ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ 13 وفاقي وزير، 11 مملڪتي وزير ۽ ٻه صلاحڪار شامل: ان عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ ڇا ايتري انگ ۾ وزير ۽ صلاحڪار رکڻ جو عوام کي ڪو فائدو ٿيندو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ايتري گهڻي انگ ۾ وزير ۽ صلاحڪار رکڻ سان عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو پر خزاني تي بار پوندو، وزير وڌائڻ بدران ڪارڪردگي بهتر ڪئي وڃي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته غريبن کي نوڪريون ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته چون ٿا خزانو خالي آھي، نوڪريون ڏيڻ سان خزاني تي بار ٿيندو، پڇڻو اھو آھي ته ھي لشڪر ڀرتي ڪرڻ سان ڀلا خزاني کي ڀاڳ لڳندو ڇا ؟ رٽائرڊ ملازمن لاءِ پينشن گهٽ ڪئي وئي ته ٻئي طرف ايم اين ايز جون پگهارون 1000سيڪڙو وڌايون ويون آهن، اهو خزاني تي بار ناهي ؟ اهو به چيو ويو ته آءِ ايم ايف کان قرض مليو پوءِ ڪم وارا به کپن سو 27 وزير کنيئون، ھاڻي ملڪ ترقي ڪندو، سروي ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ هڪ پاسي مھانگائي ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهيل آهي، ٻئي پاسي اپوزيشن ۽ اتحادين کي راضي رکڻ لاءِ وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن مشيرن جي نئين ڀرتي ڪئي وئي آهي، حڪومت به ڪري ڇا مڙئي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ڪري حڪومت ٺاھي اٿئون سو سڀني کي پيا راضي ڪن، هي پنهنجا پيٽ ڀريندا جيڪي خرچ ڪري آيا آھن اهي پنهنجي خرچن کان وڌيڪ ڪرپشن ڪندا مومن لال لکيو ته هڪ طرف وفاق دانهون پيو ڪري ته بجيٽ ناهي ۽ آءِ ايم ايف خرچ گهٽ ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پگھار توڙي ٻيون مراعتون منظور ڪيون ۽ مٿان وري وزيرن جي لوڌ آڻڻ سان ڇا خزاني تي بار ڪونه پوندو ؟ وزير کي کڻڻ جو مطلب ميمبرن کي خوش ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، جنيد جمالي لکيو ته گھڻن وزيرن سان حڪومت ئي نه ھلندي. جڏھن حڪومت ئي نه ھلي سگھندي ته پوءِ عوام کي ڪھڙو فائدو ملندو ۽ ابتڙ ملڪي معيشت تي بار وڌي ويندو. نتيجو اھو نڪرندو مھانگائي. بيروزگاري. وڌندي ۽ عوام ۾ بيچيني پيدا ٿيندي. عوام کي ڪنھن به قسم جو فائدو نه ملندو. راجڪمار اوڏ لکيو ته مڪ اندر مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي ٻيو عوام ماني ڳڀي کائڻ لاءِ پريشان آهي ۽ حڪومت پنجن پارٽي ۽ اتحادين کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪابينا ۾ اضافو ڪري قومي خزاني مان انهن کي پگهارون ۽ مراعتون ڏيندي جڏهن انهن جي ڪابه ڪارگردگي نه هوندي، حڪومت پنهنجا نوازي پاليسي تحت ملڪ جو ٻيڙو ٻوري رهي آهي حڪومت ڪابينا ۾ اضافي بدران ڪارگردگي بهتر بنائڻ گهرجي ها، ڪئنالن جو ڪم جاري آهي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، قربان علي لکيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ چيو ويو ملڪ جي حالت ڏاڍي خراب آهي، هاڻي 13 وفاقي وزير، 11مملڪتي وزير ۽ 2 خاص معاون 26 ڄڻن جي جٿي سميت 55 ڄڻن جي وفاقي ڪابينا ملڪ جا نظام سنڀاليندي، جن جون پگهارون لکن ۾ ڪروڙن ۾ ٽي اي ڊي اي هوندو، اتي آءِ ايم ايف جو اعتراض نٿو بيهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رٽائرڊ ملازمن لاءِ پينشن گهٽ ڪئي وئي ته ٻئي طرف ايم اين ايز جون پگهارون 1000سيڪڙو وڌايون ويون آهن، ٽيڪس جي حوالي سان رڳو ملازمن سان ظلم آهي، وزيرن مشيرن جو ايڏو جٿو ملڪ کي فائدو ڏيڻ بجاءِ نقصان ڏيندو، ارشاد سومرو لکيو ته بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو دنيا الائي ڪاٿي وڃي پھتي آ اسان وارا ھمراھ ھڪ ٻئي کي راضي ڪرڻ ۾ پورا آهن، حميرگل راڄپر لکيو ته مار پوي ظالمن کي جڏھن غريبن کي نوڪريون ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته چون ٿا خزانو خالي آھي نوڪريون ڏيڻ سان خزاني تي بار ٿيندو پڇڻو اھو آھي ته ھي لشڪر ڀرتي ڪرڻ سان ڀلا خزاني کي ڀاڳ لڳندو ڇا، ملڪ جو عوام اٽي لٽي اجھي لاءِ بي يارو مددگار بڻيل آهي ھنن جا شاھي فرمان جاري ۽ ساري آھن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته هي ڪرپٽ اڳواڻ عوام کي ڪو رليف نه ڏيندا هي پنهنجي لاءِ سوچيندا آهن پر اسان عوام ۾ به همت ناهي هنن کان حق وٺڻ لاءِ ڪوئي عملي ڪم ناهيون ڪندا، زاهد حسين حسيني لکيو ته ڪابينا ۾ وڌيڪ اضافي بدران ڪارڪردگيءَ وڌيڪ بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.خاص ڪري کاڌي پيتي جي شين ۾ جھڙوڪ کنڊ اٽو ۽ چانور جا اگھه وڌندا پيان وڃن. مهانگائي جي ڪري غريبن جون دانهون رڙيون نڪري ويون آھن. غريب عوام ٻن ويلا ماني کائڻ جي لاءِ به پريشان ٿيندا پيا وڃن. حڪومت کي گھرجي ته مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري.مھانگائي ۽ بيروزگاري به وڌي آهي. ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته مار پوي ظالمن کي جڏھن غريبن کي نوڪريون ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته چون ٿا خزانو خالي آھي، احسان علي چانڊيو لکيو ته عوام کي ڪوبه فائدو ناهي هڪ طرف وفاق دانهون پيو ڪري ته ملڪ ۾ ڪجھه ڪونهي وري ايترا وزير ڇا اهي وزارتن جون مراعتون نه وٺندا ؟ محمد حسين لکيو ته رڳو وزير رکڻ ۾ پورا آهن نظام هلي ڪٿي ٿو ؟ اعجاز ڪنراڻي لکيو ته خزاني تي بار کان سواءِ ڪجه ناهي، منور حسين به سروي ۾ حصو ورتو، ايم صفر گوپانگ لکيو ته ملڪ ۾ هڪ پاسي مھانگائي ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهيل آهي پورهيت ۽ ڏهاڙيدار طبقو فاقا ڪشي ڪاٽي پيو ته ٻئي پاسي اپوزيشن ۽ اتحادين کي راضي رکڻ لاءِ وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن مشيرن جي نئين ڀرتي ڪئي وئي آهي جيڪو عمل قومي خزاني تي بار ۽ رٺلن کي پرچائي گڏجي ملڪي خزاني کي لٽڻ ۽ ڦرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته وفاقي ڪابينا جي واڌ سان ملڪ جا مسئلا حل نه ٿيندا پر اها ملڪ جي خزاني بار تي آهي آمريڪا چند وزيرن سان دنيا تي پنهنجو ورلڊ آڊر هلائي ٿو اسان ملڪ جا حڪمران صرف ڪامورن کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، سارنگ منير سومرو لکيو ته وزيرن ۽ صلاحڪارن جي فوج عوام ۽ خزاني مٿان عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه آھي،رضا جروار لکيو ته وڌيڪ عوام لاءِ آزار، نويد خان لکيو ته وفاقي حڪومت کي وڌيڪ وزير / مشير مقرر نه ڪرڻ گھرجن ۽ بھتر آھي ته AI کان ڪم وٺي، لال بخش لکيو ته وڏو فائدو ٿيندو گهر ويٺي ان پهچائيندا، نور بلوشي لکيو ته نه اڳ فائدو هو نه هاڻي ٿيندو، باقي وزيرن جو ڀلو ٿيو، حسين بگٽي لکيو ته مهانگائي اڃا وڌيندي، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته عوام کي ڪوبه فائدو نه پهچندو ملڪ جي خزاني تي وڌيڪ بار پوندو وفاقي وزير ڪم ڪونه ڪندا صرف نالو هوندو، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سرڪار وٽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري رڳو پيا ٿا خانا پوري ڪري مليل اقتدار جا مزا پيا ماڻين. پنهنجي قابليت هوندي ٻين کي صلاحڪار رکي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ عوام جي پئسي مان عوامي خدمت ڪرڻ کان لاچار سرڪار پاڻ ئي غريبن عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو. مهانگائي سبب غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي ٻچڙن جي ٻن ويلن جي ماني کان به محروم بيڻل آهن. عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته هي لوڌ صرف خزاني تي بار کانسواءِ ڪجهه ناهي، مدثر کهاوڙ لکيو ته هي پنهنجا پيٽ ڀريندا جيڪي خرچ ڪري آيا آھن اهي پنهنجي خرچن کان وڌيڪ ڪرپشن ڪندا هنن جو عوام کان ڪهڙو هانءُ ڦاٽو آھي بس مڙئي حڪومت پنهنجي ماڻهن کي عهدا ڏئي نوازي ٿي باقي عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، سارنگ علي نائچ لکيو ته ڪارڪردگي ته هونئين زيرو اٿن، محمد ايوب لکيو ته مختصر ڪابينا ھئڻ گھرجي جيترا وڌيڪ وزير مشير ھوندا اوترو وڌيڪ ملڪ تي بار پوندو جيڪي پھريان وزير مشير آھن انھن جي ڪارڪردگي به عوام جي سامھون آھي اسان کي اوترو سوچڻ گھرجي سڀاڻي ڪنھن ملڪ کان امداد نه وٺڻي پوي، اسان جي حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام جو سوچڻ کپي، علي اي ڊي ڪي لکيو ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ سان عوام کي ته ڪو فائدو نه رسندو باقي وزيرن جا پنهنجا ڪم ضرور ٿيندا سرڪاري گهر گاڏيون بنگلا کاڌا ٽوئر ۾ پروٽوڪول ملندا، اڪرم علي گجو لکيو ته غريب عوام جي قرضي ملڪ تي نااھل وزيرن کي مسلط ڪري خزاني کي وڌيڪَ نقصان ٿيندو، نقاش پيرزادو لکيو ته ملڪ تي قرض اربين رپيا، عوام مھانگائي ۾ تنگ ، حڪومت کي رڳو مال کپي، گل حسن شر لکيو ته حڪومت به ڪري ڇا مڙئي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ڪري