سوال/سروي … پوليو مهم جو بائڪاٽ جهالت قرار: پنهنجي ٻارن سان دشمني نه ڪيو، چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا مسئلا حل نه ٿيڻ جا ذميوار آهن، اليڪشن ۾ انهن جو بائڪاٽ ڪيو: عوام

0
43

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پوليو مهم جو بائڪاٽ:ذميوار ڪير ؟ پوليو مهم جو بائيڪاٽ، جهالت يا بليڪ ميلنگ؟ سرڪار جي نا اهلي جي سزا پنهنجي ٻارن کي ڇو ؟ بائڪاٽ جو ڪارڻ بڻجندڙ انتظاميا خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليو مهم جو بائڪاٽ ڪرڻ پنهنجي ٻارن سان دشمني ڪرڻ برابر آهي، احتجاج جا ٻيا به گهڻا طريقا آهن، پوليو مهم جو بائڪاٽ جهالت آهي، مسئلا حل نه ٿيڻ جا ذميوار چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا آهن، بائڪاٽ پوليو مهم بدران اليڪشن ۾ ڪرڻ گهرجي، ووٽ سان حساب ورتو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جنيد جمالي لکيو ته اڪثر ڳوٺن جي تعليم تباهه ٿي چڪي آ. استاد ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناھن ۽ جيڪي استاد وڃن به ٿا. يا ته ڦرجي لٽجي ٿا وڃن. يا سهولت ميسر ڪونه اٿن. ھاڻي گھٽ تعليم ھجڻ ڪري پوليو جي باري ۾ صحيح معلومات نه ھجڻ جي برابر آھي. حڪومت کي گھرجي ته ورڪشاپ ڪرائي عوام ۾ پوليو ويڪسين جي باري ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي. ان لاءِ سنڌ گورنمينٽ جو ڪو حال ناھي، اسد زرداري لکيو ته پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڳوٺاڻا مجبور ٿي ڪري ڪن پيا ڇو ته سنڌ جي ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ ڪا به بنيادي سھولت ناھي، اسڪول آھي ته استاد مقرر ناھي اگر استاد مقرر آھي ته عمارت ۽ فرنيچر جي کوٽ آھي، پوليو ھڪ خطرناڪ بيماري آهي خطرناڪ بيماري کان بچاءَ جي لاءِ ڦڙا پيارڻ لازمي آھن، بائڪاٽ اليڪشن ٽائيم ڪرڻ گھرجي ۽ ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته بنيادي مسئلا يوسي سطح تي ملندڙ بجيٽ چيئرمين کان ڳوٺن جي بنيادي مسئلن تي خرچ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي ته ڳوٺاڻا پوليو مھم جو بائيڪاٽ نه ڪندا، سميت ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، طيب انقلابي لکيو ته بليڪ ميلنگ تڏھن چئبو جڏھن ڳرا مطالبا رکيا وڃن ،پر پوليو جو بائڪاٽ ڪندڙن وٽ صرف اھو معصوماڻو مطالبو ھوندو آھي ته ڳوٺ ۾ اسپتال آھي پر ڊاڪٽر ناھي اسڪول آھي پر استاد ناھي دانھڻ باوجود تحرڪ نه پيو ٿئي جنھنڪري مجبوري سبب بائڪاٽ ڪيو ويو آھي، اسان جو مطالبو منظور ڪرايو وڃي.. جنھن ڪري اسان جي سوچ مطابق ته پوليو جي بائڪاٽ جو ڊي سي ۽ تڪ جو چونڊيل نمائندو ذميوار آھي. نظر ملاح لکيو ته پوليو فنڊز ۾ گهوٻين جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، هزار