سوال/سروي …. وفاق بعد سنڌ ۾ اپوزيشن اتحاد جون تياريون: فائدو ٿيندو يا نه ؟ عوام جي راءِ ورهايل سڀ کان پهريان پاڻي جو مسئلو اٿاريو وڃي، ڪئنالن خلاف جدوجهد تيز ڪريو: عوام

0
25

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاق بعد سنڌ ۾ به اپوزيشن اتحاد جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ڇا سرڪار تي ڪو فرق پوندو ؟ عوام کي ڪو فائدو ٿيندو ؟ سنڌ جا ڪهڙا مسئلا اٿارڻ گهرجن ؟ سروي ۾ اپوزيشن اتحاد فائدو ڏيندو يا نه ان تي عوام جي راءِ ورهيل رهي، سروي ۾ چيو ويو ته سڀ کان پهرين سنڌ جي پاڻي جو معاملو اٿارڻ کپي، ڪئنالن خلاف جدوجهد کي تيز ڪجي، هر پليٽ فارم تان درياءَ لاءِ جدوجهد جي ضرورت آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته سرڪار تي بلڪل فرق پوندو جيڪڏهن اهو اتحاد پائدار رهيو باقي جيڪڏهن ڪو هڪ به وڪامجي ويو، ته پوءِ ڪجهه نه ٿيندو، ان تحاد ۾ سڀڪو پنهنجو پاڻ ۾ پاڻ ئي ليڊر آ سو ڏسجي ته ان اتحاد جو سرواڻ ڪير ٿو ٿئي ۽ ان جو چيو ڪير ڪير پيو مڃي، سنڌ جي هن وقت اها تقاضا آهي ته سڀ گڏجن سنڌ لاءِ جيئن پنجاب ۾ سڀ گڏجي ويا هن، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته بلڪل سرڪار تي اثر پوندو جيڪو ايندڙ وقت ۾ضرور ڏسندا. عوام کي موجوده حڪومت مان ڪو به رليف ناهي ملي سگهيو، غريب طبقو ڏينهون ڏينهن پٺتي وڃي رهيو آهي، سنڌ اندر وڌندڙ بدامني توڙي منشيات جي سرعام وڪرو ٿيڻ ڪري نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي. جنهن لاءِ چونڊيل نمائندا رڳو اعلانن تائين محدود آهن. عوام بي يارو مددگار بڻجي ويو آهي. محمد حسين لکيو ته سڀ کان پهريان اسان جي سنڌ امن ۽ لاقونيت کي لغام ڏنو وڃي، مخالفن خلاف انتقامي ڪارروايون بند ڪيون وڃن، مهانگائي  ۽بيروزگاري ختم  ڪئي وڃي، سنڌ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، جاويد شر لکيو ته بلڪل گورنمينٽ تي اثر پوندو ۽ جيڪڏھن ھنن اتحاد پاڻ ۾ قائم رکيو ته وڏو ڌچڪو گورنمينٽ کي لڳندو، آٽو ميٽڪ حڪومت گهر ڀيڙي ٿيندي، عوام تنگ آهي ھنن حڪمرانن مان رڳو عزتدارن کي ڦاسائي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جو ئي ڪم ٿي سگهيو آهي، ارشاد علي سومرو لکيو ته ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو ھي اشو ستر سالن کان وٺي هٿرادو اٿاريا ويندا آھن، جيئن اپوزيشن کي اشو ھٿ چڙھي وڃي ۽ عوام جو ڌيان حڪومت جي غلط ڪمن تان ھٽي وڃي اھو پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين سلسلو ھلندو رھي ٿو پوءِ کڻي حڪومت ڪھڙي به جماعت جي ھجي اصل رانديگر سڀني کي واري واري سان راند کيڏائيندا