سوال/سروي … ووٽ نه مير جو نه پير جو، ووٽ ضمير جو: چونڊن ۾ وڏيرن بدران نون ماڻهن کي اڳتي آندو وڃي: عوام

0
45

 سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته خبر ناهي ته هن ڀيري مونکي به ٽڪيٽ ملندي يا نه؟ مراد علي شاهه جي هن بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا هن ڀيري به ساڳين ماڻهن کي ٽڪيٽون ملنديون؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اڪثر تڪن تي پ پ جا ساڳيا چهرا سامهون ايندا، پر انهن عوام جا مسئلا حل ناهن ڪيا، پيپلزپارٽي کي گهرجي ته هن ڀيري نون ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محسن ملاح  لکيو ته سنڌ جي اڪثر تڪن تي تقريبن ساڳيا ئي چهرا سامهون ايندا، ٿي سگهي ٿو هن ڀيري مراد علي شاھه کي ايم اين اي، جي ٽڪيٽ ملي، هن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽي جو سمورو زور وفاق تي آهي، ڇاڪاڻ ته کين پڪ آهي ته سنڌ پرڳڻي ۾ وڌ ۾ وڌ پ پ پ ئي ڪاميابي ماڻيندي. علي عباس جمالي لکيو ته مشڪل مليس، گل حسن شر لکيو ته ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ شروع ڪيون ويون آهن جيڪو سٺو ريٽ ڏيندو ٽڪيٽ ان کي ملندي. رياض زرداري لکيو ته هن ڀيري مراد علي شاھه کي ٽڪيٽ لازمي ملندي باقي منهنجي تجزئي مطابق هاڻ پيپلز پارٽي ۾ نوان چهرا آندا وڃن انهن کي موقعو ملڻ گهرجي جيڪڏهن پيپلز پارٽي ساڳين ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون وڏو ڌچڪو لڳندو.باقي رهي ڳالھه سينئرن کي تجربو وڌيڪ آهي نون کي ايترو نه هوندو بهرحال ساڳين چهرن کان عوام بيزار ٿي چڪو آهي.پارٽي کي نوان ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏيڻ کپن باقي مراد علي شاھه کي ٽڪيٽ وري ٻيهر ملي سگهي ٿي.ڇاڪاڻ هن پارٽي سان وڏو ساٿ ڏنو آهي. شاهين سومار لکيو ته هن ڀيري 30 سيڪڙو تبديليون اينديون باقي ساڳيا چهرا هوندا باقي مراد علي شاهه جو اهو سياسي بيان آهي هن کي ڪنفرم رپورٽ آهي ته ٽڪيٽ ملندي جيڪڏهن ٽڪيٽ کيس نه ملي ها ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها، اياز کهاوڙ لکيو ته اهو بيان ائين مزاق تي ٻڌل آهي.ڇو جو جنهن سيٽ مراد شاھه اليڪشن وڙھندو آ.اها ٽيڪٽ کين ابن ڏاڏن کان ان کي ملي پئي. سو هاڻَ ڪيئن ٽيڪٽ واپس ورتي ويندي، مدهوش مير لکيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اندري ڪاري چور کي ٽڪيٽ ڏيندي اھو به کٽيندو، پيپلزپارٽي سنڌ جو کٽيو ٿي کاهي، مراد شاھه جي عوام سان ڪيتري سچائي ھئي ان سوال کان ھن جي پارٽي سان ڪيتري سچائي ھئي، عوام سان بيٺو يا پارٽي سان؟ جي پارٽي سان بيٺل ھو ته يقينن ٽڪيٽ ملندس، علي ذاڪر تنيو لکيو ته هن بيان جو مقصد هيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن کي چاهي ٽڪيٽ جاري ڪري مون کي ٽڪيٽ ملي يا نه پارٽي جي مرضي آهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته پاڻ سڀ گڏجي کائيندا باقي اسان کي نٿو لڳي ته هي عوام جي خدمت ڪندا، انشاءَالله عمران خان جي سٿ کي وارو ملندو حڪومت جو، عمران خان ڀلو ڪم ڪيو آهي، هن کي ٻيهر حڪومت ملندي، موهن لال لکيو ته مراد علي شاهه اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ رهي چڪو آهي سندن پارٽي ۾ اڄ به ساڳي حيثيت آهي باقي کوکلو بيان ڏئي سياسي قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پيارو خان سنجراڻي لکيو ته لڳي ٿو هن ڀيري پ پ ۾ نئين سر جوڙجڪ ٿيندي ۽ اڪثر نوان نالا پڻ سامهون اچي سگهن ٿا، ٻئي طرف جن نمائيندن پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت نه ڪئي ۽ سندن خلاف عوامي شڪايتن جا انبار آهن انهن کي هن ڀيري عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ متبادل نوان چهرا آڻڻ جا به چوٻول ٻڌڻ ۾ اچن پيا، مراد علي لکيو ته مرادعلي شاهه جواھو بيان ته ھن ڀيري مونکي ٽڪيٽ ملندي يانه سندس بيان کوکلو آهي سندن پارٽي ۾ اڄ به ساڳي حيثيت آهي بيان جو مقصد اهو آهي ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن کي چاهي ٽڪيٽ جاري ڪري مونکي ٽڪيٽ ملي يانه پارٽي جي مرضي آهي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ جي سياست ۾ پيپلزپارٽي اندر سيدن جو اهم ڪردار ادا ڪندڙ ۽ سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه کي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي بيهندڙ آهي هن جو بيهڻ اهم آهي، هاڻي پيپلزپارٽي ۾ نون سياسي ليڊرن جو اهم ڪردار هوندو ايندڙ اليڪشن ۾ باقي سائين قائم علي شاهه جو پيپلزپارٽي ۾ هجڻ به هڪ وڏو حصو آهي، شفيع ملاح لکيو ته لڳي تو ته پيپلزپارٽي وڏيرن پيرن ميرن ۽ رئيس کي ڇڏي غريب ماڻهن کي ٽڪيٽون سنڌ ۾ ڏيندي، پيار علي چانڊيو لکيو ته مراد علي شاھه جو ھي بيان نٿو ٺهي ته کيس ٽڪيٽ نه ملندي پارٽي ۾ ڀلي ردوبدل ٿئي پر مراد شاهه اميدوارن جي لسٽ ۾ ھوندو ڇو ته پارٽي جي صوبائي معاملن ۾ ھن جو اھم رول رھيو آھي ذريعن موجب جيڪڏھن پيپلز پارٽي صوبي ۾ ڪامياب ٿي ته وزير اعليٰ شاھن مان نه ھوندو ۽ ٿي سگھي ته مراد علي شاھه کي گھرو وزير يا اسپيڪر جو عھدو ملڻ جو امڪان رھندو باخبر ذريعن موجب وزير اعليٰ جي ڊوڙ ۾ لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي مد مقابل رھندا وڌيڪ وقت اچڻ تي واضع ٿيندو، فضل سبزوئي لکيو ته الله پاڪ ڪري ايئن ٿئي، مراد شاهه کي ٽڪيٽ نه ملي، نادر علي اڄڻ لکيو ته خيرپور ضلعي ۾ سمورن اڳوڻن ايم پي اي ايم اين کي ٽڪيٽون ملنديون ذاتي راءِ نوا چھرا اچن ته بھتر ٿيندو، مدثر کهاوڙ لکيو ته سيد مراد علي شاهه وٽ سفارشون جام ٿي ويون آھن سيد مراد علي شاهه اهيو بيان ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي ڇڏي ۽ چيائين ته مونکي ئي ٽڪيٽ نٿي ملي توهان کي وري ٽڪيٽ ڪٿان وٺي ڏيان. الاهي بخش لکيو ته مراد علي شاهه جو ڏنل بيان هڪ سياسي بيان آهي ان ۾ ڪا به صداقت ڪونهي، اسد زرداري لکيو ته مراد علي شاھه جي خبر ناھي ڪھڙي بنياد تي اھڙو بيان ڏنو آھي پيپلزپارٽي ۾ سنڌ جي سيدن جو اهم ڪردار آھي پ پ جي اعليٰ قيادت کي گھرجي ته ھن دفعي ڪجھه نوان چھرا عوام سامھون آڻين، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته اسان جي نظر ۾ ھن دفعي ڪنھن سٺي ۽ ايمان دار ماڻھو کي سيٽ ڏني وڃي ته بھتر ٿيندو باقي سائين ته سائين آھي سو سائين جي سيٽ ڪو لوڏو ئي ناھي باقي غريب عوام ته ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، نثار احمد لنڊ لکيو ته پارٽي ۾ مراد شاهه جي ساڳئي عزت آهي اهو بيان پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ لاءِ ڏنو آهي، باغي صديقاڻي لکيو ته سنڌ ۾ پ پ پ ميرن ۽ پيرن کي ٽڪيون نه ڏي اهو ناممڪن آهي اليڪشن جي موسم ۾ هميشه نعرو لڳندو آهي ته ووٽ نه پير جو نه مير جو ووٽ ضمير جو پر جڏهن اليڪشن يا سليڪشن کانپوءِ اوهان ڏسندا ته سنڌ اسيمبلي ۾ سڀ مير ۽ پير ويٺا هوندا آهن. قربان علي ميراڻي لکيو ته هن کان وڏ وزارت لاءِ گهڻو ڪجهه گهريو ويو هوندو تڏهن اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري، ڀورل بلوچ لکيو ته مراد شاهه جو مقصد بيان ڏيڻ جو اهو صرف عوام کي بيوقوف ڪرڻ آھي جيئن عوام کي خبر لڳي ته پ پ عوامي پارٽي آهي عوام جي راءِ سان ٽڪٽ ڏيندي آھي ٽڪٽ مراد علي شاهه کي ملندي، جاويد جمالي لکيو ته سنڌي عوام جي جان ان ميرن پيرن ۽ شاهن مان الائي ڪڏهن ڇٽندي؟ عوام تنگ ٿي چڪو آهي، حنيف جوڻيجو لکيو ته سائين ته مستقبل ۾به سي ايم ٿيندو ھاڻي ائين ئي خالي پتا اڇلائي پيو ھاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا ھڪڙا کائڻ جا ٻيا، محمد نواز لکيو ته سيٽ ملندس. سنڌ ۾ پ پ جي متبادل ڪا پارٽي ناھي اھي پير مير سڀ ناڪام آھن، راجو ٺڪر لکيو ته سنڌ جو ڪو نوجوان سي ايم ٿئي ڪجھه تبديلي اچي ؟ نقاش پيرزادو لکيو ته ٽيڪٽون ڪنھن کي ملن اگر اوھانجي حڪومت آئي تي الله سائين خير ڪري تباھي سنڌ ۽ سنڌين جو مقدار آهي، اسلم سومرو لکيو ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه ھوندا، نصرالله لاشاري لکيو ته ناٽڪ آهي، عاشق حسين رند لکيو ته هن ڀيري پ پ جي سڀني اميدوارن کي ساڳيون ٽڪيٽون ملنديو باقي (ن) ليگ ۽ G D A وارن کي ساڳيو ٽڪيٽو نه ملنديون، باقي مراد علي شاھ پاڻ پيو چئي مونکي ٽيڪٽ نه ملي ته ڀلو اهي ڇو جو ان کي پنهنجي تڪ مان ان کي ڪابه اميد ناهي رهي تڏهن جان ڇڏئڻ ۾ لڳو پيو آهي، مبين اڄڻ لکيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ساڳين چھرن کي ئي ٽڪيٽ ڏيندو، ڇو جو ھي سڀئي پراڻا کلاڙي آھن ھنن کي مخالفن تي سرسي حاصل ڪري کٽڻ جو فن بخوبي حاصل آھي، پيپلزپارٽي سان مقابلو ڪرڻ مخالفن جي لاءِ ھڪڙو خواب بڻجي چڪو آهي، جيڪو اسان گذريل پندرنھن ورھين کان پيپلزپارٽي مخالفت ۾ ٺھيل الائنس ذريعي ڏسي چڪا آھيون، ھاڻي ته جي ڊي اي پنھنجون پڪيون سيٽون پڻ ھارائي رھي آھي جنھن مثال گذريل چونڊون آھن، جيستائين جي ڊي اي عوام جي وچم ۾ نه ايندي تيستائين سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي کي ئي چونڊيندو رھندو. علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اليڪشن ۾ اسان جو ڪو به واسطو ناھي ڇو ته اسان ٻھراڙي جا سادا ماڻھو آھيون باقي ڳالھه ڪجي اميدوارن جي ته پوءِ نوان ماڻھو اچڻ کپن .شيراز شيخ لکيو ته مراد علي شاھ کلاڙي آھي، مراد علي شاهه ۽ زرداري هڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن، فياض علي لکيو ته لڳي ٿو ته سائين جن جو اڃان پيٽ خالي آهي، اوهان جي سنڌ ۾ هجڻ تي سيٽ ۾ هجڻ تي اوهان سنڌ لاءِ ۽ سنڌ جي رهواسين لاءِ ڇا ڪيو هو؟ جو هاڻ به اوهان کي اقتدار ۾ آڻيندا، سياست جي پچر  ڇڏيو، نوجوان نسل در در نوڪرين ڌڪا کائيندا وتن ٿا، نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهن، پر اوهان انهن نوجوانن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته مراد علي شاهه جي بيان تي کلي سگھجي ٿو ،ايتري ھمت عوام ۾ به ناھي جو ھو پ پ پ کي سنڌ مان آئوٽ ڪرڻ جو سوچي؟ نماڻو نوناري لکيو ته پاڻ پڪو آهي هروڀرو بيان جاري ڪيو آهي، ڄام فقير رند لکيو ته پراڻن ماڻهن کي ٽڪيٽ ملندي، نون انهن ماڻهن کي ٽڪيٽ ملندي جيڪي ٻيون پارٽيون ڇڏي آيا آهن، ڊي ايم ٻوهيو لکيو ته ھي وڏو ناٽڪي انسان آھي، غلام عابد سهتو لکيو ته مراد شاهه ان ڪري اهڙو بيان ڏنو آهي ته متان ٻيا مٿي لڳن ۽ سفارش ڪن ته ٽڪيٽ وٺي ڏيو، تنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري پنهنجي جان ڇڏائڻ چاهي ٿو، حاڪم علي لغاري لکيو ته ايئن ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، ڊاڪٽر فاروق احمد لکيو ته ڊرامو آهي، امير علي به راءِ جو اظهار ڪيو، خادم حسين سهتو لکيو ته تو جهڙي سوني جهرڪي ڪيئن وساريندا، نجيب الله باجڪاڻي به راءِ جو اظهار ڪيو.