سوال/سروي … پوليس جا مقابلا ڪوڙا قرار وڏيرن جي چوڻ تي بيگناهه ماڻهو ماريا ٿا وڃن: عوام

0
15

 ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سال 2024ع ۾ سکر ۾ 692 ۽ حيدرآباد ۾ 456 پوليس مقابلا: 83 جوابدار مارڻ جي دعويٰ، سوين زخمي: پوليس مقابلن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر  ماڻهن چيو ته پوليس جا گهڻو ڪري مقابلا ڪوڙا هوندا آهن، بيگناهن ماڻهن کي ماريو ويندو آهي، مقابلن ۾ پوليس اهلڪارن کي هڪ رهنڊ به ناهي ايندي ؟ پوليس مقابلن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سزا جزا عدالت جو اختيار آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منصور علي سومرو لکيو ته پوليس مقابلا بهتر آهن پر مقابلا اصلي هجن ۽ ڏوهاري به جينيئن هجن اسان وٽ وري ڪم ابتڙ ٿو ٿئي پيو جيڪڏهن ڏوهاري آهي ته ان کي سزا ملڻ کپي ۽ اسان وٽ پوليس ڪنهن ڏوهاري کي پڪڙي ان کي ماري پوءِ چوندي آهي ته اسان مقابلو ڪري ڏوهاري ماري وڌو آهي پر ان مقابلي ۾ وري پوليس کي هڪ به رهنڊ نه هوندي آهي. غلط مقابلن تي ڪيترائي سوال اٿندا آهن. طيب انقلابي لکيو ته اڪثر مقابلا جعلي ھجن ٿا، وري انھن جي پٺيان اھو به الميو ٿئي ٿو ته ايس ايس پي جي چوڻ تي پڪڙيل ڏوھاري کي گوليون ھڻندڙ اھلڪارن جي سندن پٽي ڀائر ئي ڏوھارين وٽ نشاندهي ڪن ٿا، جنھن سبب پوليس انڪائونٽر ۾ مارجي ويل ھڪ سئو مان ستر ڌاڙيلن جا پوليس اھلڪار پرائيويٽ طريقي سان خون ڀري ڏين ٿا ۽ حاڪم ايس ايس پيز کانئن لاتعلق بڻجي وڃن ٿا. موهن لال لکيو ته پوليس مقابلا عدالت کان مٿانهون قتل آهن، پوليس جو ڪم آهي جوابدار گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ ۽ پوءِ ڪورٽ جزا سزا ٻڌائي باقي پوليس کي قطعي اهو اختيار ناهي ته ماڻهن کي ڪوڙن مقابلن ۾ ماري انهي ڪُڌي روش کي آئسوليٽ ڪرڻ لاءِ انساني حقن جون تنظيمون ڪردار ادا ڪن، برڪت علي لغاري لکيو ته سڀ ڪوڙا مقابلا پوليس سدائين وڏيرن جي چمچاگري ڪئي آهي سڀ فيڪ مقابلا آهن، اياز احمد لکيو ته سنڌ پوليس جا اڪثر جعلي مقابلا هوندا آهن، عروج آزاد سنڌو لکيو ته اڄ ڪلھه ڪنھن کي ڪنھن کان پلاند ڪرائڻو ھوندو آھي يا پنھنجي رستي ۾ايندڙ رنڊڪ ھٽائڻ لاءِ پوليس کي ڪجھه پئسا کارائي ماڻھو مارائي ڇڏيندا آھن، ظهور احمد منگي لکيو ته پوليس جيڪي مقابلا ڪيا آھن عدالت مٿانھون قتل آھي پوليس جو ڪم جوابدار کي گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ آھي…! اڪثر پوليس وڏيرن سردارن جي ونگار وهندي ڪوڙا مقابلا ڪيا آهن، اي ڊي سومرو لکيو ته سڀ شڪي مقابلا آھن پوليس جو ڪم ئي ناھي ته مقابلا ڄاڻائي ماڻھو قتل ڪري، پوليس ته معاشري مان برائيون ختم ڪري غريب مسڪينن سان انصاف ڪري پوليس جو اھڙو ڪردار ھجڻ گهرجي جيئن عام ماڻهو محسوس ڪري ته پوليس سماج مان ڏوھه پئي ختم ڪري، پر ھتي ابتو ڪم لڳو پيو آھي پوليس ڏسي عام ماڻهن کي خوف ڊپ ٿيندو آھي متان خوامخوا نه ڦاسائي، ڏھارين کي ٽڪي جو ڊپ خوف ناھي ڊڄن وري عام ماڻهو پيا، الله سائين ڪا ھدايت ڏي پوليس کي، اياز علي راهوجو لکيو ته پوليس مقابلي جي خبر ناهي ته اصل آھن يا جعلي پر عدالت  مان ته سڀ باعزت بري ٿي ٿا وڃن، شوڪت علي لکيو ته سنڌ ۾ پوري طرح سان پوليس يرغمال بڻيل آهي، وڏيرڪي سوچ رکندڙ ماڻهو پوليس کي يرغمال بڻائي پنهنجي وانگار وهائيندا آهن، جنهن جي ڪري ڪجهه مقابلن جا اطلاح ڪوڙا ۽ وانگار وهي ڪيا ويا آهن. وسيم اڪرم لکيو ته سڀ ڪوڙا