پيا اچن، جنھن ڪري ملڪ تباهه ٿي رھيو آھي اڄ ڪلھه سنڌ ۾ جڏهن عوام پنھنجي حقن لاءِ اٿي کڙو ٿيندو پيو وڃي ته ٻين صوبن مان حڪومت توڙي اپوزيشن جي لوڌ سنڌ ۾ لھي پئي آھي، جيئن ھنن کي پنھنجي مقصد تان ھٽائجي باقي اھي ساڳيا سياستدان اڳ۾ ڪاٿي مري ويا ھئا جو ھاڻي سنڌ لاءِ سڀني جو هانءُ ٿو ڦاٽي تنھن ڪري سنڌي ماڻھن کي سوچي سمجهي پختو قدم کڻڻ گهرجي بجاءِ ٻين جي پويان لڳڻ جي، فهد علي لکيو ته سنڌ اسيبلي جي اڪثريتي جماعت وفاق سان گڏ ويٺي آهي ته پوءِ ڪهڙو فرق پوندو اپوزيشن اتحاد ٺاهڻ سان جيتري قدر ته عوام کي ڪوبه فائدو نه پوندو ويتر گرفتاريون ٿينديون ۽ غريبن کي پڪڙي جيلن ۾ واڙيندا، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اڳ ڇا ٿيو آهي جو ھاڻي ڪجھه ٿيندو ڪنھن کي به عوام جي ڳڻتي ناھي ايتري تائين مھانگائي وڌائي وئي آھي جو ماڻھو پيٽ پالڻ تائين محدود آھن جھڙا اسين پاڻ تھڙا مليا حڪمران، سارنگ منير سومرو لکيو ته سڀ اقتدار ۽ حصي لاءِ پيا اتحاد ٺاھن، ملڪ ۽ عوام جي ڪنهن کي به ڳڻتي ناھي سڀني جا دور عوام ڏسي چڪو آھي، طاهر سنڌي لکيو ته اسان کي نه اتحاد گهرجن ۽ ئي ڪي چور سرڪار، ارشاد ميراڻي لکيو ته وفاق ۾ پيپلز پارٽي، ن ليگ، جي ڊي اي، ۽ ٻين مخالف ڌرين جو گڏ ٿيڻ هڪ وڏو سياسي موڙ هو، جنهن جو اثر هاڻ سنڌ جي سياست تي به نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ به اپوزيشن جماعتون گڏ ٿين ٿيون ته ان جا ڪجهه امڪاني نتيجا ٿي سگهن ٿا، حڪومت تي دٻاءُ ضرور وڌندو، خاص طور تي جيڪڏهن اپوزيشن متحد ٿي ڪري احتجاجي سياست، اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر سخت مخالفت، ۽ عوامي مسئلا اجاگر ڪري. پر جيڪڏهن هي اتحاد صرف اقتدار جي حصيداري لاءِ آهي ته پوءِ حڪومت تي گهڻو اثر نه پوندو. جيڪڏهن اپوزيشن حقيقي معنائن ۾ عوامي مسئلن تي جدوجهد ڪري، ڪرپشن خلاف آواز اٿاري، ۽ عوام لاءِ بهتر پاليسين جي وڪالت ڪري ته يقينن عوام کي فائدو ٿيندو. پر جيڪڏهن هي اتحاد صرف سياسي مفادن لاءِ ٺاهيو پيو وڃي ته پوءِ عوام لاءِ ڪو به وڏو فرق نه ايندو. سنڌ ۾ ڪيترائي اهم مسئلا آهن، جن تي اپوزيشن کي فوڪس ڪرڻ گهرجي: تعليم ۽ صحت: سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن جي حالت تمام خراب آهي. اپوزيشن کي گهرجي ته انهن معاملن تي آواز اٿاري. بيروزگاري: نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌڻ گهرجي. سنڌ جي حڪومتي ادارن ۾ بدعنواني هڪ وڏو مسئلو آهي. اپوزيشن کي ان خلاف عملي قدم کڻڻ گهرجن. واٽر مئنيجمينٽ: سنڌ ۾ پاڻي کوٽ وڌي رهي آهي، ان تي واضح پاليسي جي ضرورت آهي، بلديات ۽ مڪاني نظام: شهري سهولتن جي کوٽ، گندگي، ۽ پاڻي نيڪال جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اپوزيشن حقيقي عوامي ايجنڊا تي ڪم ڪري، ته اهو حڪومت لاءِ به چئلينج هوندو ۽ عوام لاءِ به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن هي اتحاد رڳو اقتدار لاءِ آهي، ته پوءِ اها صرف سياسي هلچل هوندي، عوامي مسئلا حل نه ٿيندا. اياز ڪيريو لکيو ته پ پ جو ڪردار وائکو ٿي چڪو آهي، شوڪت علي لکيو ته بلڪل اتحاد لازمي آهي اتحاد کانسواءِ جدوجهد ڪامياب نه ٿيندي، باقي هنن ظالمن سنڌ سنڌين سان ظلم ڪندارهن ٿا، هن وقت هر جماعت هر پارٽي کان وڌيڪ جدجهد ڪري رهي آهي، قومي عوامي تحريڪ جيڪا 23فيبروري آچر واري ڏينهن وڏو احتجاج ڪيو،عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ موجود جماعتون سنڌ جي ٻرندڙ مسئلي تي سياست ڪرڻ پيون چاهن، ڇو جو هينئر سندن سياست ٻڏندڙ ٻيڙي وانگر وڃي پئي غرق ٿيندي، باقي هي ڪو اسان سنڌين يا سنڌ جا سڄڻ ڪونه آهن، هنن مان چڱائي جِي اميد رکڻ اجائي آهي، سڀ پاڻ کي ڪرڻو پوندو. نياز احمد لکيو ته امن بحال ڪرايو وڃي، فيصل جمن لکيو ته مسئلا ئي مسئلا آهن ڪهڙو لکجي ڪرپشن وڏو مسئلو آهي ٻيو  ته هر ڪم سياسي بنيادن تي ڇو ٿو ٿئي سياسي سفارش هر هنڌ هر ڪم لاءِ ڇو ضروري بڻائي وئي آهي ؟ حڪمران لڏو ڪرپٽ آهي بلڪ مها ڪرپٽ آهي ڪرپشن جي نون موقعن تي تلاش ۾ بيٺلن مان ڪا چڱائي جي اميد نه ٿي لڳائي سگهجي، عبد آريسر لکيو ته اپوزيشن اتحاد جي گڏ ٿيڻ سان ۽ سنڌ جي مختلف فڪرن سان تعلق رکندڙ ڌرين  قومپرست قيادت توڙي جو سنڌ جو بيوس شعور ھنن تڪليف ۽ اذيت ڏيندڙ لمحن کان بيزار ٿي چڪو آھي، سنڌ ۾ جي ڊي جي سربراھه پير پاڳاري جي اڳواڻي ۾ ھلايل تحريڪ ڪاميابي ضرور ماڻي سگھي ٿي، باقي فائدو ته ھونئن به سنڌ جي مقدر ۾ ناھي باقي موجوده مين اشو ڪئنالن واري تي فرق پئجي سگھي ٿو ڇو ته عوامي طاقت ۾ ھر حڪومت کي خير آباد چوڻ جي سگھه موجود رھي آھي، ياسين ڀٽو لکيو ته سنڌ ۾ پ پ ڪمزور ٿيندي، زيد خان لکيو ته بلڪل سنڌ ۾ پيپلز پارٽي مخالف مضبوط اتحاد ٺھڻ گھرجي، ڪرپشن بدامني مھانگائي ڌاڙيل ڪلچر ۽ ھاڻي سنڌو درياءَ مان پنجاب کي ڪئنال ڏيڻ خلاف جيڪڏھن ھاڻي به سنڌي سڄاڳ نه ٿيا ته پوءِ سنڌ موھن جو دڙي ٿيڻ جي ويجھو آھي، واد ڏنو لکيو ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، رڳو سنڌ جو عوام پير پاڳاري جا هٿ مضبوط ڪري، محبوب ڀٽي به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، محمد آصف سومرو لکيو ته ھميشه کان پاڪستان ۾ ٺھندڙ حڪومتي اتحادن ۽ اپوزيشن اتحاد پويان بين الاقوامي توڙي قومي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد ھوندي آھي ملڪ ۾ جڏهن به حڪومتون ٺھيون يا جڙيون آهن تنھن پويان نظر نه ايندڙ ڌرين جو رول نظر ضرور ايندو آهي جيڪڏهن ھي اتحاد خالص عوامي مسائل بنيادن تي ۽ اسٽبلشمينٽ جي ڪنھن به ڌڙي جي مداخلت کان آجو ٿي ڪم ڪندو ته ضرور ملڪي سياست تي مثبت اثر ڇڏيندو، بشير ميراڻي لکيو ته اپوزيشن اڳ به ٺهيل آهي پر هن رياست ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو، اپوزيشن کي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي خاص ڪري ڪئنالن جي خلاف جدوجهد ڪرڻ گهرجي.صدام ڀنڀرو لکيو ته جيڪڏهن اپوزيشن اتحاد عوامي مسئلن تي فوڪس ڪري، ته سنڌ جي عوام لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن اتحاد رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ ٺاهيو ويو ته اهو رڳو بيانن تائين محدود رهندو، ۽ عوام کي ڪو به عملي فائدو نه ملندو قربان ميراڻي لکيو ته ڪو به فرق ڪونه پوندو اھو سڀ سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو حربو استعمال ڪيو پيو وڃي سڄو ڪجھه ھڪ سازش تحت ڪيو پيو وڃي، الله ڏنو راهمون لکيو ته پاور پئسو ماڻھو پي پي پي وٽ آھن. رواجي احتجاج بي اثرائتا آھن. ثناءُالله مشوري لکيو ته اگر عوام ساٿ ڏنو ته پيپلز پارٽي جي رستا روڪ ٿيندي اپوزيشن مضبوط ھوندي ته سڀ ڪجھه ٿي سگھي ٿو، آزاد ڪيريو لکيو ته اپوزيشن اتحاد سان عوام جا مسئلا بهتر نموني اجاگر ٿيندا، عبدالوهاب چانڊيو لکيو ته ضرور فائدو ٿيندو، راحب علي گهنڃو لکيو ته ڪجھه ڪونه ٿيندو سڀ پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ميدان ۾ آهن، حاجي خان پنهور لکيو ته اپوزيشن اتحاد جڙڻ گهرجي، راشد علي جوڻيجو لکيو ته سڀ کان اهم مسئلو پاڻي، 2 امن امان، 3 قانون جي بالادستي، 4 آبادگار هارين جو معاشي قتل بند ٿيڻ کپي، 4 اداران ۾ ڪرپشن بند ٿيڻ کپي، سياسي اپوزيشن تي لٺبازي گرفتاريون بند ٿيڻ کپن اظھار راءِ جي آزادي هجي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته جيستائين پ پ وفاقي حڪومت سان گڏ آهي ڪجهه نه ٿيندو، عمران مسڻ لکيو ته ھي ھيڏي وڏي ناجائزي پيو ڪري پنجاب پاڻي جي ان تي سخت موقف اختيار ڪيو وڃي، جاويد جمالي لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، دلدار ڪلوئي لکيو ته ٽوپي ڊرامو آهي، زاهد راڄپر لکيو ته ھي سڀ ڪجھه اقتدار لاءِ آھي. سنڌ جي عوام کي پاڻ مڙسي ڪرڻي پوندي، سيف الله پنهور لکيو ته هي ملڪي سطح جو اپوزيشن اتحاد سنڌ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، نياز احمد به سروي ۾ حصو ورتو، قاسم خاصخيلي لکيو ته ڪيترا به اتحاد ٺھن پر ايجنڊا صرف عوام هجڻ گهرجي، عبد ڪيريو لکيو ته پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ سنڌ، اپوزيشن اتحاد ۾ ھوندي ته فرق پوندو نه ته ساڳي ماني ساڳ سان وارو ڪم ٿيندو، پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ سنڌ کان سواءِ اپوزيشن اتحاد ائين آھي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ، اياز احمد چانڊيو لکيو ته هن اتحاد سان وقتي طور ڪئنالن جي معاملن تي جدوجهد فائديمند ثابت ٿيندي . باقي وفاقي پارٽيون مفاد خاطر سنڌ جي قومپرست جماعتن سان رابطا ڪنديون آھن، هوت خان ڪيريو لکيو ته سنڌ صوبي جا جيڪي حق آهن اهي ملڻ گھرجن سنڌ جي عوام کي، شاهين سومار لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو بس ڳالهيون ئي ڳائبيون، اي ڊي بجير لکيو ته عوام کي ٽڪي جو فائدو ڪونه ٿيندو مڙئي حڪومت تي پريشر ڊولپ ڪري پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.. يعقوب جوکيو به سروي ۾ حصو ورتو، علي عابد سنڌي لکيو ته غير قانوني ڪئنالن وارو معاملو اهم آهي، ڌاري آبادي جو وڏو مسئلو آهي اسان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي وڏي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ پ پ سرڪار به شامل آهي، ڪريم کوسو لکيو ته اتحاد ماضي ۾ سڀ ناڪام رهيا آهن باقي سنڌ جو وڏو مسئلو درياءَ بچايو، حسن رضا لکيو ته درياءَ سنڌو تي ڌاڙي کان وڌيڪ ڪهڙو مسئلو هوندو، گل حسن شر لکيو ته اتحاد سان وڏو فرق پوندو اگر پنھنجي مقصد تي فوڪس ڪيو ويو، اربيلو خان لکيو ته سنڌو تي ڪئنال ۽ عمر جي حد 45سال وڏا مسئلا آهن اهي حل ٿيڻ گهرجن، رياض حسين وساڻ لکيو ته فرق پوندو، وسيم گوپانگ لکيو ته بلڪل چور حڪومت جي رستا روڪ ضرور ٿيندي، غلام ڪبريا لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، مهتاب بلوچ لکيو ته ڪئنال نامنظور، محفوظ ميهر ڦلپوٽو لکيو ته ڪجهه خاص نه ٿيندو، سمير احمد لکيو ته اپوزيشن مضبوط هجي سڀ ڪجهه ٿيندو، فقير مير ايم مڱريو لکيو ته اتحاد کانسواءِ ڪا به جدوجهد ڪامياب ناھي ٿيندي،  سنڌ جي وسيلن کي غاصبن کان بچائي اصل ڌرتي ڌڻين تائين پھچائڻ ئي مقصد ھجڻ گھرجي، باغي فرهاد ميمڻ لکيو ته سڀ کان پهرين سنڌ جي پاڻي جو معاملو اٿارڻ کپي، ڪئنالن خلاف جدوجهد کي تيز ڪجي، هر پليٽ فارم تان درياءَ لاءِ جدوجهد جي ضرورت آهي..آصف علي، مجيد ساگر، ملڪ آصف به سروي ۾ حصو ورتو، شهزاد علي ميمڻ لکيو ته جيڪڏهن پير پاڳارو پاڻ حڪومت خلاف ميدان وٺي بيهي ته حڪومت ختم ٿيڻ ۾ وڏو وقت ڪونه لڳندو، سڪندر علي گرگيج لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ قومپرست جي ڊي اي گڏجي اگر تحريڪ هلائن ٿا حڪومت گوڏا کوڙيندي.