دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻيا مغوي آزاد نه ٿيا: پوليس جي ڪوششن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آهي، پوليس عوام سان سچي ناهي، پوليس کي سڀ خبر هوندي آهي، پوليس پنهنجي تي اچي ته سڀ مغوي جلد بازياب ٿي ويندا پر پوليس مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي. پوليس رڳو سردار پيرن ميرن جي پويان آهي. پوليس لاءِ مغوي آزاد ڪرائڻ ڪو مسئلو ناهي، پر هتي پوليس پاڻ اهڙي ڪم ۾ ملوث آهي، پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن خلاف به ايڪشن ٿيڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اشفاق چانڊيو لکيو ته جيڪڏهن پوليس سچائي ڪري ته اهو ڪو وڏو مسئلو ڪانهي ڪو پوليس وڏيرن جي ڪمداري ڇڏي غريب بي پهچ مغوي جي بازيابي ڪرائي، ساگر علي رضا لکيو ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي مغوين جي مائٽن پئسا ڀريا آهن جيڪي آزاد ٿيا آهن باقي به پئسا ڀري آزاد ٿيندا، پوليس به کائي ڏوهارين ۽ پاٿاريدار به کين سڀ پئسي جي خاطر عوام کي ذليل ڪرايو پيو وڃي. رانا شاهد راجا لکيو ته پوليس پنهنجي تي اچي ته سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، سمورا مغوي آزاد ڪرائي سگهي ٿي، راجو ٺڪر لکيو ته بس ڇا چئجي افسوس ڪجي ٿو معصوم ٻار به اغوا ٿين پيا، علي حسن ٽالپر لکيو ته پاڪستان ۾ سرداري ۽ وڏيرا شاهي نظام کي ختم ڪري پوليس جو ڪم رينجرز کي ڏنو وڃي هر پوليس اسٽيشن تي رٽائرڊ ميجر ويهاريو وڃي، شنڪر لال لکيو ته پاڪ آرمي ۽ رينجرز کي ٽاسڪ ڏنو وڃي ته بهتر آهي….. قدير جوڳي لکيو ته پرياڪماري۽ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازياب نه ٿيڻ ۾ جاگيرداري جي ور چڙھيل اسان جا انصاف واراادارا آھن بس مال ۾ سڀ ڀاڱي ڀائيوار آھن جيڪڏھن پوليس سچائي ڏيکاري ته سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، موهن لال لکيو ته پريا ڪماري ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ڇاڪاڻ ته پوليس ڌاڙيلن جي بي ٽيم طور ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ پوليس جو اهم ڪردار هاڻي وڃي اهو رهيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪو به ڏوهاري هجي، منشيات فروش هجي، قاتل هجي يا ڪنهن به واردات ۾ ڪير به ملوث هجي مگر پوليس رشوتون وٺي پنهنجو رشوت واري ڪاروبار ڪري سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. ڪري هڪڙو ڏوھ وري گرفتار ڪنهن ٻئي کي ڪندا آهن ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪو ڏوھ ڪندو ان ئي ڪهڙي نه وقت کڻي ڪيترو به ٽائيم لڳي پر ان حقيقي جوابدار کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو آهي اسان وٽ پوليس چور ڀوتار ڌاڙيل منشيات فروش پاٿاريدار ڏوهاري يا قتل ڪندڙ همراهه سڀ هڪ ئي روپ ۾ نظر اچن پيا تڏھن ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين احتجاجي مظاهرا ريليون ۽ ڌرڻا هڻي هڻي رهيا آهن ڪنهن به اعلي عملدارن يا سنڌ جي انتظاميا سنڌ ڌرتي جي پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻيا مغوي هن وقت تائين آزاد نه ٿيا بهرحال قانون سنڌ وارو اڃا تائين