خان لکيو ته حقيقت اھا آھي جو سموري سنڌ مسئلن جي ور چڙھيل آ غريب مسڪين ماڻهن وٽ ڪو وسيلو ناهي نه وڏيرا ظالم ٻڌن نه پوليس ٻڌي ٿي پوءِ مجبور ٿي انصاف لاءِ مختلف احتجاج ڪن ٿا جنهن ۾ پوليو مھم جو بائڪاٽ ان جو حصو آھي پر ڪرڻ نه گھرجي ڇو جو اھو انهن جي نسلن جي مستقبل لاءِ بھتر آھي، شفقت جروار لکيو ته ڏٺو وڃي پوري سنڌ مسئلن جي ور چڙهيل آهي پر انهي ضد بحث ۾ اچي ٻارڙن جي زندگين سان کيڏڻ وڏي جهالت آھي، محمد آصف سومرو لکيو ته بنيادي ڳالهه ھي آھي ته اسان جي سنڌ سونھاري ۾ ڪامورا شاهي سياسي بنگلن جي حڪم جي اشاري جا منتظر ھوندا آھن ڪامورا شاهي جي پوري انتظاميه ۽ عوام جي وچ ۾ وٿي ڏيڻ وارا جاگيردار سردار سياسي بنگلا آهن مثال طور ڊپٽي ڪمشنر جي ھيٺان ضلعي جا سڀ کاتا آھن صحت ،تعليم، لوڪل گورنمينٽ ،سان، ماڻھو جا بنيادي مسئلا جڙيل آھي عوام جڏهن صحت ۽ تعليم سميت سڀني لاڳاپيل کاتن جي ھيڊ آفيس ۾ دانھن کڻي وڃي ٿو درخواست کڻي وڃي ٿو آفيسر ڪامورا عوام سان ملڻ لاءِ تيار ڪونھن درخواست وٺڻ لاءِ تيار ڪونھن، جڏهن ڪوئي ماڻھو وري لاڳاپيل کاتن جي دانھن ضلعي انتظاميا جي ڊائريڪٽر ڊپٽي ڪمشنر ڏانھن کڻي وڃي ٿو ڊي سي ملڻ ايترو مشڪل بنايو وڃي ڄڻ ته ڪنهن بادشاهه سان ملڻو هجي، عوام موقعو وٺي بائڪاٽ ڪري جائز مطالبا مڃرائڻ جا حق رکي سگھي ٿو، ان بائڪاٽ واري سسٽم جي ذميوار ضلعي انتظاميا ليکي ويندي عوام جو ڪوئي قصور ڪونهي، دائود زئور لکيو ته پوليو ھڪ خطرناڪ وبا آھي صحت جي حوالي سان صحت تي ڪو سمجھوتو نه ٿيڻ کپي پنھنجي احتجاجن جي مڃتا لاءِ ڪافي ٻيا رستا پرامن نموني احتجاج اختيار ڪري سگھجن ٿا اھڙو احتجاج پنھنجي ٻارن جو مستقبل کي داءُ تي لڳائڻ آهي. مير مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته پوليو بائڪاٽ جو ڪارڻ صرف انتظاميه طرفان عام ماڻھن کي نظر انداز ڪرڻ ڪري ٿيندو آهي، خالد نوتڪاڻي لکيو ته پوليو جا قطرا معصوم ٻارڙن کي ضرور پياريو، خدارا پنھنجا اختلاف وساري مستقبل کي معذوري کان بچايو، ڪامران کوکر لکيو ته پوليو ٽيم وارا به گھٽ ناھن، قادر بخش زئور لکيو ته سازشي ماڻھو اھڙيون حرڪتون ڪندا آھن پوليو جا ڦڙا پيارڻ گھرجن، طارق باجڪاڻي لکيو ته غلط عمل آهي هٿن سان پنهنجي ٻارن کي معذوري طرف ڌڪين ٿا، عمران ميراڻي لکيو ته پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پنهنجي گلن جھڙن ٻارن کي لازمي پياريو وڃي ۽ خاص ڪري پوليو جي ٽيم کي سڪيورٽي فراھم ڪئي وڃي ته جيئن ھر شھر ڳوٺ ۾بنا خوف جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن، گل حسن شر لکيو ته اصل ۾ ماڻھو اھو پيغام پيا ڏيڻ چاھين ته پوليو کان وڌيڪ به مسئلا موجود آھن حل طلب آھن سرڪار جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ احتجاجن ائين ڪيو ويو آھي، بابر رستماڻي لکيو ته هن وقت چمبڙ تعلقي ۾ تقريبن پنج يا ڇھه ڳوٺ آهن جنن پوليو جو بائڪاٽ ڪيو آهي مطالبو ڇا آهي اسڪول ته آهي مگر ماستر ناهي ماسترياڻي ناهي يا ڪٿي روڊ ناهي ته ڪٿي ڊاڪٽر ناهي ڇا انهن جو ايترو به حق ناهي، روشن ڪلوئي لکيو ته پوليو فنڊز ۾ مبينا ڪرپشن به ٿئي ٿي، جي ايم بلوچ لکيو ته پوليو جا ڦڙا لازمي پيئاريا وڃن، محمد نواز لکيو ته متاثرن جو تمام سٺو قدم آھي. نااھل انتظاميا خلاف حڪومت کي ايڪشن وٺڻ گھرجي، عاقب وسطڙو به سروي ۾ حصو ورتو، شاهد بلوچ لکيو ته ڏٺو وڃي پوري سنڌ مسئلن جي ور چڙهيل آهي پر انهي ضد بحث ۾ اچي ٻارڙن جي زندگين سان کيڏڻ وڏي جهالت آھي، ظهر احمد لکيو ته مسڪين لاچار ماڻهن وٽ واحد اهيو حل آهي جهڙي ريت حڪومت پوليو نه پيئارڻ خلاف قدم کڻي ٿي ته بنيادي حق کائيندڙن خلاف خاموش ڇو ؟ ارشاد ميراڻي لکيو ته پوليو مهم جو بائڪاٽ هڪ انتهائي حساس ۽ سنگين معاملو آهي جنهن ۾ ڪيترا ئي عوامل شامل آهي. جڏهن عوام کي پوليو وئڪسين جي اهميت بابت آگاهي نه ڏني ويندي ته اهڙا بائڪاٽ ٿي سگهن ٿا. پوليو وئڪسين جو بائڪاٽ ڪنهن حد تائين جهالت ۽ غلطي کان پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ٻيا ماڻهو سياسي يا سماجي مقصدن لاءِ ان کي استعمال ڪري رهيا آهن. پوليو مهم جو بائڪاٽ جهالت جي بنياد تي ٿي رهيو آهي يا بليڪ ميلنگ جو سبب بڻجي رهيو آهي، اهو سوال اڄ به موجود آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾، جتي پوليو وئڪسين جي اهميت ۽ فائدن بابت غلط فهميون آهن، اُتي بائڪاٽ ۾ اضافو ٿيو آهي. ان کان علاوه، ڪجهه علائقن ۾، مخصوص گروپ پوليو مهم کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ انهيءَ ڪري عام عوام ۾ ان جي خلاف نفرت پيدا ٿيندي آهي. سرڪار جي نا اهلي ۽ غفلت جو اثر صرف وڏي سطح تي ئي ناهي، پر ان جو نقصان عام عوام، خاص ڪري ٻارن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. جڏهن سرڪار پنهنجن ذميوارين کي صحيح طريقي سان ادا نٿِي ڪري، ته ان جو سڌو اثر صحت جي معاملن تي پوندو آهي. پوليو مهم جي ناڪامي، وقت سر وئڪسين جي فراهمي ۾ ڪوٽائي ۽ ڪمزور انتظامي مسئلا ان جي ذميوار آهن. پوليو مهم جي بائڪاٽ جو هڪ اهم ڪارڻ انتظاميا ۾ موجود ڪمزوريون، غلط پاليسيون ۽ ناقص ڪارڪردگي ٿي سگهي ٿي. قاسم خاصخيلي لکيو ته پوليو مهم جي بائيڪاٽ بدران مسئلن جي ذميوار آفيسرن ۽ چونڊيل نمائيندن جي درن تي پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي ميڊيا وسيلي اهو آواز دنيا تائين پهچائڻ گهرجي، فياض حسين چانڊيو لکيو ته جڏهن به پوليو مهم شروع ٿيندي آٓهي ته ھر يوسي ۽ ھر ڳوٺ ۾ مختلف مسئلا هوندا آهن جڏهن اتي ٽيم وڃي ٿي ته علائقي واسي مسئلا ٽيم آڏو بيان ڪرڻ شروع ڪندا آهن، ڪي وري پوليو ٽيم سان بد اخلاقي تي به لھي ايندا آهن، انهي سان مسئلا حل نه ٿيندا، لاڳاپيل انتظاميا آڏو شڪايتون ڪرڻ گهرجن، شاهد ڇڄڙو لکيو ته اصل ۾ سنڌ اھو صوبو آھي جتي چونڊيل نمائندا اليڪشن دوران وڏا وڏا وعدا ڪندا آھن پر کٽڻ کانپوءِ اھي پنھنجا واعدا وساري ويهندا آھن ان ۾ به اسان سنڌين جو قصور آھي اسان اليڪشن دوران چوندا آھيون ته پيپلز پارٽي سنڌين جي پارٽي آھي پر اھا چوڻي غلط آھي، پيپلز پارٽي صرف پنھنجو مفاد ڏسندي آھي، عبد آريسر لکيو ته سموري سنڌ مسئلن ۾ گھيريل آھي ھر مسئلي کي عوام منھن ڏئي سگهي ٿو پر ميڊيڪل جي مسئلن ۾ ڪا به مداخلت نه ڪرڻ گھرجي، معصومن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪري وقت سر پوليو سميت جيڪي ميڊيڪل جا اپاءَ آھن انهن کي استعمال ڪري معصوم مستقبل جي معمارن کي معذوري کان بچايو وڃي، شعيب ميمڻ لکيو ته پوليو مهم جو بائڪاٽ ڪرڻ جو مطلب پهنجي اولاد سان دشمني ڪرڻ آهي، دلاور سميجو لکيو ته پوليو مهم جو بائڪاٽ پنهنجي ٻارن سان دشمني ڪرڻ آهي، جاويد جان ڪيريو لکيو ته پوليو جا ڦڙا هر هڪ ٻار جي لاءِ ضروري آهن، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته پوليو مهم جو بائيڪاٽ جھالت آھي، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته پوليو جا ڦڙا پيئارڻ گهرجن،بابر علي شر لکيو ته سياستدان ۽ ڪامورا ته اليڪشن کانپو لڙن ڪو نه ٿا اھا ڪاوڙ پوليو ورڪرن تي ڪن ٿا، شنڪر لال لکيو ته پوليو مهم جو بائڪاٽ ڪرڻ ٻارن جي نشونما ۽ مستقبل سان کيڏڻ آهي، اها جهالت آهي، مير وسيم عباس لکيو ته پوليو مهم جو بائڪاٽ پنھنجي اولاد سان دشمني ڪرڻ آھي ڇو ته پوليو ھڪ موذي مرض آھي، ان کان بچاءَ لاءِ ڦڙا پيئاري پنهنجي ٻارن کي معذوري کان بچايو وڃي، نديم حسين ميمڻ لکيو ته هي خطرناڪ بيماري آهي پوليو لا علاج مرض آهي جنهن ٻار کي ٿيندو آهي اهو عمر ڀر معذور ٿي ويندو آهي خطرناڪ بيماري کان بچاءَ جي لاءِ ڦڙا پيارڻ لازمي آهي پيدائش کان وٺي پنج سال تائين هر ٻار کي، اسان جو بائڪاٽ اليڪشن ٽائيم ڪرڻ کپي، جيڪي به پنھنجا بنيادي مسئلا هجن ته انهن وڏيرن کان حل ڪرائي پوءِ ووٽ ڏيو، باقي پوليو مهم بائڪاٽ جهالت آهي، سائل جان ڪيريو لکيو ته پوليو جا ڦڙا هر هڪ ٻار جي لاءِ ضروري آهن،  سڀني سياسي،سماجي ۽ انسانيت رکندڙ دوستن کي هڪ اپيل آهي ته اچو پوليو مهم کي ڪامياب بنايون، اصغر چانڊيو لکيو ته لاچار ماڻھو جنھن کي تڪ جي حاڪمن طرفان گورنمينٽ جي ڏنل ڪوٽائن ۾ ھميشه نظرانداز ڪيو وڃي ٿو با اثر ڌرين پاران ڏنل اذيتون حد جي ٿاڻن تي حق تي ھجڻ باوجود به سندن ايف آءِ آر  نه داخل ڪرڻ تي رڙين ڪوڪن ڪرڻ باوجود ڪير نه ٻڌي ٿو، تڏهن ماڻهو مجبور ٿي اهڙو قدم کڻن ٿا، ممتاز علي سميجو لکيو ته مسئلا حل نه ٿيڻ تي اهڙو قدم کڻن ٿا.