مقابلا، صداءُالله چانڊيو لکيو ته اڄ ڪلهه جيڪي به پوليس مقابلا ٿين ٿا تقريبن جعلي ۽ ڊراميبازي تي ٻڌل آهن يا وري وڏيرن  جي چوڻ تي معصوم ۽ بيگناهه ماڻهون ماريا ٿا وڃن اگر ڏوهاري بدمعاش ڌاڙيلن سان مقابلا ٿين ته بهتر آهي، روشن ڪلوئي لکيو ته ائين ڏسون ٿا وڏيري وٽ چرس جو ٺيڪو آھي صدين کان ٺري جو گتو بند ناهي ٿيو سفينا مين پڙي جا ڪارخانا آھن ڏوهن ۾ پوليس ڀاڱي ڀائيوار آھي، اڪبر علي بلوچ لکيو ته پوليس ته وڏيرن ۽ ڀوتارن جي حڪم سان غريبن کي قتل ڪري پنھنجو فرض پورو ڪندي رھي، ڇو جو ڏوھاري ڀوتار وڌ کان وڌ طاقت ۾ آھن، محمد ايوب بروهي به سروي ۾ حصو ورتو، ڪفايت علي سنڌي لکيو ته پوليس مقابلو ڏٺو وڃي ڪافي حد تائين تمام بھترين ڪم آھي پر انھي مقابلي ۾ ڏوھاري جو ھجڻ لازمي آھي، گل حسن شر لکيو ته ۽ مزي جھڙي ڳالھه انھن مقابلن ۾ ڪنھن پوليس واري کي ڪا به رھنڊ ناھي ايندي سولي سنڌي ۾ جيڪو ڪڙھائي جا پيسا نه ڏيندو ان کي فرائي ڪيو ويندو آھي، غلام نبي لکيو ته پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، نماڻو نوناري لکيو ته ڪوبه مقابلو ناهي ٿيندو سڀ ڊراما آهن، واحد بخش چانڊيو لکيو ته سڀ ڪوڙا مقابلا هوندا آهن رڳي پيسن پٺيان پوليس آهي، شير محمد گوپانگ، محمد شاهجهان اڄڻ، نويد احمد، محبت علي سميجو، دلاور ناريجو به سروي ۾ حصو ورتو، شاهه محمد شاهه لڪياري لکيو تو ته پوليس ڌاڙيلن سان ڪڏهن به ڪو مقابلو ناهي ڪيو باقي بيگناهه ڪنهن مارجي ويا پوليس ڀوتارن جي ايجنڊا تي آهي، عرفان سنڌي لکيو ته 90 سيڪڙو ڪوڙا مقابلا آهن، نويد قمر لکيو ته اهو ظلم آهي، عبدالرسول بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ پوري طرح سان پوليس يرغمال بڻيل آهي، وڏيرڪي سوچ رکندڙ ماڻهو پوليس کي يرغمال بڻائي پنهنجي وانگار وهائيندا آهن، جنهن جي ڪري ڪجهه مقابلن جا اطلاح ڪوڙا ۽ وانگار وهي ڪيا ويا آهن. وڪيل ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالحق ٻگهيو  لکيو ته ڪوڙ سڀ ڪوڙ….اڄ تائين پوليس کان پڇو ته جيڪي به پوليس مقابلن جون ايف آءِ آرون داخل ڪيون اٿوَ، جنهن ۾ فريادي به پاڻ شاھد به پاڻ مشير به پاڻ ته اھو ڪيس جوابدارن تي ثابت ڇونه ڪري سگھيا آھيو اڄ تائين سڀ جو سڀ ڪيس ڪورٽ  ۾ آخر ڪوڙا ڪيئن ٿا ٿي وڃن ؟… ان سڀني مقابلن جي ڪيسن مان سڀ جوابدار باعزت بري ڇوٿا ٿي وڃن ؟. جيستائين مونکي خبر آهي ته پوليس مقابلي جي ايف آءِ آر يا وڏيرن جي چوڻ تي يا حد جي ھيڊ محرر جي ذاتي رنجش جي ڪري…. يا وري ھيڊ محرر جو خرچ کٽندو آهي ته غريب اٻوجھه ماڻهن کي ان ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪري انھن کي گرفتار ڪري پرائيويٽ جڳھه تي رکي ڪري انھن جي مالڪن کي ٽارچر ڪري انھن کان پيسا وٺي پوءِ انھن کي ڇڏيو ويندو آهي ته وڃو ھاڻي وڃي ٻاھران ضمانت ڪرايو…. ٿيڻ ته ائين کپي جنهن حد ۾ پوليس مقابلي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ٿي وڃي ان پوليس وارن کي ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي سختي سان ھدايت ڪن يا انھن جي لاءِ اھڙو ڪو قانون اھڙو ڪو ليٽر جاري ڪيو وڃي جو انھن کي واضح ھدايتون ڏنيون وڃن ته جي توهان سچي ايف آءِ آر داخل ڪيو ٿا ته ڪورٽ ۾ به ثابت ڪري ان جوابدارن کي سزا ڏياريو، نه ته توهان جيڪي فريادي شاھد ۽ مشير آھيو توهان تي قانوني ايڪشن کنيو ويندو….ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته ڪجھه بدنام ڌاڙيل ماريل آهن باقي پوليس وڏيرن ۽ سردارن جي ونگار وهدي غريبن کي قتل ڪري پنهنجو نالو وڌايو اٿن جيترا حيدرآباد ۾ ماريل پيا ٻڌائين ايترا پوري سنڌ ۾ به ڏوهاري ناهن اهن صرف ڪچي واري سائيڊ آهن، فقير نواز علي به سروي ۾ حصو ورتو، ارشاد علي ميراڻي لکيو ته سن 2024 دوران سکر ۽ حيدرآباد ۾ پوليس مقابلن جو انگ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. 692 پوليس مقابلا سکر ۾ ۽ 456 حيدرآباد ۾ رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ 83 جوابدارن کي مارڻ ۽ سوين کي زخمي ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا آهن. اهڙا پوليس مقابلا ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏين ٿا. ڇا واقعي هي مقابلا جائز هئا يا انهن کي صرف دهشتگردي ۽ ڏوهن کي ختم ڪرڻ جي آڙ ۾ ڪيو ويو؟ ڪيترن ئي واقعن ۾ شفافيت جي کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ ڪيترائي انساني حقن جا ادارا انهن مقابلا کي “جعلي” قرار ڏئي رهيا آهن. پوليس جي ذميواري قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ آهي، نه ته قانون کي هٿ ۾ وٺي ماڻهن کي مارڻ. جيڪڏهن واقعي ڏوهاري ماريا ويا آهن، ته به انهن کي عدالت آڏو پيش ڪري انصاف ڪرڻ گهرجي ها، جيئن معاشري ۾ قانون جي حاڪميت قائم رهي. اهڙا واقعا صرف پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد کي گهٽائين ٿا ۽ بيچيني کي وڌائين ٿا. پوليس جي اهڙي عمل کي نئين سر جائزو وٺڻ ۽ اصلاح جي ضرورت آهي. قانون ۽ انصاف جو نظام مضبوط ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهڙا واقعا گهٽجن ۽ امن قائم ٿئي.مير حسن سبزوئي لکيو ته رڳو ڪوڙ ڳالهائن ٿا، غريبن کي قتل ۽ زخمي ڪندا آهن، اياز احمد بلوچ لکيو ته گھوٽڪي ۾ بدامني عروج تي پھتل آھي روز بروز چوري جون وارداتون آھن، پوليس مقابلا جيڪڏھن حقيقي چورن ڦورن ڌاڙيلن خلاف ڪيا وڃن ته ھوند بدامني تي سٺو ڪنٽرول ٿي وڃي پر پوليس يا ته ذاتي دشمني سبب يا وري ڪنھنجي آشيرواد يا اثر رسوخ جي اشاري تي اھڙا مقابلي ڪري فل فراءِ يا ھاف فراءِ ڪندي رھي ٿي، ٻيو ته گھوٽڪي پوليس کان ڪجھه ٿئي ڪونه ٿو باقي ڪوڙا پوليس مقابلا، ڪوڙا چرس جا ڪيس ٻه ٽي پتا تاس جا ھٿ ڪري، شراب جي بوتل ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي صفا ماھر لڳل آھي، غالب حسين لکيو ته اهي ڪوڙا مقابلا آهن رڳو غريبن کي ماريو ويندو آهي، مبين اڄڻ لکيو ته پوليس مقابلا عدالتن کان مٿانهون قتل آھن پر ھتان جي حڪومت ۽ پوليس وڏيرن جي ڀاٿاريدار بڻيل آھي پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل ڪيترائي نوجوان بي گناھه ثابت ٿيا آھن جن جون رپوٽورن مختلف وقتن تي اخبارن توڙي سوشل ميڊيا جي زينت بڻجنديون رھيون آھن جيڪڏهن پوليس کي ڪوڙا مقابلي ڄاڻائي ائين بي درديءَ سان بي گناھه نوجوان قتل ئي ڪرڻا آھن ته پوءِ عدالتون کي تالو ھنيو وڃي ؟ فيضان بلوچ لکيو ته پوليس سدائين ڪوڙا مقابلا ڪيا آهن، ابراهيم خليل لکيو ته وڏيرن جون ونگارون وهڻ خاطر عام ماڻهن کي قتل ڪري ڪوڙا مقابلا ڏيکاريا پيا وڃن اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فيئر انڪوائري جو مطالبو ڪريون ٿا، ممتاز علي سميجو به مقابلن کي ڪوڙو قرار ڏنو، اياز کهاوڙ لکيو ته اسان جي ضلعي گهوٽڪي ۾ روزانو ڪوڙا پوليس مقابلا ڄاڻائي هاف فراءِ ٿي ڪري .ٻيو شراب جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جا به ٿاڻن تي انبار لڳل آهن.