خاموش آهي جيڪڏهن قانون آهي ته صرف غريبن لاءِ باقي وڏا وڏا ڪرپٽ ملڪ کي واڳون جيان ڳڙڪائيندڙن کي ڪير به گرفتار نٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ پوليس جي بدلي پنجاب ۾ مقرر ڪيو ۽ پنجاب واري پوليس سنڌ ۾ مقرر ڪيو وڃي ته پوءِ متان عوام کي رليف ملي پوي. نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته پوليس پنهنجي تي اچي ته سڀ مغوي جلد بازياب ٿي ويندا پر پوليس مڪمل ناڪام ٿئي وئي آھي. پوليس کي عملي ڪم ڪرڻ گھرجي جنهن سان مغوي بازياب ٿئي وڃن. پوليس کي سڀ خبر آھي. امتياز کوسو لکيو ته ساگر ڪمار جي وارثن کي اڳوڻي ايس ايس پي امجد شيخ فون ڪري ٻڌايو ته سندس ٽيم بازياب ڪرايو آهي ۽ هو جلد گهر پهچندو پر ايس ايس پي ان ئي ڏينهن شڪارپور ۽ ڪشمور جي چارج ڇڏي حيدرآباد پهتو هاڻي جيڪڏهن ايس ايس پي ليول تي اهڙا پوليس عملدار مغوين جي بازيابي لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻ بدران سکڻيون ڳالهيون ڪندا ته پوءِ مغوي آخر ڪيئن بازياب ٿي سگهندا، ايم حسن کوسو لکيو ته سنڌ پوليس جي ناڪامي آھي ۽ سنڌ ۾ ھٿ وٺي ڌاڙيل سسٽم پيدا ڪيو ويو آھي گذريل دور جي حڪومتن وڏيرا شاھي کي اقتدار ۾ حصيوار ڪري اقتدار ڏيئي طاقتور بڻايو آھي ۽ وڏيرن جاگيردارن سردارن ھٿ وٺي ڌاڙيل ٺاھيا آھن ۽ پوليس به کين اقتداري وڏيرن ڀوتارن جي ماتحت ڪم پئي ڪري ان ڪري اغوا ڦر ڌاڙان وارن واقعن ۾ اظافو ٿيو آھي پريا ڪماري ساگر سميت سالن کان ٺل کان اغوا ٿيل فضيلاسرڪي، الطاف کوسو،احسان کوسو،محسن کوسو،بصردين جمالي،اڪبر کوسو بازياب ناھن ٿيا پوليس جي نااھلي آھي ان ڪري ھي مغوي بازياب نٿا ٿين پوليس رڳو وڏيرن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آھي، نقاش پيرزادو لکيو ته پوليس جي ڪوشش ان رات ڏٺي ڌرڻي لڳڻ بعد مھيني کان قيد ڌاڙيلن وٽ قيدي ڪلاڪن ۾ آزاد ٿيا، ڪنڊيارو جو غريب فرحان اڄڻ جا گھر وارا پيا در ڏي ڏسن ڪنھن مھل ٿو اچي پوليس ھتان جي آسرا ڏيڻ ۾ پوري آهي. سيال غلام الله لکيو ته سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ناهي سنڌ پوليس جي ڪجهه آفيسرن کي ٻين صوبن ڏانهن ٽرانسفر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اگر آفيسر سنجيدگي سان ڪم ڪندا ته ڏوهه ختم ٿي ويندا، ذوالفقار علي لکيو ته پوليس پاڻ اغوا انڊسٽري ۾ ملوث آهي پوليس جي سھڪار سان سڄو ڪم ھلي رھيو آھي اڳوڻي ايس پي ڪشمور امجد شيخ جو مبينا مک ڪردار آھي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سنڌ پوليس جا آفيسر اگر چاهين ته پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي يقيني طور ٿي سگهي ٿي. سنڌ پوليس جا آفيسر ئي آهن جيڪي وڏيرن ۽ ڀوتارن سان ٻٽ بڻيل آهن، لال محمد رند لکيو ته پوليس جي ڪوشش اڳي ئي ڪونه هئي مائٽن ڀنگ ڏئي آزاد ڪرايا هئا باقي پوليس ته رڳو ڀنگ ڌاڙيلن تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي، ثناءُالله چنا لکيو ته پوليس کي سڀ خبر آهي پر سچائي ۽ ايماندري سان ڪم نٿي ڪري ان کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي سردارن ۽ سياسي ڀوتارن جي پاليل ڌاڙيلن تائين پهچڻ پوليس جي وس ۾ ناهي ان جو حل صرف فوج يا