سوال/سروي … وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار، پنجاب، پيپلزپارٽي سنڌو تي ڌاڙي جا ذميوار، پاڻي کوٽ ۽ ڏڪار جي وارننگ تي عوام جو شديد ردعمل

0
19

 ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آبپاشي کاتي پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو خدشو ظاهر ڪندي ڏڪار جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، ذميوار ڪير؟ ان تي اوهان ڇا چوندا؟ جنهن تي اڪثر وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار، پنجاب، آبپاشي کاتي، پيپلزپارٽي کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين، ڪئنال نامنظور آهن، ڪئنالن جو منصوبو رد ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته سنڌو درياءَ جو سودو ڪندڙ يزيد ذميوار آهن جن سنڌ کي ڪربلا بڻائي ڇڏيو آهي، مخدوم مينهل مڱريو ۽ آدم جانيارو لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي، جي آر چانڊيو لکيو ته آصف زرداري ۽ سنڌ سرڪار ذميوار آهي، اسامه سنڌي لکيو ته درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، اسد زرداري لکيو ته سنڌ اندر ھينئر سان ئي پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آھي ۽ وفاق حڪومت اڃا سنڌو درياءَ مان ڇھه ڪئنال اڏڻ جي ڪوششن ۾ آھي درياءَ سنڌ جي زمينن جو جياپو آهي، سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺھيا ته اڃا وڌيڪ خطرناڪ آھن، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي ذميوار سڌي ريت آبپاشي کاتو ۽ سنڌ حڪومت آهن آبپاشي کاتو ۽ حڪومت هٿ سان بنجر سنڌ صوبي جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪري اڳواٽ وارننگ جاري ڪري پنهنجو پاڻ تان بار لاهي ڇڏيو آھي جيڪو اڳتي ڪجھه سالن ۾ سنڌ صوبي کي وڏو زرعي نقصان رسندو، عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي لکيو ته اسان سرڪاري انگن اکرن کي رد ڪريون ٿا، سنڌ توڙي وفاقي سرڪار ڪوڙ جي ٺاھه تي ٺهيل آهن، سندن هر ڳالھه ڪوڙي ۽ گمراھه ڪندڙ آهي. جيڪڏهن واقعي به اهڙي صورتحال آهي، ته پوءِ ڪئنال ٺهڻ تي ايترو زور ڇو ڏنو ويو آهي؟ جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا، ته پوءِ يقينن سنڌ بنجر بڻجي ويندي.ان ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي، ته ڪوڙ نه ڳالهائن، چوري ۽ سينازوري بند ڪن. اڪبر رحمان ٿهيم لکيو ته  آبپاشي کاتي هميشه ساحلي پٽي سان ظلم ڪيو آهي پوڇڙ جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ واجها.ي رهيا آهن پيئڻ جو پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ شاخن ۾ کوٽيل کوهن توڙي ڍنڍن جو گندو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، حبيب رتڙ لکيو ته سنڌ ۽ سنڌوءَ کي سڪائڻ جا ذميوار اهي آهن جن ڪرسين ۽ ذاتي مفادن خاطر پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو، سنڌو درياءَ رڳو پاڻيءَ وهندڙ وهڪرو ناهي پر اهو سنڌ جو پالڻهار آهي، ڪروڙين وڻن ۽ انهن ۾ ڪکن جا گهر ٺاهيندڙ پکين جي جياپي جو ذريعو آهي، هيءُ وقت احتجاجن يا دانهن ڏيڻ جو نه پر عملي طور مزاحمت ڪرڻ جو آهي جنهن ۾ ٻار توڙي ٻڍڙا، عورتون توڙي مرد ميدان تي نڪري پاڻ ملهائين، پنجاب ڏانهن ويندڙ رستا مڪمل بند ڪرڻ گهرجن، باقي ڪنهن معجزي جو انتظار ڪيوسين ته سنڌي قوم ڏڪار جي حالت ۾ تڙپي تڙپي مرندي، خير محمد راڄڙ لکيو ته سنڌ سرڪار ذميوار آهي، لطف علي به پ پ کي ذميوار قرار ڏنو، جاويد جمالي لکيو ته حڪومت ۾ شامل جماعتون ذميوار آهن پاڻي جيئري لاءِ جياپو آهي سنڌ م اڳ ئي پاڻي جو وڏو بحران رهيو آهي پوري ملڪ جي سياست کي پاڻي جي مسئلي تي سڀ کان اڳ سوچڻ گهرجي، امام ڏنو چانڊيو لکيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي زمينن جو جياپو آهي، سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٻن ڪالاباغ ڊيمن کان وڌيڪ خطرناڪ آهن سنڌ سڪي بنجر بڻجي ويندي سنڌ جا وارثون سجاڳ ٿيو سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جو ڌاڙو نامنظور، الهڏنو راهمون لکيو ته ذميوار ووٽر عوام آھي جن جي چونڊ ئي غلط ھجي ٿي، دائود زئور لکيو ته پاڻي جي شفاف ورڇ نه هئڻ ڪري ڏڪار ڊڪليئر ڪيو پيو وڃي، اياز بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت پ  پ ذميوار آهي، راشد لکيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ذميوار آهي، مختيار بلوچ لکيو ته پ پ ذميوار آهي، بشير ميراڻي لکيو ته ذميوار سڌي ريت سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي وارا آهن، ارسا ۾ پنهنجي حصي جو پاڻي وٺي نٿا سگهن، مٿان وري ڇھه تڪراري ڪئنال به صدر جي منظوري سان ٺهي رهيا آهن، سنڌ کي حڪومت هٿ سان بنجر بڻائي رهي آهي تڏهن ته وارننگ جاري ڪري پنهنجو پاڻ تان بار لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ممتاز علي سميجو لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت ۽ سندس ڪرپٽ آبپاشي کاتو آهي، ايم موسيٰ خان نڊ لکيو ته پ پ کان پڇو سنڌو درياءَ جو پاڻي بند ٿيندو ته توهان جو ڇا ٿيندو ؟سيد سڪندر علي شاهه لکيو ته اسان جي شهر محرابپور ڀرسان روهڙي ڪئنال گذرندو آهي، 10 ڏينهن کان ڪئنال ۾ پاڻي ناهي، سنڌ سرڪار ذميوار آهي، عمران مسڻ ۽ سائينداد سميجو لکيو ته پ پ حڪومت ذميوار آهي، نياز احمد ڀيو لکيو ته سنڌ سرڪار سنڌ کي هٿ سان سڪائڻ جي سازش ڪري رهي آهي پر اسان کي خبر نٿي پوي ته اسان جو ستل عوام ڪڏهن جاڳندو، غلام قادر شر، جاويد احمد راهي، حاڪم خان جمالي، حسيني آصف علي،محمد يونس درس، برڪت علي، حفيظ ڪاٺيو، ثمينه خان، حامد علي مڱريو، زاهد راڄپر، شاهجهان رند، نماڻو نوناري، شيراز سومرو، فيصل عزيز، بيوس اربيلو ڏاهاڻي، ايم فياض وساڻ، مجيب سنڌي، زبير جکرو، رجب علي خاصخيلي، ممتاز حسين، راڪيش نانواڻي، ارشاد علي سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، ايم حسن کوسو لکيو ته پ پ ذميوار آهي، محمد حسن خاصخيلي لکيو ته پاڻي جو وڏو چور پنجاب، ھن وقت به پنجاب جا جيڪي فلڊ ڪئنال آھن اھي 11600 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي چوري کڻي رھيا آھن، چشما رائٽ ڪئنال3505 ڪيوسڪ، ڊيرا غازي خان4000 ڪيوسڪ، ڪڇي ڪئنال 500 ڪيوسڪ، ۽جھلم مان 3636 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رھيا آھن، خير محمد جمالي، ابوبڪر ٻٻر، شوڪت علي،  مدثر کهاور، رضوان حيدري، فقير ڪاشف پهوڙ، حيدر مستوئي، اختر لاشاري، عبدالرزاق آرائين، سولنگي رياض، راجڪمار اوڏ، فقير ڪامران علي، جي اي ڪيريو، علي محمد درس، امير علي، علي عباسي، عبدالله کوسو، نظير احمد، سيف الله پنهور، عرفان علي ملاح، مظهر علي شاهه، شهباز شريف، اشفاق چانڊيو، مشتاق ڪنڀر، سمير احمد، نقاش پيرزادو، علي گل شر، مير عامر خان چانڊيو، مجيد ساگر پرهياڙ، امر آڪاش لاکو، قادر بخش زئور، زبير حسين، مرتضيٰ مڱريو، صدام شر، شاهد بلوچ، بابو ظفر، عاشق علي چانڊيو، اصغر حسين، تاج محمد، ضمير بچو، امين فهيم زئور، عاقب حسين وسطڙو، فقير ممتاز علي، احسان لغاري، سڪندر علي گرگيج، ريحان بلوچ، منور لال، عبدالحق سيال، خادم چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو.