سوال/سروي … پاڪستان کي بنگلاديش هٿان شڪست: شڪستون کائڻيون آهن پر پوءِ به سنڌين کي ناهي کيڏائڻو: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
19

 بنگلاديش هٿان پاڪستاني ٽيم ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ٿي وئي جنهن بعد سوشل ميڊيا تي پاڪستاني ٽيم مٿان تنقيد ڪئي وئي ۽ سنڌي رانديگرن کي موقعو نه ملڻ جو مسئلو به سوشل ميڊيا تي اٿاريو ويو، ان سلسلي ۾ عبدالقدير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان کي تاريخي شڪست: بنگلاديش پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. شڪستون کائڻيون آهن مگر پوءِ به سنڌين کي ناهي کيڏائڻو،  جنهن تي ڪاشف احمد لکيو ته پوءِ به ڪونه سڌرندا، ڪبير ڦل لکيو ته توهان سادا آ هيو سٽي بازي آ، زاهد ميمڻ به ردعمل ڏنو، ولي بليدي لکيو ته پاڪستان ۽ نقوي کي مبارڪون هجن، فتح خاص لکيو ته شڪست قبول آ سنڌي قبول ناھن، علي حيدر ڀٽي به ردعمل ڏنو، محبوب الرحمان خشڪ لکيو ته سنڌي ڪنھن کاتي ۾ ڪونھن، تمثيلا انصاري لکيو ته پنجاب اليون کي بنگلاديش جي هٿان هڪ ٻي تاريخي شڪست ملي، شرم جو مقام آهي، اسماعيل شورو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، عبدالمجيد ڀنڀرو لکيو ته مالڪ مهربان، عبدالمجيد مري لکيو ته پنجابين جي هڪ هٽي آهي، دوست علي کوسو لکيو ته چيئرمين کي ڪرڪيٽ جي ڪا خبر ئي ناهي، اهڙو چيئرمين هوندو ته پوءِ اهڙو ئي حال ٿيندو ٻيو ڇا ٿيندو،اسد عباسي لکيو ته ھي راند آهي پر ھر ڳالھه ۾ شڪست کائيندا آھيون، راشد ميمڻ لکيو ته ملڪ جي عزت جو فڪر ڪنهن کي ڪونهي سڀني کي ڪميشن ۽ پگهار ٽي اي ڊي اي کپي فيملي ٽوئرس کپن بس… صادق مڪراڻي لکيو ته پنجابي آهن، سجاد عباسي لکيو ته سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ڪلب بنگلاديش هٿان وائيٽ واش ٿيو، ابوبڪر ٿيٻو به ردعمل ڏنو، ڊاڪٽر سيد عاشق علي لکيو ته هٽلر ياد ٿو اچي، حسيني آصف علي لکيو ته سو به پنڊي ۾، ذوالفقار علي  منگي به ردعمل ڏنو، نظام ميمڻ لکيو ت شڪستون هر دور ۾ مقدر آهن، جيستائين پنهنجا افعال نه سڌاريندا ايئن ئي رهندا، عبدالرحمان پيرزادو لکيو ته آخري ٽيسٽ ميچ جي يارنھن رانديگرن منجهان پنج سنڌي ھئا.. لالا ارشد وسطڙو حسين، محمد بخش، عبدالعزيز چانڊيو، مظهر خواجه، ساجد علي، طاهر ڀنڀرو، محمد نياز سومرو، وشال، ظفرالله جکراڻي، مظفر علي ڪوريجو، انور سنڌڏي، جي سرور به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، غلام مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته پنجاب جي ٽيم هئي، پريم ساگر لکيو ته سنڌين جون دعائون، جاويد لاشاري لکيو ته هاڻي سڌري ويندا، مظهر حسين راڄپر لکيو ته سٺو ٿيو انهن سان، رانا شوڪت راجپوت لکيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، هر ڪو رڳو کٽڻ لاءِ پيدا ناهي ٿيو، جمال الدين ڪلهوڙو لکيو ته پاڪستان ٽيسٽ ميچ هارائي تاريخ جوڙي ڇڏي، جاويد احمد لکيو ته جيستائين اسان سنڌي متحد نه ٿينداسين ائين پيو وهنوار هلندو، شڪور پيرزادو، عامر مگسي لکيو ته سنڌين سان ظلم آهي، ڪمپني ۽ ڪرپٽن جي حڪومت جي هوندي ان تي حيرانگي جي ڳالهه نه آهي، خليل رحمان چاچڙ به ردعمل ڏنو. سرمد ادل سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نيپال، نيڌرلينڊز، ڪينيا، ڪئناڊا گڏيل آمريڪي رياستن سميت جنهن به ٽيم کي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن، پاڪستان جو دورو ڪري.