٽيون ھاڻي عوام کي بيوقوف پيون ڪن ته اسان سٺا آهيون ھو خراب آهن نورا ڪشتي ڊرامي بازي ٻنهي پارٽين جي ھاڻي عوام به سمجهي چڪوآھي، ساجد حسين بلوچ لکيو ته ٻنهين جي ڪارڪردگي اڄ پاڪستان آءِ ايم وٽ گروي آهي بک بدحالي بيروزگار مهانگائي جهڙا احسان ڪن ٿا، ايم حسن کوسو لکيو ته سياست ان کي چئبو آھي ھي سياستدان وڏا چالاڪ شاطر دماغ جا ماڻھو آھن ھنن سدائين عوام کي ٽيڪنيڪل سوچ ذريعي بيوقوف بڻائي ووٽ ورتا آھن ڇو ته ھنن ھر اليڪشن ۾ نوان نوان طريقا نئي اٽڪلن سان عوام کي بيدار بڻائي ووٽ وٺڻ تي مجبور ڪندا آھن ھاڻ پي پي وارا نواز ليگ وارن تي الزام ھڻي عوام کي بيوقف بڻائيندا نواز ليگ وارا وري پي پي وارن تي الزام ھڻي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺندا ڇو ته ھنن شروع کان ملڪ اندر جيڪا سياست ڪئي اھا ملڪ يا قوم جي بلائي خاطر ناھي ڪئي ھنن صرف سياست ڪري پاڻ کي ٺاھيو آھي ۽ پنھنجي اتحادين کي ٺاھي خوش ڪيو آھي ھڪ ٻن تي الزام ھڻندڙ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پھرين ٻڌائين ملڪ ۾ ھنن گھڻا ڀيرا حڪومت ڪئي ڇا ملڪ اڄ جيڪو جنھن دور حالات مان پيو گذري جيڪو حشر ملڪي قوم عوام سان آھي اھو ڪنھن ڪيو ھي موتمار خونخوار مھانگائي آھي ڪنھن جي مھرباني آھي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وارن جي مھرباني آھي، ملڪ ۾ اھڙو ڪو اثرائتو پاور فل قانون ناھي جو ھي ملڪ کي لٽي تباھ ڪندڙ ڪرپشن جا بيتاج بادشاھ حڪمرانن اڃان اليڪشن وڙھڻ جا تياريون پيا ڪن نه ته ھنن کي پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ تي به پابندي ھجي ھا پيپلز پارٽي ھجي نواز ليگ ھجي يا ايم ڪيو ايم ھجي يا وري پي ٽي آئي ھجي ھي ملڪي قوم جا سڄڻ دوست ناھن، عباس سنڌي لکيو ته سڀ هڪجهڙا آھن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته حڪمران وڏا لاهه آهن ڏنڊو اچي ٿو ته گڏ آهن پري ٿين ٿا ته هڪ ٻئي تي الزام هڻن ٿا هي عوام کي هر ڀيري بيوقوف بڻائي اقتدار ۾ اچي ويندا آهن، رانا شاهد راجا لکيو ته قوم جاڳي ٿي سڀ پنهنجي تڪ ۾ سوال ڪري رهيا آهن، ممتاز علي سميجو لکيو ته لفظي جنگ صرف اقتدار جي حاصلات لاءِ عوام کي بيوقوف بنائڻ آهي جيڪا به پارٽي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي باقي سندس اتحادي ٿي ملڪ لُٽي پيسو ٻاهر موڪلڻ واري ڌنڌي ۾ لڳي ويندا عوام لاءِ وري سور ٻيڻان سڀئي پارٽيون جمهوريت جي نالي تي ملڪ جو جنازو ڪڍائڻ جي چڪر ۾ رُڌل آهن اها اليڪشني ٻولي آهي، مدهوش مير لکيو ته اھا سياسي راند آھي پئي ھلندي عوام ويچارو لفظ ۾ خوش منھنجي ليڊر اوھان جي اڳواڻن کي ھئين چيو باقي سڀ اڳواڻن گڏ ويھي مزا وٺن ٿا، علي حسن ٽالپر لکيو ته هي ٻئي پارٽيون هر ڀيري عوام کي بيوقوف بڻائينديون آهن، انصار علي لکيو ته ڪجهه ناهي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، گدا حسين لکيو ته ڀٽو پاڻ هليو ويو پر پٺيان کائو ڇڏي ويو، بابر رستماڻي لکيو ته نواز شريف جي اچڻ واري تاريخ جي اڳ جيڪو ھن سروي ۾ سوال پڇيو ويو ھو ان ۾ مون اھائي اڳڪٿي ڪئي ھئي ته ھاڻ ھي وڙھندا ھي به ھڪ ڪرسي خاطر ھڪ ٻئي ۾ وڙھندا مگر ھاڻ عوام ھنن جي ڪارڪردگي مان واقف آھي ڇو جو ھميشه پ پ پ جي حڪومت رھي آھي مگر ان حڪومت دوران عوام سدائين بک تي رھي آھي نه روڊ رستا مليا نه ڪجھه مليو، گل حسن شر لکيو ته ايتريون خرابيون ٻنهي کي جڏهن حڪومت ۾ هيا ڏسڻ ۾ نه پئي آيون هاڻي مڙئي هر ڪو پنهنجو وکر کپائڻ لاءِ هوڪا پيو ڏئي اندروني طرح پاڻ ۾ مليل آهن مڙئي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ بيان بازي پيا ڪن، نجيب چانڊيو لکيو ته هي اليڪشن جي وقت ۾ رواجي جهيڙا ڪري اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويندا آھن. نماڻو نوناري لکيو ته پ پ ۽ نواز ليگ وارا عوام کي بيوقوف ٿا ڪن، صاحبزادو لکيو ته ٻيئي ڌريون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح پيون چون، باقي جيڪڏهن ڪارڪردگيءَ جو سوال آهي ته پندرهن ورهين ۾ سنڌ جي اندر جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي ڪاريءَ وارا ڪک آهي ته ايندڙ وقت..جيڪو پيپلزپارٽي لاءِ لڳي مشڪل ٿو ان ۾ ڪي کير ۽ ماکيءَ جون نديون ڪونه وھائيندي اھا ئي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ ڀينگ ھوندي باقي جيڪڏهن نواز ليگ جي باري ۾ پيپلزپارٽي جو الزام آھي جي ڳالهه ته مان سمجهان ٿو ته ھاڻي نواز ليگ ادارن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ يا ادارن جي پويان لڪڻ ڪونه چاهيندي جو سندس انھن ٻنهي صورتن ۾ ھوءَ گھڻو ڀوڳي چڪي آهي ھاڻي ھوءَ نيوٽرل ٿي سياست ڪندي، عبيدالله لکيو ته عمران کي سلام آهي جنهن پي ڊي ايم کي وائکو ڪيو سڀني جي خبر پئجي وئي، ڄام فقير رند لکيو ته اليڪشن جي ڪري ٽوپي ڊرامو ڪري رهيا آهن، قادر بخش زئور لکيو ته ڪڏھن ڪڏھن ھڪٻئي کي سچ چوندا آھن باقي گڏجي ٻيڙو ٻوڙيو اٿن، شنڪر لال لکيو ته اسان جا حڪمران ھڪ ٻئي جا ساٿي آھن ڪجھه به ڪونھي بس عوام کي بيوقوف بنائي ۽ اقتدار جي لاءِ لفظي جنگ ڪري رھيا آھن… حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته هي جنگ صرف اقدار حاصل ڪرڻ لاءِ آهي ڀٽي جي نالي تي پ پ وارن عوام جو رت چوسيو آهي،هن وقت عوام کي سڄاڳ ٿيڻو پوندو پنهنجي حقن خاطر لڙڻو پوندو هنن کي عوام جي ڪائي به پرواهه ناهي هنن کي اقدار پيارو آهي،عوام سان ڪائي به پارٽي سچي ناهي، صدام شر لکيو ته ھنن کي عوام تي رحم نٿو اچي اڃان به اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھن، اشرف ڪنڀر لکيو ته عوام کي بيوقوف پيا ٺاهن، حسن ٽڳڙ لکيو ته افسوس، گدا حسين لکيو ته اسان جا حڪمران هڪٻئي جا ساٿي آهن ڪجهه به ناهي بس عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، اي ايم عباسي لکيو ته ڀٽو واقعي ويو پر پٺيان کائو ڇڏي ويو ..عبدالوهاب سنڌي لکيو ته نوراڪشتي آ، کائڻ مهل گڏ آهن، عرفان علي ملاح لکيو ته اڌ صدي گذري وئي ڀٽي جي نالي تي ووٽ پيا وٺن، عبدالعليم کوکر لکيو ته سڀ پاڻ ۾ مليل آهن، عبدالغني کوسو لکيو ته نواز ليگ جي ڳالهه ۾ وزن آهي، هاڻي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ملندو، عوام سڄاڳ آهي، کوکلي نعرن تي ووٽ آخر ڪيستائين ملندو، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته صرف ڊرامو آهي عوام کي بيوقوف بنايو پيو وڃي، نقاش پيرزادو لکيو ته پ پ وزيراعظم بلاول کي ڏسڻ چاهي ٿي پر پهرين سنڌ کي بهتر بڻائي، نواز شريف پنجاب کي بهتر بڻائي ويو، عبدالحئي مير لکيو ته پ پ نواز ليگ ٻئي پارٽيون