سوال/سروي …. پنهنجو ڪاروبارڪري ٻار پاليو، اتم کيتي، نيچ نوڪري وڌندڙ واپار: ڪاروبار لاءِ حالتون سازگار ناهن، نوڪري هجي ته گڏ ڪاروبار به ڪجي: عوام جي راءِ

0
22

سنڌ جي عوام جي اڪثريت نوڪرين بدران پنهنجو ڪاروبار ڪري گذارو ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. ڪجهه ماڻهن نوڪرين کي به اوليت ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته نوڪري هجي ته ان سان گڏ ڪاروبار به ڪجي، هن ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ حالتون سازگار نه آهن، مهانگائي ۽ ٽيڪس ڪاروبار جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ آهن. پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا صفحي جي سلسلي سوال سروي ۾ سوال پڇيو ويو ته نوڪري ڪجي يا پنھنجو ڪاروبار ڇا صحيح آهي؟ ٻنهي جو فائدو يا نقصان ڪهڙو آهي؟ ان تي عبدالقيوم لغاري ماتلي مان راءِ ڏيندي چيو ته نوڪري ۽ ڪاروبار اصل ۾ ھڪ ئي شي آھي. ٻنھي ۾ پرافٽ ئي پرافٽ آھي. پر اڄ ڪلههه نوڪري ۾ ڪرپشن کان سواءِ ڪجههه ڪونھي ۽ وري ڪاروبار به مھانگائي جي ڪري ٺپ ٿي ويو آھي. سو ٻنھي ۾ صرف ڪرپشن آھي. اڪبر رحمان ٿهيم چيو ته تعليم ۽ هنر سان گڏ جيڪڏهن پئسو آهي ته پنهنجو ڪاروبار ڪجي. ڇو ته ڪاروبار خاندان پاليندو آهي ۽ نوڪري فقط هڪ گهر هلائي سگهي ٿي تنهن ڪري جيڪي پڙهيل لکيل نوجوان نوڪرين وٺڻ جي ڊوڙ لاءِ لکين روپيا وڃائي رهيا آهن انهن کي کپي ته اهي پئسا ضايع ڪرڻ بجاءِ ڪو ڪاروبار ڪن ته جيئن سندن زندگي خوشحال گذري. اسد زرداري سرهاڙي کان لکيو ته سرڪاري نوڪري کان وڌيڪ پنھنجو ذاتي ڪاروبار سٺو آھي اڄ ڪلهه نوڪري کان وڌيڪ ماڻهو ڪاروبار ڪري ته بهتر ٿيندو ڇو ته سنڌ ۾ نوڪريون لکين روپين تي وڪرو ٿين ٿيون. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙا ادارا به ڪرپشن جي ور چڙھي ويا آھن ان ڪري نوجوان سٺي تعليم حاصل ڪري سٺو ڪاروبار ڪري پنھنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگھن ٿا. علي اصغر ميمڻ ڏوڪري مان لکيو ته اڄ ڪلهه نوڪري کان وڌيڪ ماڻهو ڪاروبار ڪري ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سرڪار پاران روزانو جي بنياد تي نوڪري پيشا ماڻهن لاءِ نيون نيون پاليسيون مرتب ڪري ٿي جنهن سبب سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهو ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. غلام علي گل ٻجورو لکيو ته سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته نيچ نوڪري اتم کيتي وڌندڙ واپار انھيءَ ڪري ڪاروبار ھزار ڀيرا بھتر آھي پر شرط اھو آھي ته ماڻھن وٽ ڪاروبار جا ذريعا به ھجن. نوڪريءَ ۾ ماڻھو نوڪر آھي ۽ ڪاروبار ۾ بادشاهه. مظفر شبير بوزدار لکيو ته نوڪري