رينجرز آهي، سعيد مراد لکيو ته پوليس مڪمل طور ته ناڪام ٿي چڪي آهي ساگر ڪمار ۽ پريا ڪماري لاءِ پوليس اڃا تائين اهڙو قدم نه کنيو آهي جيڪو هنن کڻڻ گهرجي، سنڌ جو عوام مڪمل نااميد آهي پوليس مان، عبدالحئي مير لکيو ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي، جي پوليس سڀني ڏوهارين خلاف سچي دل سڀئي مغوي جلد بازياب ٿي سگهن ٿا، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته پوليس کان ڪجھه لڪل ناھي ھوندو، جيڪڏھن پوليس چاھي ته ھي اغوا انڊسٽري مڪمل بند يا ختم ٿي سگھي ٿي ۽ ماضي ۾ ائين ٿيو آھي ته پوليس ۽ ڏوھارين ۾ معاھدو ھو ته اغوا ۽ ڏوهه نيشنل ھاءِ وي تي نه ڪندا .. باقي سندن مرضي آھي ۽ پوءِ ڪافي سال اغوائون ۽ نيشنل ھاءِ وي تي ڏوھ بند رھيا. ڪابه اغوا جي واردات ڪونه ٿي پئي ھاڻي وري آھستي آھستي ۽ اچانڪ اغوا جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو .. اصل ۾ پوليس مان سياست ۽ سفارش ڪلچر جو خاتمو ئي غوا ۽ ٻيا ڏوھ گھٽائي سگھي ٿي .. باقي معصوم پريا ڪماري ساگر ڪمار ۽ ٻيا پوليس چاھي ته 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرائي سگھي ٿي .. باقي في الحال انھي مسئلي جو واحد حل عوامي جدوجھد آھي .. جيئن ڪنڌڪوٽ واسين ڪئي ..مخدوم مينهل لکيو ته پوليس جيڪڏهن ڪوشش ڪري ها ته مغوي آزاد ٿين ها پوليس مڪمل ناڪام ٿئي چڪي آهي پوليس سردار ڀوتار ڌاڙيل هڪ سڪي جا مختلف رخ آهن، ڄام فقير رند لکيو ته پوليس پاور فل آهي پر سچائي تي اچي ته اغوا نه ٿيندا، علي مراد لاشاري لکيو ته پوليس جي ڪارڪردگي نه سڄڻ کي آسرو نه وري دشمن کي ڀئو ….!!!!هزار خان لکيو ته پوليس ڌاڙيل اڳيان بيوس لڳي پئي آ ۽ پوليس جا ڪيترائي نوجوان پڻ شھيد ٿين پيا ڪجھه ڏينهن پھريان اسان جي ضلعي ۾ نوجوان اھلڪار پتافي کي شھيد ڪيو ويو آ سو انھي سڀني مسئلن جو حل بيرحم آپريشن آ جيڪو سنڌ پوليس کي ڪرڻ گھرجي، اياز کهاوڙ لکيو ته پوليس بلڪل ناڪام آهي پوري سنڌ ۾ ڇا ڪاڻ پوليس صرف ميرن پيرن وڏيرن جي بنگلن تي مصروف بڻيل آھي. جيڪڏھن پوليس سڌي ٿئي ته هڪ ڏينهن اندر سڀ مغوي بازياب ٿي ٿا سگهن…مظفر شبير بوزدار لکيو ته پوليس ڀاڱي پتي آهي ايڪشن ڇو وٺندي، حاڪم لکيو هت بس ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي خاموش رهڻ بهتر آهي، محمد اويس لکيو ته پوليس جي رزلٽ زيرو آهي فوجي آپريشن ٿيڻ گهرجي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ پوليس امن ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿئي چڪي آهي پوليس ۾ شامل ڪاريون رڍيون آهن جيڪي سردارن سان ملي ڪري ڌاڙيلن ھٿان غريبن ۽ مظلومن کي اغوا ڪرائي رھيون آهن پوليس اڃان تائين سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ صرف دلاسا ڏئي رھي آهي پوليس اگر عوام سان سچي ٿئي ته انهن جي نا ممڪن ناهي جيڪر پوليس سچائي تي چڙھي ته اغوا ٿيل سموري مغوي بازياب ٿئي سگھن ٿا. علي محمد کوسو ۽ رفيق کوسو به پوليس جي ڪارڪردگي زيرو قرار ڏني، ديشي عابد حسين ابڙو لکيو ته ڪھڙي پوليس ڇاجي پوليس پوليس پنهنجي تي اچي ته سڀ مغوي جلد بازياب ٿي ويندا پر پوليس مڪمل ناڪام ٿئي وئي آھي. پوليس رڳو سردار پيرن ميرن جي پويان آهي.