ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران 446 يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪيا ويا آهن: حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ يوٽيلٽي اسٽورز مان عوام کي فائدو يا نقصان هو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز عوام جي فائدي ۾ نه هئا رڳو دڪاندارن ۽ بااثرن کي سامان وڪرو ڪيو ويندو هو، ڪجهه ماڻهن وري چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز غريب ماڻهن جي فائدي ۾ هئا هاڻ انهن جو نقصان ٿيندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته فائدو ناھي رڳو نقصان آھي، بس فائدو آھي ته صرف ملازمن کي آھي جيڪي بيروزگاري کان بچيل ھئا ھاڻي بيروزگار ٿيندا، عبدالجبار چانگ لکيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران غريب مسڪين ماڻھن مٿان ويتر يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪري غريب مسڪين ماڻھن کان کان جيئڻ جو حق کسيو آھي، سڄي سنڌ جيان ھنڱورجا ۾ به يوٽيلٽي اسٽور بند ٿي ويو آھي يوٽيلٽي اسٽورن کان غريب مسڪين کي ڪجھه نه ڪجھه فائدو پوندو ھو پر حڪومت اھو فيصلو ڪري عوام کي ٿورو گھڻو جيڪو رليف ملندو ھو اھو بند ٿي ويو، صداءُالله چانڊيو لکيو ته خاص ڪو فائدو پهريان به ڪونه هو صرف ڪرپشن جا دڪان هئا غريبن کي اٽو به ڪونه ملندو هو، سينگار علي لکيو ته اسان جي شهر ميهڙ ۾ به يوٽليٽي اسٽور غريب عوام لاءِ آهن ئي ڪونه باقي بااثر لاءِ رات جو 12 وڳي دستياب هوندو آهي، اختيار مري لکيو ته يوٽليٽي اسٽور غريب عوام لاءِآهن ئي ڪونه باقي بااثر لاءِ رات جو12 وڳي دستياب هوندو آهي، عصمت الله حسن لکيو ته زبردست فيصلو آهي، هونئن به اهو اداري تي بار هو ان مان عوام کي ڪهڙو رليف ملي رهيو هو، تقريبن شيون اڻلڀ هونديون آهن، ٻيو ته وري خوش آمد تي ڏيندا ھيا، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته نقصان وري به عوام جو آھي، آفتاب احمد نوحپوٽو لکيو ته عام طور تي ڏٺو وڃي ته ڪو به خاص لاڀ عوام کي نه مليو، گلزار علي لکيو ته ڀلو ڪم ٿيو، غلام حسين لکيو ته بهترين ڪم، نديم حسين ميمڻ لکيو ته يوٽيلي اسٽور وارن ڪڏهن غريب کي فائدو ناهي ڏنو صرف ڊيلرن کي ڏيندا آهن وڏن دوڪانن تي مال پهچائيندا آهن پوءِ غريب کي ڪهڙو فائدو آهي نه فائدو آهي نه نقصان، شاهد بلوچ لکيو ته چونڊڪو ۾يوٽيلٽي اسٽور تي ڪڏهن غريب کي فائدو ناهي ڏنو ويو صرف ڊيلرن کي ڏيندا آهن وڏن دوڪانن تي مال پهچائيندا آهن پوءِ غريب کي ڪهڙو فائدو آهي نه فائدو آهي نه نقصان ڪنهن قسم جي سهولت ناهي سستي اگهه جي، فراز سنڌي لکيو ته عام طور تي ڏٺو وڃي ته ڪو به خاص لاڀ عوام کي نه مليو، طالب حسين چانڊيو لکيو ته حڪومت جي ان فيصلي جي ساراھه ڪجي ٿي ڇو ته يوٽيلٽي اسٽورز مان غريب عوام کي ڪجھه به فائدو نه پيو ملي سبسڊي واريون شيون يوٽيلٽي اسٽور انچارج غريبن بجاءِ دڪاندارن کي وڪرو ڪري پيا ڏين، مختيار مولائي لکيو ته اڪثر نوازشريف جي حڪومت سنڌ جي غريب مسڪينن سان اھو حال ڪيو آهي ھاڻي غريب مسڪينن لاءِ سنڌ سرڪار پاران سرڪاري يوٽيلٽي اسٽورن تي غريب مسڪينن لاءِ سستي اگهه تي عام واهپي جون شيون مھيا آهن ن ليگ حڪومت سنڌ جي 446يوٽليٽلي اسٽورز کي بند ڪرڻ جي سازش ڪري ٿي سنڌ ۾سرڪاري يوٽيلٽي اسٽورز بند ھجڻ ڪري ڪافي ملازم بيروزگار ٿيندا اھا حڪومت جي غلط پاليسي آهي اسين انھيءَ عمل کي رد ٿا ڪريون، دسرت ڪمار لکيو ته ڪوئي فائدو ناهي مليو، گلزار علي لکيو ته بهترين ڪم ٿيو آهي، عبدالنبي ڀٽو لکيو ته نقصان عوام جو، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ڀلي بند ڪن، انھن مان هونئن به ڪھڙو عوام کي فائدو مليو انھن جو فائدو عوام بدران اميرن کي ملندو هو مان چوان ٿو ته جيڪو به ادارو هجي عوام کي فائدو نه پھچائي انھي کي بند ڪرڻ گھرجي چاهي اهو ڪھڙو به ادارو ھُجي، نثار احمد لکيو ته بهترين ڪم ڪيو ويو آهي، راهب مري لکيو ته نقصان ٿيو، اسد زرداري لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور عوام کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهيا آهن اگر حڪومت ٽوٽيلٽي اسٽور بند ڪيا آھن تـ سٺو ڪيو اسان جي شھر سرھاڙي ۾ يوٽيلٽي اسٽور آھي جتي سامان شھر جي دڪانن تي وڪرو ڪيو ٿو وڃي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور تي ويٺلن کي نه تميز هوندي آهي نه وري ڪو ڳالهائڻ جو طريقو عوام کي هنن مان ايترو خاص فائدو ڪونه هو تهوار واري ڏينهن ۾ عوام کي راشن مهيا ڪرڻ بدران هي اسٽورز کي تالا هڻي گهر سمهي رهندا هئا جيڪي يوٽيلٽي اسٽورز تي ويهاريا ويا هئا انهن جي جاءِ تي ڪو پڙهيل اهل ڇوڪرو رکيو وڃي ها ته عوام کي ڪجھه بهتر فائدو ٿئي ها جتي گورمينٽ جي طئي ٿيل ريٽن تي راشن ملي ها من پسند اگھه نه مقرر ڪيل هجن ها، سميت ڪمار لکيو ته يوٽيلٽي اسٽورز عوام جي فائدي ۾ آهي رمضان ۾ عوام کي فائدو ملندو هو، اڪبر رحمان ٿهيم لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور اسان لاءِ ڪو به فائدو نه ڏئي سگهيو آهي ڇو ته جاتي تعلقي جي 2 لک کان مٿي آبادي آهي پر يوٽيلٽي اسٽور نه آهي جاتي واسين کي حڪومت يوٽيلٽي اسٽور جي به سهولت نه ڏني آهي، محمد حسين لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور ۾ عوام کي ڪو به فائدو نه هو بند ڪيو ويو ته ڪهڙو فرق پوندو، سجاد علي لکيو ته حڪومت جو اهو قدم غلط آهي حڪومت کي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي.