سوال/سروي وفاق ۽ سنڌ سرڪار پاڻي کوٽ جي ذميوار قرار، ڪاميٽيون ٺاهي پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي: عوام

0
198

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ھڪ پاسي پاڻي جي کوٽ جون دانھون ڪيون ٿيون وڃن ته ٻئي پاسي وري گھارا پئجي رهيا آهن، اهڙي صورتحال جو ذميوار ڪير آهي، سنڌ سرڪار يا وفاق؟ اوھان جي علائقي ۾ پاڻي جي صورتحال ڇا آھي؟ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سرڪار کي ڪھڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق ۽ سنڌ سرڪار ٻئي پاڻي جي کوٽ جون ذميوار آهن، ارسا پاران سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي نٿو ملي جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو به سنڌ سرڪار جي نا اهلي سبب پوڇڙ جي علائقن ۾ نٿو پهچي، با اثرن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ آبپاشي کاتي جا ڪامورا ملوث آهن، سنڌ سرڪار کي گھرجي ته واٽرن تي رينجرز مقرر ڪري ته جيئن ھر آبادگار کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي سگھي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ذميوار سنڌ سرڪار آھي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ڪرڻ ۽ مخصوص پاسي پاڻي وڌيڪ ڇوڙ ڪرڻ سبب گھارا معمول بڻجي ويا آھن، سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ سرڪار جي نا اھلي ۽ پنهنجا نوازي آھي جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، فياض راشدي لکيو ته پاڪستان ۾ 2 ارسا آهن، هڪ وفاق جي پنجاب نواز، ٻيو سنڌ حڪومت جي پنهنجا چونڊيل نمائندا ۽ وڏيرا، ڪرپٽ ڪامورا، سنڌ حڪومت سياسي طور واٽرن ذريعي پوڇڙ جو پاڻي پنهنجي زمينن ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، انهي ڪري دريائن ۾ ٻوڏ باوجود پوڇڙين تي پاڻي نه ٿو هجي،سڄي موڳا واٽر سسٽم کي 1970 تي واپس ڪجي، پو۽ آبادگارن ،ايماندار آفيسرن ۽ حڪومت تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي جاچ ڪجي ته جيڪڏهن واقعي ڪو زميندار حقيقي متاثر آهي ۽ سسٽم ۾ گنجائش آهي ته ان آبادگار جو مسئلو حل ڪجي، عرفان جروار لکيو ته پاڻي جي کوٽ ۾ وفاق بلڪل ذميوار آھي ڇو ته مٿان کان پاڻي روڪيو ويٺا آهن ۽ سنڌ سرڪار کي به جيڪو پاڻي ملي ٿو ان جي ورڇ صحيح نٿي ٿئي، ھڪ ئي شاخ تي ھڪڙن آبادگارن جا فصل سڪن ٿا ۽ ٻين جا پاڻي جا ڊيم آھن رشوت جي بازار گرم آھي، سرڪار کي گھرجي ته واٽرن تي پوليس سان گڏ رينجرز به مقرر ڪري ته ھر آبادگار کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي سگھي جاويد احمد لکيو ته هر پهريدار چور آهي پوءِ شڪايت ڪنهن سان ڪجي، ڊي سي کان آبپاشي کاتي جي آفيسرن تائين سڀ ملوث آهن، بندن واهن جي مرمت رڳو ڪاغذن ۾ آهي، شفقت جتوئي لکيو ته اسان وٽ پاڻي آهي پر ڪم جو ناهي، ساريون 5 ورهين کان نٿيون ٿين، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته نيوڇور ۾ هميشه جيان پاڻي جي شديد کوٽ لڳي پئي آهي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وفاقي سرڪار ڪري ٿي ۽ سنڌ سرڪار انهي ظلم تي دانهن نٿي ڪري، آسنداس لڇواڻي لکيو ته سنڌ کي پاڻي جي هٿرادو کوٽ وفاق سرڪار ڏي ٿي ۽ صوبائي حڪومت انهي ظلم تي دانهين به نٿي نيوڇور ۾ پاڻي ڀوتارڪي طبقي لاءِ آهي، وشال ريٻاري لکيو ته اسان جي علائقي آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوهه ايٽ ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي پاڻي جي کوٽ مسلسل رهي آھي جنهن ڪري پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جا احتجاج مسلسل ٿيندا رهيا آھن، موهن لال لکيو ته ارسا سنڌ جو مقرر پاڻي ڏيڻ کان انڪاري بڻيل آهي ۽ سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو سفارش جي ور چڙهي ويندو آهي باقي پاڻي کي اجايو واهي هٿرادو گهارا لڳايا ويندا ۽ پڇڙي ۾ پاڻي پهچڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، اسان جي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي. قربان عالياڻي لکيو ته پاڻي کوٽ ۾ ذميوار سنڌ جي نااهل حڪومت سان گڏوگڏ ارسا آهي، جاويد ڪي لکيو ته اسان وٽ پاڻي گهٽ آهي، آفتاب لغاري لکيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۾ وفاق توڙي سنڌ سرڪار ٻئي برابر جون ذميوار آهن سنڌ ۾ جيڪو پاڻي پھچي ٿو اھو پاڻي سياسي اثرسوخ رکندڙ بااثر ماڻهن کي ڏنو وڃي ٿو، شبير حسين لکيو ته وفاق ۽ سنڌ سرڪار ٻئي ذميوار آهن، سڪندر علي لکيو ته ٽالهي شير شاخ پاڻي جي شديد کوٽ آهي بااثر ماڻھن جا واٽر ڪورس ٽٽل آهن پر آپاشي کاتو خاموش آهي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت سان گڏوگڏ وفاق به ذميوار آهي، هڪ پاسي گهارا پئجي رهيا آهن ته پوڇڙ وٽ پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي، اسان وٽ پوڇڙ تي پاڻي جي کوٽ آهي. نماڻو نوناري لکيو ته پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، شهمير مهر لکيو ته سنڌ سرڪار ذميوار آهي، اڪبر بلوچ لکيو ته پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، امتياز جمالي لکيو ته هٿرادو کوٽ ڪئي پئي وڃي، هٿرادو گهارا ڪيا پيا وڃن، حبيب الله عمراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي سنڌ کي هٿرادو پاڻي جي کوٽ ڏني ويندي آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته پاڻي جي کوٽ ۾ سنڌ سرڪار ۽ وزير، آفيسر ملوث آهن، سليم اختر لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي، سينگار علي چانڊيو لکيو ته فريدآباد ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪاڇي واسين جون زمينون بنجر ٿي ويو آهي سنڌ سرڪار کي گھرجي ته واٽرن تي پوليس سان گڏ رينجرز به مقرر ڪري، غلام رسول راهمون لکيو ته سنڌ سرڪار کي گھرجي ته واٽرن تي رينجرز مقرر ڪري ته جيئن ھر آبادگار کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي سگھي.