جي لاءِ هن وقت لکين روپيا گهرجن ڪاروبار جي لاءِ پيسو هجي ٻنهي شين تي پيسو لڳندو ٻئي درست آهن جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ظهير احمد پٺاڻ لکيو ته نوڪري ۾ حڪومتي ڪم آهي، پگهار پڪي آهي، رٽائرمنٽ تي پينشن آهي، ڪاروبار ۾ سيڙپ آهي جنهن بعد منافعو ملندو آهي توهان وٽ تجربو نه هجي ته نقصان ٿي سگهي ٿو. عمران علي بوزدار لکيو ته پنھنجو ڪاروبار بھتر آ شروعات ۾ ھلڪو ڪاروبار ڪجي پوءِ آھستي آھستي وڏو ڪاروبار ڪجي. نوڪري پئسن کانسواءِ نٿي ملي نوڪري ملڻ کانپوءِ ماڻھو ادارن جي ھيٺيان ھوندو آھي، ادارن وارن جي مرضي آ جتي پوسٽنگ ڏين. محمد حسين لکيو ته پهرين ڳالهه ته نوڪري لاءِ پيسه گهرجن اهي ھيٺين طبقي وٽ نه آهن ها باقي ڪارو بار ڪجي ٿورو ئي هجي. صمد شر لکيو ته پنھنجو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ وسيلا ناھن نوڪري لاءِ سفارش ناھي بس ايئن پئي زندگي گذري. مير وسيم عباس ٽالپر سرهاڙي کان لکيو ته اڄڪلهه نوڪريون پــئسن کان سواءِ ملن ڪونه ٿيون تنھن ڪري پھريان ننڍو ڪاروبار کولجي پوءِ آھستي آھستي ٿورا ٿورا پـــئسا وجھي ان ڪاروبار کي وڌائجي. باقي نوڪرين جو آسرو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي. موهن لال چيو ته اهليت وارو ماڻهو ٻئي ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ نااهل ٻنهي ڪمن کان وانجھيل، نوڪري گهر هلائيندي ۽ ڪاروبار نسل. عبدالقيوم بکراڻي لکيو ته هاڻي نوڪري ڪرڻ کان بهتر آ ته ڪاروبار ڪجي ڇو ته هاڻي سرڪاري نوڪري ۾ پينشن به ناهي. محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته اتم کيتي نيچ نوڪري وڌندڙ واپار ڪاروبار ۽ واپار جهڙو ڪو ٻيو ڌنڌو ناهي نوڪرين وارا ماڻھو ڪاروباري ماڻھن وٽ گروي لڳا پيا آهن ڪاروبار سڀ کان بهتر آهي. جنيد زرين بلوچ لکيو ته نوڪري ملي ڪٿي ٿي ؟؟؟ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي لاءِ ڪروڙين روپيا ھجن. ھيٺين گريڊ لاءِ لکين روپيه. ان کان بھتر آھي پنھنجو ڪاروبار ڪجي. راجيش ڪمار گرگ لکيو ته اڄڪلهه جي حالاتن جي مطابق ڪاروبار لاءِ وڏي سيڙپ کپي ۽ جنهن وٽ سيڙپ آھي ان لاءِ ڪاروبار صحيح آھي جنهن وٽ ڪاروبار ڪرڻ جيتري سيڙپ ۽ سگھه ناهي اهي نوڪري ڪري ئي پنهنجو گذر سفر هلائي سگهن ٿا. مگر نوڪري يا ڪاروبار مشڪل سان ئي گهر جو گذر سفر ڪري سگهن ٿا. احسان علي پاڙهو پيرو لاشاري، مختيار مولائي ۽ حمير گل راڄپر ڪرونڊي کان لکيو ته اسان جي ملڪ ۾سرڪاري نوڪري ڪرڻ کان بھتر آھي ته عوام روزگار ڪري ڇو جو اڪثر نوڪريون پيسن تي ملي رھيون آھن. قربان عالياڻي نيوڇور کان لکيو ته موجوده صورتحال ۾ نوڪري سان گڏ ڪاروبار ضروري آهي. ميگهواڙ اي ڊي ڌرماني لکيو ته هتي ڳالهه مڙئي ساڳي آ. سمون