ايئن آھن جيئن سنڌي ۾ پهاڪو هوندو آھي ته کائڻ مهل گڏ، ، هنن حڪمراني ڪري ملڪ کي گڏجي لٽيو هاڻي وري هڪ ٻئي خلاف بيان جاري ڪري همدردي حاصل ڪرڻ پيا گهرن، عوام هاڻي انهن جي لفظي گولاباري تي يقين نه رکي ته بهتر ٿيندو، موهن لال لکيو ته پي ڊي ايم سرڪار جو حصو رهندڙ ٻئي پارٽيون عملي ڪم ڪري ڪونه سگهيون آهن ووٽن خاطر عوام لاءِ انهن وٽ لفظي جنگ کانسواءِ بچيو به ڇا آهي اڳ اهو ملبو عمران تي ڦٽو ڪندا هئا ۽ هاڻي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي هڪٻئي تي، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته نوازليگ ۽ پ پ ٻه وڏا لٽيرن جا ٽولا آھن ۽ ھنن جو گڏيل مفاد ان ۾ آھي ته اليڪشن دوران ھڪ ٻئي جا مخالف ۽ پوءِ وري ھڪ ٻي جا سپورٽر ٿي ھلن .. باقي ملڪ لٽڻ ادارن کي تباھ ڪرڻ انھن جو ڪم آھي ھاڻي ھي في الحال اسٽيبلشمينٽ سان ڪنھن به قيمت تي معاملا سيٽ ڪري وري اقتدار حاصل ڪرڻ چاھين ٿا، نصرالله لاشاري لکيو ته گذريل 16مهينا سڀ ڪو پنهنجن سان گڏ هڪٻئي جا ڪرتوت لڪائڻ ۾ ھئا باقي هاڻي هي صرف ووٽ وٺڻ لاءِ اسان کي چريو پيا ڪن باقي سڀ مليل آھن، آفتاب سليمان لغاري لکيو ته اليڪشن ويجهو ايندي ئي لفظي جنگ ۾ واڌ ايندي، ھي سڀ عوام جو رت پياڪ سياستدان ھڪ ٻئي خلاف اھڙو رڻ ٻاريندا ڄڻ ھڪ ھڪ کي عوام جو وڏو الڪو آهي پر اھو سڀ ڪجهه رڳو اليڪشن واري ڏينهن تائين ھوندو پوءِ وري پنج سال پاڻ ۾ ناني ويڙھو ڪري عوامي خزاني مزا ماڻيندا، راجا رميش لکيو ته ووٽ ڪارڪردگي تي ملندا، بيان بازي تي نه، شاندار احمد مغل، سنڌي علي گل شيخ، بيوس اربيلو ڏاهاڻي، فضل سبزوئي به پ پ ۽ نواز ليگ کي پاڻ ۾ مليل قرار ڏنو، وحيد مستوئي لکيو ته اھو سلسلو ھنن جو پاڻ ۾ ھلندو پيو اچي. بس وڙھي عوام مان ووٽ ڪڍندا آھن. عطاءُالله ڏاهاڻي لکيو ته پ پ کان ن ليگ بهتر آھي ايندڙ وزيراعظم انشاءاللھ نواز شريف ٿيندو، سجاد حسين، گلشير سومرو، سيف الله پنهور، مخدوم مينهل، خالد لغاري، فقير ڪامران علي، ثناءُالله لاکير، ديشي عابد حسين ابڙو، منصور علي، بشير احمد ڪٽوهر به ردعمل ڏنو، طارق علي باجڪاڻي لکيو ته ٻئي پارٽيون ڪرپشن واريون آهن، اياز کهاوڙ لکيو ته ن ليگ اڳ ۾ به ائين ڪافي ڀيرا اعلان ڪيا .پر عمل ناهن ڪندا. ايندڙ اليڪشن ۾ به سنڌ اندر پ پ پ سان اتحاد ڪندي ۽ پنجاب جي ڪجھه حصن ۾ به گڏيل اميدوار آڻيا ويندا، سنيل ڪمار لکيو ته ھاڻي مخالفتن جا ڊراما ڪري عوام جي اکين ۾ وري ڌوڙ وجھندا ائين ڪري ووٽ بينڪ حاصل ڪندا.، ننا ڪوريجو، عابد علي چانڊيو، اسجد وسطڙو، نعيم پنهور، فيضان، کيمچند به ردعمل ڏنو، نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ ۾ سنڌي عوام کي صرف بيوقوف بڻائڻ لاءِ ووٽنگ مهل تائين ڀٽو جيئرو آھي، پ پ سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن بابت جيڪو نالي ۾ ڄار وڇائي وئي آهي اها سنڌي قوم کي متان هاڻي خبر پئي وڃي ته پي پي جي هاڻ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت ناهي رهيو، هاڻي اڳوڻي اتحادي پارٽنرشپ حڪومت ۾ سمورو ملڪ جو سج لهي ويو آهي ته صرف اهي پيپلزپارٽي يا نواز ليگ جا ليڊر هاڻي ادارن پويان لڪي رهيا آهن، پيپلزپارٽي يا ن ليگ وري ڪو ٻيو ڊرامو پيش ڪرڻ لاءِ وري ھڪ ٿي ميدان تي لهندا ته عوام رڳو سورن ۾ هوندو.