حڪومت ٺاھي اٿئون سو سڀني کي پيا راضي ڪن، ايترن وزيرن مشيرن جي ڪا به ضرورت ناھي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته نااهل وزير اعظم ڪيتري به ڪابينا ۾ واڌ ڪري عوام جي لاءِ ڪجھه به بهتر نه ٿيندو، سعيد مراد لکيو ته ڪجهه ماڻهن کي خوش ڪرڻ لا وفاقي ڪابينا جي واڌ ڪئي وئي آهي، خالد نوتڪاڻي لکيو ته عوام کي فائدو ٿئي نا ٿئي باقي قومي خزاني کي وڏو نقصان پھچڻ وارو آهي، سليم سومرو لکيو ته ملڪ قرض تي پيو ھلي، زاهد راڄپر لکيو ته حڪمرانن کان ڪوبه ڪم نه ٿو ٿئي، رڳو وزير کڻي بجيٽ تي بار وڌو پيو وڃي، ساگر علي رضا لکيو ته سرڪاري خزاني تي بار صرف غريب عوام آهي جن جي ٽيڪس مان هي هلن ٿا، صلاح زاده سليم به سروي ۾ حصو ورتو، محمد حسن، صابر هاليپوٽو، امير علي، محمد حسن، انعام علي ڪنڀر، فيض هاشمي، عزير احمد عباسي، سمير احمد، منور مصطفيٰ کوسو، وسايو هاليپوٽو،ذوالفقار ڪيريو، جاويد شر به سروي ۾ حصو ورتو، ايم شريف نوتڪاڻي لکيو ته آءِ ايم ايف کان قرض مليو پوءِ ڪم وارا به کپن سو 27 وزير کنيئون، ھاڻي ملڪ ترقي ڪندو، امام علي لکيو ته ھڪٻئي کي اميرتر امير پيا ڪن ملڪ قوم سان ناھن ٻڌل قرض مٿان قرض پيا وٺن، علي لغاري، محمد يعقوب پتافي به سروي ۾ حصو ورتو، عامر ربن حيدري، عبدالوهاب، احمد رضا کهاوڙ، سيد ڪي ايم شاهه، شاهجهان، نجيب احمد، خادم حسين چاچڙ به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته ملڪ اڳ ئي قرضي، مٿان وري وزيرن جي لوڌ، شاهي خرچ، فضول خرچ، ملڪ جي خزاني تي بار آهي، صرف ست وزير ئي ڪم ڪري سگهن ٿا پوءِ هيترن جي ڪهڙي ضرورت آهي. راجا اي ڪي، نماڻو نوناري به سروي ۾ حصو ورتو، محبوب علي سومرو لکيو ته پئسو ملڪ ۾ ناھي قرضي ھون. نجومي چين وڌيڪ وزير کڻو ڪم جلد ٿيندو. رئيس دلاور خان، بابر رستماڻي، جاويد حسين، مير غلام شبير به سروي ۾ حصو ورتو، وحيد مستوئي لکيو ته ھي عوام جو پئسو لٽڻ کائڻ ۽ ان تي ڪاروبار ڪرڻ آيا آھن، عاشق خاصخيلي به سروي ۾ حصو ورتو، شوڪت علي لکيو ته پهريان وارن وزيرن ته هن وقت تائين ڪجھه نه ڪيو پر ٻيا وزير ڇا جي لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ سان عوام کي ته ڪو فائدو نه رسندو، مختصر ڪابينا ھئڻ گھرجي، شاهد بلوچ لکيو ته وزيرن ۽ صلاحڪارن جي فوج عوام ۽ خزاني مٿان عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه آھي، نور محمد لکيو ته مڪ اندر مهانگائي ۽ بي روزگاري وڌي رهي آهي، انهن جي ڪابه ڪارگردگي نه هوندي حڪومت پنهنجا نوازي پاليسي تحت ملڪ جو ٻيڙو ٻوري رهي آهي حڪومت ڪابينا ۾ اضافي بدران ڪارگردگي بهتر بنائڻ گهرجي ها، واحد بخش چانڊيو لکيو ته مار پوي ظالمن کي جڏھن غريبن کي نوڪريون ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته چون ٿا خزانو خالي آھي نوڪريون ڏيڻ سان خزاني تي بار ٿيندو پڇڻو اھو آھي ته ھي لشڪر ڀرتي ڪرڻ سان ڀلا خزاني کي ڀاڳ لڳندو ڇا ؟ ايڊووڪيٽ تنوير جت به راءِ جو اظهار ڪيو.