بلال لکيو ته صبح جو نوڪري شام جو ڪاروبار، جمالي امتياز لکيو ته ڪاروبار بهتر آهي. نعمت الله راهمون لکيو ته ٻئي صحيح آھن. اسماعيل شاهاڻي لکيو ته پنهنجو ڪاروبار. محرم چانڊيو لکيو ته جيتوڻڪ پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪافي فائدو آهي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا اندر ماڻهو نوڪري بجاءِ پنهنجي ڪاروبار کي اوليت ڏين ٿا، پر پنهنجي پياري پاڪستان جي صورتحال ڪجههه مختلف آهي، هتي ڪاروبار جي لحاظ کان حڪومتي پاليسيون ڪنهن به صورت ۾ واضح نه آهن، جنهن ڪري ڪاروبار ۾ نقصان جو هر وقت خطرو رهي ٿو، ان ڪري هتان جا ماڻهو ڪاروبار بجاءِ ننڍي وڏي سرڪاري نوڪري کي ترجيح ڏين ٿا. ڊاڪٽر سريش ھوتچنداڻي لاڙڪاڻو مان لکيو ته نوڪري ٽوڪري آھي، اڄ جي دؤر ۾ نوڪري غلاميءَ کان وڌيڪ ناھي. پئسو ھجي ته ڪاروبار ڪجي ۽ جي نوڪري ڪجي ته پوري ايمانداريءَ سان ۽ پنھجو پاڻ کي عوام جو نوڪر سمجھي نه ڪي ڀوتارن جو نوڪر سمجھي. ميوار ام نجار لکيو ته نوڪري پٺيان ڊوڙندڙن لاءِ منهنجو صرف اهو پيغام آهي ته جيڪڏهن نوڪري جلدي ئي جواني ۾ ملي به وڃي تڏهن به سائيڊ ۾ پنهنجو ننڍو وڏو ڪاروبار ضرور شروع ڪن. ڇو جو اڄ جي مهانگائي سڀني لاءِ وڏو امتحان آهي. سائيڊ ڌنڌو سمجهو ته توهان جي بچت جو هڪ حصو آهي. جيڪڏهن جواني ۾ ئي نوڪري نٿي ملي ۽ وٽس ڪجههه به ڏوڪڙ ناهن ته پاڻ کي سست نه بڻايو بلڪه ڪنهن نه ڪنهن فيلڊ ۾ پهرئين بنامعاوضي به تجربو حاصل ڪري وٺو. يا جيئن اڄ ڪلهه موبائل تي به آن لائين ڪاروبار شروع ڪري خوب ڪمائي سگهو ٿا. تنهن کان علاوه پنهنجي محنت جا ٺاهيل سموسا، رول، سينڊوچ، برگر، چاٽ، پوري وغيره صفا گهٽ سيڙپ تي وڌيڪ نفعو ڏيندڙ ڌنڌا آهن. بائيڪيا، رڪشه وغيره به ڏهاڙي تي وٺي سٺو ڪمائي سگهجي ٿو. روزمرهه لاءِ عام فروٽ جو اسٽال لڳائيندڙ به سٺو ڪمائي سگهن ٿا. اهڙا ڪيئي ننڍا وڏا ڪم شروع ڪندي ئي ازخود وڌيڪ ڪارگر ڪاروبار لاءِ نيون نيون ترڪيبون ذهن ۾ اينديون ۽ وڏي ڪاميابي پري نه هوندي. اختر آزاد ڏاھري شاھپور جھانيان مان لکيو ته ڪھڙي به کاتي جي نوڪري سرڪاري ھجي ته ٺيڪ آھي. ان سان پنھنجي ۽ پنھنجي فيملي جي زندگيءَ جي جياپو سک ۽ سھولت سان ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته سرڪاري ملازم توڙي سندس ڀاتين جو نه رڳو حال پر مستقبل به مفيد ۽ محتاجي کان آجو رھي ٿو. باقي پرائيويٽ کاتن جي نوڪري کان بھتر آھي ته ماڻھون پنھنجو ٿورو ئي ٿورو پر ذاتي ڪاروبار ڪري. نجي نوڪري گھٽ ۾ گھٽ اسان جي ملڪ ۾ ته غلاميءَ کان گھٽ ناھي. اھڙي غلاميءَ کان بھتر آھي ته ماڻھون آزاديءَ مثل پنھنجو ڪاروبار ڪري. جنھن ۾ برڪت ڏيندڙ رب جي ذات آھي. عبدالوحيد ميمڻ لکيو ته پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ کپي سنڌي قوم کي. نوڪري ۾ ڪجهه به رکيو آهي سواءِ ڀوتارن ۽ آفيسرن کي خوش رکڻ جي. سارنگ منير سومرو لکيو ته نوڪري ڪرڻ وارو صرف سبزي بدلائي سگھي ٿو صبح پالڪ، شام پٽاٽا يا شام پٽاٽا صبح پالڪ اھو زندگي بدلائي نٿو سگھي، پوري دنيا ۾ اھو تجربو ٿي چڪو آھي دنيا ۾ سڀ سرمائيدار ڪاروبار وارا آھن نوڪري وارا سڀ انهن جا نوڪر آھن. عبدالغفور لکيو ته اگر نوڪري آھي ته پارٽ ٽائيم ڪاروبار به ڪرڻ گھرجي. ذوالفقار علي کنڊ لکيو ته تنخواهه ملڻ کان پوءِ رڳو 10 تاريخ تائين پئسا ھوندا اوهان وٽ بعد ۾ سڄو مھينو انتظار رهندو ته تنخواهه ڪڏهن ايندي اڪائونٽ ۾ پنهنجي ڪاروبار سان روز روز پئسا اوهان جي اڳيان ھوندا. زوار علي گوهر زرداري لکيو ته پنھنجو ڪاروبار صحيح آهي. سيد ظاهر حسين ڪاظمي لکيو ته مجموعي طور تي نوڪري کان بهتر ڪاروبار آهي پر ڪن ماڻهن وٽ ڪاروبار ڪرڻ جيترا پئسا ناهن هوندا جي تعليم يافته هجن ۽ نوڪري ملڻ جا امڪان هجن ته بهتر ورنه پنهنجي وس آهر ننڍو ڪاروبار ڪن يا هنر سکن محنت رنگ لائيندي آهي هڪ ڏينھن بهترين نتيجه ملي سگهن ٿا. تنها قادر شر لکيو ته ڪاروبار بھتر آھي پر ٻوڏ وغيره ۾ ڪاروبار بند ٿي ويندو آهي اڄ جي دور ۾ ڪاروبار به لازمي آهي. عبدالمجيد شر اوٻاوڙو مان لکيو ته پنھنجو ڪاروبار بھتر آھي. علي دوسائي لکيو ته ڪاروبار بھتر آھي نوڪري ماڻھو جي صلاحيت کي زنگ لڳائي ٿي ڇڏي ۽ ماڻھو جي ترقي رڪجي وڃي ٿي ۽ ھو ھڪ دائري ۾گھمندڙ گھاڻي جي اکيون ٻڌل اٺ جيان ٿي وڃي ٿو. وحيد ڄامڙو لکيو ته نوڪري وارو ماڻھو صرف پنھنجي گھر جو چرخو ھلائيندو آھي ڪاروبار ڪيترائي خاندان پاليندو آھي. احسان چانڊيو لکيو ته وڏيرن جي پويان هلڻ کان بهتر آهي پنهنجو ڪاروبار ڪجي. جان محمد گاڏهي لکيو ته پنهنجو ڪاروبار ڪجي ته بهتر آهي. يامين سمون لکيو ته نيچ نوڪري وڌندو واپار اسان جي صلاح آ ته ڪاروبار بهتر آ. دليپ ڪمار ڀات چيو ته وڏڙا چون ٿا نيچ نوڪري وڌندڙ واپار سو پنهنجو ڪاروبار ڪجي. مبارڪ بجير لکيو ته نيچ نوڪري اتم کيتي وڌنڌڙ واپار. مشاهد نهڙيو لکيو ته وڏو يا ننڍو ڪاروبار بهتر. آصف علي سومرو لکيو ته ڪاروبار نوڪري کان بهتر آهي ننڍي ليول کان ڪاروبار شروع ڪجي. شاهد بلوچ لکيو ته اگر نوڪري آھي ته پارٽ ٽائيم ڪاروبار به ڪرڻ گھرجي نت نقصان ٿي سگهي ٿو باقي ڪاروبار بهتر آهي پر شهر ۾ طفيل احمد چانڊيو لکيو ته ڪاروبار ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته نوجوان کي آسان قسطن ۽ بغير ڪنهن شرط جي قرض فراهم ڪن ته گهڻي پيماني تي سنڌ مان بيروزگاري ختم ٿي ويندي. شوڪت علي لکيو ته اگر جي وڏي نوڪري ملي ته پوءِ نوڪري درست آھي. لعل محمد رند بلوچ لکيو ته ڪاروبار نوڪري کان وڌيڪ بهتر آهي جيڪڏهن پنهنجو پئسو هجي ته نوڪري صرف هڪ ماڻهو روزگار تي لڳندو ڪاروبار ۾ پورو خاندان روزگار سان لڳي سگهي ٿو. آئون به ڪاروبار ڪري رهيو آهيان. مڪيش منجهرانا چيو ته ھن وقت نوڪري جا آرڊر ھڪ فيصد ميريٽ تي ڏئي باقي 99 سيڪڙو وڏيرن ۽ رياستي واٺن جي کيسي ۾ پيا ھوندا آھن تنهن تي حق سندن چمچن جو ھوندو آھي. سو سنڌي ماڻهو وڻج واپار ۾ ڏاھو رھيو آھي ان وٽ ڏات ۽ ڏانءُ آھي تنهن ڪري وڌندڙ واپار نيچ نوڪري واري واٽ تي ھلي اسان ڪاروبار تي ڌيان ڏيون جنھن سان اسان پنھنجا معاشي حالات ۽ عزتِ نفس ٻئي بچائي سگھنداسون. زوار اي ڪي بلوچ لکيو ته اڳ جو پھاڪو ھو نيچ نوڪري اتم کيتي وڌندڙ واپار اڄ کيتي سان جيڪا حالت آ اھا سڀني کي خبر آ ٻه نمبر ٻج ڀاڻ دوائون ۽ وياجن ۾ زميندار پورا آھن باقي واپاري سٺي بچت ڪن ٿا پر حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري اھي به ذليل آھن ٻن سالن ۾ ڪنھن به اسٽاڪر ناھي ڪمايو جي ڪمايو آھي ته صرف وياج جي صورت ۾ باقي اڄڪلهه جي دور ۾ نوڪري جھڙو ٻيو ڪاروبار آھي ئي ڪونه. پگھار پلس ڪرپشن. مزا انھن جا آھن يا ڊيوٽي ڪن ئي ڪونه پگھار کڻن ويٺا اڄ جي نوڪري کيتي ۽ واپار کان مٿان آھي. صدام سومري لکيو ته تجربو ۽ سرمايو ھجي ته ڪاروبار بھتر آهي ٻي صورت ۾ نوڪري ڪرڻ گھرجي پر افسوس سان چونڻو پوي ٿو ته نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ به پئسا ھجڻ ضروري ٿي پيا آهن. همت علي سخيراڻي دادو مان لکيو ته نوڪري کان بھتر آھي پنھنجو ڪاروبار ڪجي، وڏڙن جو چوڻ آھي ته اُتم کيتي نيچ نوڪري وڌندڙ واپار … پنھنجو بزنس سٺو ھوندو آھي. عطا محمد لکيو ته خوش ٻئي ڪونه آھن جنھن وٽ نوڪري آھي اھو چئي ٿو پنهنجو ڪاروبار بھتر آھي وري جنھن وٽ پنھنجو ڪاروبار آھي اُھو چئي ٿو نوڪري بھتر آھي. اظھر آدرش لکيو ته هاڻي ته سٺي نوڪري ۾ به انويسٽ ئي ڪرڻي پوي ٿي. ٽيسٽنگ ادارا لکين روپيا ڏيندڙ اميدوار کي ئي پاس ڪن ٿا، اهڙا ڪامورا سماج دشمن ثابت ٿيا آهن. ان کان بهتر آهي ته معاشري ۾ چڱائي پيدا ڪرڻ لاءِ نوڪري کان ڪاروبار تي انويسٽ ڪجي. عظيم جلباڻي دوڙ مان لکيو ته ڪاروبار بھتر آ نوڪري ۽ نوڪري جي آسري ويھڻ کان ڪاروبار جيڪو آھي خاندان پاليندو ۽ نوڪري جيڪا آھي ھڪڙو گھر مشڪل سان ھلائيندي. رضوان علي جوڻيجو لکيو ته جيڪڏهن پئسا آهن ته ڪاروبار کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه آهي .پر اڄ ڪلهه نوڪري به ڪاروبار کان گھٽ ناهي ڇو جو رشوت کي به ماڻهو ڪاروبار ڪري ويٺا آهن .سميع الرحمان لکيو ته ٻئي بھتر آهن. گلشن علي کٽياڻ لکيو ته پئسو اٿوَ ته ڪاروبار بهتر آھي. باقي سڃا آھيو ته نوڪري ڀلي آ. هڪ ڳالھه ضرور آھي ته ننڍن شھرن ۾ ڪاروبار کي وقتي لاها چاڙھا اچن ٿا. جنهن سبب ڪي پاڻ سنڀالي ٿا وڃن ته ڪي وري نقصان کائين ٿا. جسونت راءِ مداني لکيو ته روينيو کاتي جو ملازم ٿجي نوڪري به ڪاروبار به. سنڌي علي گل لکيو ته پنھنجو ڪاروبار نيچ نوڪري وڌندڙ واپار. اسد علي لکيو ته نوڪريون آھن ڪٿي؟ جيڪي اين ٽي ايس ۽ آئي بي اي جي ٽيسٽن کانپوءِ وڪرو ٿيون انهن کان علاوه نوڪريون گذريل پنڌرنهن سالن کان سنڌ ۾ ته مليون ناهن. وزير احمد چانڊيو ڪاڇو لڳ يوسي ڇني ضلع دادو کان لکيو ته پنهنجو ڪارو بار بھتر آ نوڪري وري به نوڪر جي مثال آ وڏو آفيسر ھميشھ پنهنجي ننڊ آفيسر کي نوڪر سمجھندو آ. وقار حسين لکيو ته  ڪاروبار بهتر آهي پر پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ کان چڙهي ويو آهي، اخراجات ۽ ٽيڪس ايترا آهن جو پوري ئي نه ٿي پوي. مٿان وري مهانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪاروبار وڌڻ بجاءِ روز به روز نقصان کائي بند ٿيڻ جي شرح پاڪستان ۾ وڌيڪ آهي. محمد امين لکيو ته  انويسٽ ھجي ته پنھجو ڪاروبار. صدام بجير لکيو ته نوڪري سٺي آهي ان لاءِ قانون هجي قانوني طريقي سان ڊيوٽي ڪرڻ جا سڀ پابند هجن. سفارش ڪا نه هلي برابري جي بنياد تي هر ملازم کي ڏٺو وڃي. نه ته ڪاروبار صحيح آهي جنهن ۾ ڪنهن سفارش جي ڪا ضرورت ناهي. سليم رضا شيخ خيرپور کان لکيو ته نوڪري ميرٽ تي ھجي ۽ ڪاروبار سچائي سان ھجي ٻي صورت ۾ ٻئي حرام آھن ۽ نقصانڪار آھن. شنڪر لعل لکيو ته ڪاروبار بهترين آھي ڇو ته نوڪري ھڪ خاندان پاليندي آھي ۽ ڪاروبار نسلون سنواريندو آھي، نوڪري ڪري ماڻهو وڏو نوڪر ٿيڻ کان بهتر آھي پمهنجو ڪاروبار ڪري ننڍو مالڪ بڻجي. ياسين جوڻيجو لکيو ته نوڪري ڪندڙ صرف خاندان پالي سگهي ٿو جڏهن ته ڪاروبار نسل پاليندو آهي. جھانگير شر لکيو ته 50 لک انويسٽ هجي پوءِ ڪاروبار. سيد مقصود بخاري لکيو ته ڪاروبار ڀلو آهي پر نوڪري سهارو آهي وقت تي پئسا ملي وڃن ٿا . آسرو هوندو آهي، ڪاروبار به هجي گڏ. محمد خان ٻجورو لکيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ نوڪري به هجي ۽ ننڊو وڏو ڪاروبار هجي ته ٽائيم سٺو گذرندو. پريم چند لکيو ته سچي ٻڌايان پاڪستان ۾ ٻئي ڪرڻ وڏو مسئلو آهي. نوڪري رشوت ۽ ڪاروبار رڳو ٽيڪس آهي. حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ڪاروبار بهترين آهي پر ملڪ جي حالتن کي ڏسجي ته ڪاروبارن ۾ به مزو ناهي رهيو حالتن ويتر پريشان ڪيو آهي. امن جي صورتحال بهتر هجي جيئن ماڻهو رات ڏينهن محنت ڪري سگهي پوءِ سڀ کان وڌيڪ بهتر ڪاروبار آهي. راجا رميش لکيو ته جنهن ڪم ۾ ماڻهوَ اھليت رکي اھو ڪري واندو نه ويھي. محمد الھيار جيڪڏھن سيڙپڪاري زياده آھي ته ڪاروبار ڪيو ڪجهه علائقن ۾ گھٽ سيڙپڪاري سبب ڪاروباري ماڻهن کي مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو جيڪي دوست پيسن عيوض نوڪريون وٺن ٿا انھن کي ڪاروبار ڪرڻ جي تجويز ڏيون ٿا. مبين اڄڻ لکيو ته نوڪري ھن ملڪ ۾ ميرٽ تي ملڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آھي جيڪڏهن نوڪري ملي به وڃي ته عام ماڻھو سرڪاري نوڪري مان ٽيھه کان چاليهه ھزار ڪمائي سگھي ٿو جيڪو ھن دور ۾ ناڪافي آھي. باقي پنھنجي ڪاروبار ۾ جيترو ناڻو وڌيڪ ھوندو اوترو منافعو وڌيڪ ملندو. اعجاز پرديسي لکيو ته نوڪري کان پنھنجو ڪاروبار پنج دفعا بھتر آھي نوڪري ۾ ھر ھڪ بالا آفيسر جو سياسي ماڻھن جو ۽ وڏيرن جا ناجائز حڪم مڃڻا پوندا آھن جنھن سبب غريبن جون بدعائون کائي وينديون آھن پنھنجي ڪاروبار ۾ ماڻھو خودمختيار ھوندو آ. جميل معفرفاڻي لکيو ته اوهان جو سوال اهيمت رکندڙ آهي، نوڪري بجاءِ اگر ماڻهو پنهنجو ننڍڙو ڪاروبار کولي ويھي روزگار ڪري ته نوڪري کان وڌيڪ بهتر آهي، ڇو ته نوڪري ائين آهي جيئن ڪنهن جي غلامي ڪرڻ روزگار ڪرڻ پوءِ ڇو نه سبزي جو هجي، کير جو هجي، ڪرياني دڪان جو هجي ماڻهو حق حلال جو پورهيو ڪري سٺي ۽ آزاديءَ واري زندگي گذاري سگهي ٿو. باقي هن دور ۾ پنهنجو روزگار وڌيڪ اهيمت رکي ٿو. ڪامران نواز ڪامي شاهه لکيو ته نوڪري سان گڏوگڏ ڪاروبار ھجي ته لازمي نه ته ڪاروبار ھجي لازمي. منظور خاصخيلي لکيو ته اتم کيتي نيچ نوڪري وڌندڙ واپار.اڄڪلهه پئسو پئسي کي ڪمائي ٿو ان ڪري واپار ڀلو آهي، نوڪري وارن جا به ويھه ڏينهن بمشڪل نڪرن ٿا. سنيل ڪمار لکيو ته ڪاروبار ۾ اسپيشلي سنڌ ۾ ڪا صداقت ناھي رھي، پئسا آھن ته سامان ڪونه ٿو ملي ۽ ھولسيلر ۽ وڏا ڊيلر مافيا ڪاروبار کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آھي ڪنٽرول ڪنھن شئي تي ناھي، اي سي ڊي سي رڳو رمضان ۾ لسٽون چيڪ ڪندا آھن پوءِ ٻاھر نڪرن ئي ڪونه، تنھن کان علاوہ فوڊ انسپيڪٽر به گھٽ ڪونه ٿا ڪن ۽ ڪاروبار ۾ ڪامپيٽيشن به زور سان آھي ڪنھن جي زبان کٽيو وڃي ته ڪنھن جو ڪردار باقي ڪم گھڻو آھي. بي لاڀ آھي سڀ ڪجهه. اڄ جي مارڪيٽ جو تازو مثال اھو آھي ته جيڪا شئي ڪالهه 1000 ۾ رٽيل تي وڪڻي پئي اھا ساڳي شئي 1050 جي ملي پوءِ توھان ٻڌايو ڪاروبار ڪيئن پيو ھلي. سيال غلام الله لکيو ته نوڪري ملڻ جي ناهي رهي ڪاروبار ڪجي ته ڀلو گهر ڀاتي سک جي زندگي گذاري سگهن ٿا، نوڪري سان گهر به هلي سگهي ٿو پر اسان وٽ ٽيھه هزار پگهار واري نوڪري لاءِ 30 کان 40 لک ڏيڻا پون ٿا، ڪاروبار نوڪري کان بهتر آهي. وفا گولو لکيو ته نوڪري ڪرڻ سان اسان جا گهرو حالات بهتر ٿي ويندا آهن ڇو ته نوڪري سان ماڻهو هر مهيني گهر جو خرچ پکو هلائي ٿو ڪاروبار به بهتر آهي ڪاروباري ماڻهو گهڻو مصروف رهندو آهي جنهن سبب ان کي پنهنجي گهر لاءِ به وقت گهٽ ملندو آهي موجوده دور ۾ ڪاروبار ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.

فاروق احمد، محمد حنيف سومرو/ ميرپورماٿيلو، اي ڊي سومرو بدين، ملاح مير اي جي، عباس گل مستوئي، حميد راڄپر، دائود زئور، عبدالرئوف سنڌي، ڊي ايم چنپاڻي، مظفر علي شيخ، مير صاحب مير صاحب، سڪندر گلاب، راشد سنڌي چانڊيو، علي احمد چاچڙ، وقار منڱريو خيرپور ميرس، گينجي ٺاڪر، سيف الله ڏهوٽ، نادر علي شر، عبداللھ کوسو نيوجتوئي، صاحب خان، دايو صاحب، شاهه زمان، عاقب حسين وسطڙو پير قربان ڪالوني نوشھرو فيروز، سنگهار جوکيو ڳوٺ مٺاخان جوکيو، شمس سمون، عبدالستار ڪلهوڙو، محمد راشد مشوري، چانڊيو حنيف سنڌي، اميد ڪي ڪرن، مرتضيٰ حسين خاصخيلي، زاهد سنڌي زاهد، علي زوهيب، پرٿوي هنجهاڻي، خادم حسين، سولنگي رياض، علي شير ڪنڀر، شهباز ٻجورو، مقبول احمد پنهور، سعيد احمد، ولي محمد جمالي، محمد پريل گهوٽو، سومرو شبير، سمير احمد، اويس ملاح، سراج عظيم، بابو ملڪ، رئيس سڪندر علي چانڊيو، شبير حسين ڀوت، عبدالوقار لکڻ، محمد اسلم، رب نواز نوناري، شاهزين علي، شڪيل ايس مگسي، بشير خان ميراڻي، انور شيخ، راءِ عابد ڀٽي، منظور حسين، ابراهيم خليل جتوئي شڪارپور. سخي محمد مڱريو، غلام شبير شر، نقاش پيرزاده، مير ذوالفقار چانڊيو سڪرنڊ، محمد الطاف، باغي زاهد، جميل کوسو، اظهر علي چانڊيو، مستنصر ابڙو، ڪامران کوکر، لوڪيش هيراڻي، اياز کهاوڙ، رابيل خان، وقار حيدر، فرهاد علي، سڪندر علي گورگيج، عابد حسين، ميمڻ صائمه، جنيد جمشيد، مير وقار حسين، شڪيل احمد نوناري، بشير رضا مهر، تنها شهزاد، عاقب حسين وسطڙو، علي گل دل، وسيم پنهور، محبت آريسر، محمد اقبال نهڙي، الهداد چانڊيو، الطاف حسين بلالاڻي، ديدار علي خان، لغاري حنيف، بشير احمد سولنگي، يار محمد ميمڻ، پرويز علي بلوچ، وزير علي مهر، ساجن علي کهڙو، رسول بخش ابڙو، دلدار مستوئي، عبدالرزاق سومرو، غازي خان ڪورائي، هاشم سنڌي، ساجد بلاول، مير شڪيل، سالار سنڌي، ڪريم بخش، قادر بخش زئور، ايم آچر ڪنڀر، ممتاز منٺار، نويد احمد دل، هدايت الله دل، ممتاز ڏاهري، ابراهيم پنهور، موهن لعل، خاموش خليل شر، نويد چانڊيو، محمد ابراهيم ڪاڪيپوٽو، اڪبر علي بجير، اشفاق علي عباسي، اعجاز علي، ٿاريلي سنڌ، نذير احمد سومرو، عبدالجبار خان ڀٽو، عبدالجبار شاهه، آصف علي دزڪاڻي، صوفي سريش ميگهواڙ، ديدار سوڍڙو، نور خضره نور پنهور، عبدالسلام، ڪليم الله جانوري، ايچ نثار ملاڻو، رحمت الله نهڙيو، مرتضيٰ مستوئي، سليم رضا شيخ، صابر بلوچ، ياسر تنيو، غفار خان، خادم ايچ سومرو، فقير ارشد ڍاٽي، عطا محمد عثمانيزوهيب لاشاري به سروي ۾ حصو ورتو.