ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نوڪريون ڏيڻ، پينشن ۽ فوتي ڪوٽا به خزاني تي بار ڄاڻائي پئي وڃي، وڏي وزير پاران 12 خاص معاون ۽ 8 ترجمان مقرر ڪرڻ بار ناهي؟ انهن جا خرچ ڪٿان ايندا؟ وڏي انگ ۾ وزير صلاحڪار مقرر ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ حڪومت جي سڀني وزيرن مشيرن جو خرچ غريب عوام جي ٽئڪس مان پيو ھلي، باقي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ خزاني ۾ پئسا ناھن؟ پھرين وزيرن مان ھينئر تائين عوام کي ڪھڙو فائدو مليو آهي جو ھاڻي هي اچي سنڌ کي ترقي ڪرائيندا، بس هنن کي سڀني وڏيرن کي راضي ڪرڻو آهي، سنڌ ۾ ترجمانن ۽ معاون جي فوج ڀرتي ڪري سنڌ جي ناڻي تي بار وڌو پيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته ان کي چئبو آ انڌو ريوڙيون ورهائي، افسوس اسان جي سنڌ جا ماڻهو مئلن جيان ڏسن سڀ پيا پر ويچارا ڪڇي ڪين پيا سگهن، نادر علي شابراڻي لکيو ته سنڌ پوليس ايس آر پي ۾ 2019ع واري ٽيسٽ پاس ڪندڙن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سوال اھو آھي ته آخر ڪار سنڌ جي تعليم يافته نوجوانن سان سنڌ سرڪار ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو ڪري رھي آھي وزيرن مشيرن منسٽرن صلاحڪارن معاونن لاءِ سڀ ڪجھه ٺيڪ آھي، باقي سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ خزاني تي بار آھي، اسين سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته پنھنجو قبلو درست رکو نوجوانن کي نوڪريون ڏيو اوھان نوجوانن کان ھر اشتھار جي مد ۾ ڳاٽي ٽوڙ فيس وٺي مال گڏ ڪيو پيا، جڏھن نوجوان ٽيسٽ پاس ڪن پيا ته انھن کي نوڪرين بجاءِ خوار ڪري نوجوانن کي پريشان ڪيو ٿو وڃي، ايس آر پي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، ساجد لغاري لکيو ته سنڌ حڪومت پنھنجا صلاحڪار وڌائيندي ٿي وڃي پر جيڪي سنڌ جي ماڻھن جا مسئلا آھن. اُھي سالن کان رولڙي جو شڪار آھن اُھي حڪومت کي ياد ناھن. 5 کان 15 نوڪرين جا اميدوار آءِ بي اي طرفان ورتل ٽيسٽون پاس ھجڻ باوجود اوور ايج ٿين پيا پر سنڌ حڪومت انھن اميدوارن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪري رهي آهي، جاويد علي شر لکيو ته مسلسل انتظار ايس آر پي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو مقدر بڻجي ويو جن ميرٽ جي بنياد تي pts اداري جون مشڪل ٽيسٽون به پاس ڪيون ۽ ٽاپ تي مارڪون ھجڻ باوجود به اميدوارن کي بغير ڪنھن تاريخ جي ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو، هيل تائين دانهون ڪن پيا پر ڪير انصاف ڪرڻ وارو ناهي؟ اسد زرداري لکيو ته سنڌ حڪومت جا خاص ترجمان ۽ معاون سڀ غريب عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان عيش ڪندا باقي سنڌ حڪومت جي سڀني وزيرن مشيرن جو خرچ غريب عوام جي ٽئڪس مان پيو ھلي، باقي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ خزاني ۾ پئسا ناھن، فوتي ڪوٽا بـ ختم ڪئي وئي آھي انھن وزيرن مان عوام کي فائدو ناھي، محمد صادق لکيو ته مسلسل انتظار ايس آر پي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو مقدر بڻجي ويو، ايس آر پي يونٽ ۾ ھزارين ڪانسٽيبل جون جايون خالي آھن ايس آر پي ويٽنگ وارن کي ڀرتي ڪيو وڃي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته هي غريبن جا حق کائڻ وارا آهن هتي ته انصاف ناهي خدا انهن کي سزا ضرور ڏيندو، ذوالفقار علي نهڙي لکيو ته وڏو وزير پاڻ خزاني تي بار آهي، نور احمد کوسو لکيو ته 70 سال وارو آفيسر ٿي سگھي ٿو باقي 35 سال وارو نااھل ؟ ھن حڪومت کان اسان توبھه ڪئي پوءِ ڇا اسان نوجوان خودڪشيون ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻيون ؟ محمد حسين لکيو ته سنڌ حڪومت پاڻ خزاني ته بار آهي رڳو سنڌجي عوام کي چريو ٿا ڪن، ابو صفيان لکيو ته سنڌ حڪومت جا خاص ترجمان ۽ معاون سڀ غريب عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان عيش ڪندا، باقي سنڌ حڪومت جي سڀني وزيرن مشيرن جو خرچ غريب عوام جي ٽئڪس مان پيو ھلي باقي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ خزاني ۾ پئسا ناھن فوتي ڪوٽا به ختم ڪئي وئي آھي، طيب انقلابي لکيو ته انڌير نگري آھي، ڪرپٽ حڪمرانن کي رڳو ووٽ ڏيندڙ پورھيت وزن لڳن ٿا، سارنگ منير سومرو لکيو ته اسان جي ملڪ جي خزاني تي پوڙھي پيءُ ۽ بيواھه امڙ جي پينشن بار آھي باقي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي ڀرتي ٿيل فوج خزاني مان مزا وٺندي، جاويد جمالي لکيو ته پاڪستان ۾ هن وقت پراڻي دور برطانيا جي شاهي دور کان به بدتر وقت هلي رهيو آھي، هي گڏجي حڪومت ڪري سرڪاري خرچ تي عوامي پئسي جو مزو وٺي رهيا آھن، غلام مرتضيٰ به اهڙو عمل رد ڪيو، موهن لال لکيو ته هي جيڪي اڳئي ڪابينا ۾ مقرر لشڪر گهٽ آهي ۽ مٿان وري 12 خاص معاون ۽ 8 ترجمان مقرر ڪري ويتر سنڌي قوم جي پئسي تي ڌاڙي هڻڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، باقي عام ماڻهو انهن جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي. اڪرم علي گجو لکيو ته ڪرپٽ سسٽم آهي عوام کي ڪا به انهن مان اميد نه رکڻ گهرجي، عام ماڻهن کي بيوقوف بڻائي پنهنجا ڀڀ ٿا ڀرين، ثناءُالله مشوري لکيو ته سڀني وزيرن مشيرن جو خرچ غريب عوام جي ٽئڪس مان پيو ھلي، غريب عوام کي ھر روز پيڙھيو پيو وڃي باقي پھرين وزيرن مان ھينئر تائين عوام کي ڪھڙو فائدو مليو آهي جو ھاڻي هي اچي سنڌ کي ترقي ڪرائيندا، عبدالحئي مير لکيو ته مسڪين سرڪاري ملازمن جي پينشن انهن مٿان بار آھي، شهيد ۽ فوتي ملازمن جي اولاد لاءِ نوڪريون ناهن باقي پنهنجي ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي، سنڌي نديم لکيو ته سماجي تحفظ ھر شھري جو حق آ سرڪاري ملازم ته پوري زندگي پنھنجي نوڪري کي ڏئي ٿو، فوتي ڪوٽا سندس پونيئرن جي سماجي ۽ معاشي تحفظ ڏانهن ھڪ قدم آ ۽ پينشن به ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي، ماجد حسين به ردعمل ڏنو، نقاش پيرزادو لکيو ته حڪومت باقي ڇا ڪندي خالي پگھارون کڻندي سوين وزير مشير وڌن پيا نوجوان لاءِ نوڪريون ناھن عوام رڳو سورن ۾ آهي، سمير احمد لکيو ته سنڌ سان ناانصافيون بند ڪيو. الاهي بخش ڪلهوڙو به ردعمل ڏنو، آدم پتافي لکيو ته اھي پئسا اسان عوام جي رت جي ڪمائي مان ٽئڪس مان نڪرندا، خادم حسين لکيو ته نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي، سنڌ جا نوجوان ڪيڏانهن وڃن ؟ عبدالعزيز قادري ۽ خير محمد به ردعمل ڏنو، اشفاق چانڊيو لکيو ته انهن جا خرچ عوام مان ئي نڪرندا، ارشاد علي سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، قاسم خاصخيلي لکيو ته وڏيرن ۽ بادشاهن کي پنهنجا خرچ ننڍا لڳندا آھن غريب جو ننڍو خرچ وڏو بار لڳندو اٿن، عبدالرئوف مزاري لکيو ته فوتي ڪوٽا سسٽم ختم، پينشن ۽ عمر ۾ رعايت ختم ؟ اصغر ابڙو به سروي ۾ حصو ورتو، برڪت علي لغاري لکيو ته هي ڳڙو به وري غريب عوام مٿان آهي ٽئڪس جي صورت ۾ ۽ ڪرپشن جي صورت ۾ هڙ فنڊ کائي ويندا، لياقت علي زهري لکيو ته ويچارا غريب ۽ بيروزگار آهن، عبدالحڪيم به سروي ۾ حصو ورتو، تنوير احمد کوسو، محمد ابراهيم، محمد دلشاد جتوئي، وڪيل ڪمار، ولي محمد، حاجي خان راهپوٽو، غلام قادر جوڻيجو، صدام کوسو، ذوالقرنين لنڊ، شاهه محمد شاهه لڪياري به سروي ۾ حصو ورتو، گل حسن شر لکيو ته ايترا وزير مشير ته اڳي دور جي بادشاھن جا به نه ھيا جيڪي فرمان جاري ڪرڻ لاءِ پڙھو ڏياريندا ھئا ھاڻي ته ميڊيا دور آھي ھڪ پريس رليز سان خبر ملڪان ملڪ پھچيو وڃي خبر ناھي سائين سرڪار ايتري وزيرن جي فوج ڇو ٿي رکي، نوشاد جروار لکيو ته هڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون 3 سال ٿي ويا آفر آڊر مليا پر جوائنگ نه ملي ۽ جوائنگ لاءِ رلائيو پيو وڃي، الھه بخش کوسو لکيو ته سنڌ ۾ ترجمانن ۽ معاون جي فوج ڀرتي ڪري سنڌ جي ناڻي تي بار وڌو پيو وڃي، ھڪ طرف حڪمران چون ٿا ته نوڪرين لاءِ بچيٽ ناھي، سنڌ ۾ ماستري ٽيسٽ پاس اميدوار روز احتجاج ڪن پيا پر حڪمران ٻڌڻ لاءِ تيار ناھن، وري مٿان معاون ڀرتي ڪري ڪرپشن لاءِ رستا کوليا پيا وڃن، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته حڪومت کي يتيمن جي پينشن جا پئسا خزاني مٿان بار ٿا لڳن، هاڻي وري 12 خاص معاون ڪابينا ۾ شامل ڪيائين، اسان حڪومت جي اهڙي فيصلي جي شديد مخالفت ڪيون ٿا، ممتاز علي مهر لکيو ته ڳري رقم سان اليڪشن خريد ٿيل آهي خرچ ڪڍن پيا، سيد فياض شاهه به ردعمل ڏنو، اعلي احمد چاچڙ به سروي ۾ حصو ورتو، خالد لغاري لکيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ھلي پئي، سڀني وڏيرن کي راضي ڪرڻو آهي، ھن حڪومت نوجوانن کي روزگار ناهي ڏنو، سنڌ جا نوجوان ڪيڏانهن وڃن، محمد موسيٰ لنڊ به سروي ۾ حصو ورتو، شاهد بلوچ لکيو ته هي جيڪي اڳ ئي ڪابينا ۾ مقرر لشڪر گهٽ آهي ۽ مٿان وري 12 خاص معاون ۽ 8 ترجمان مقرر ڪري ويتر سنڌي قوم جي پئسي تي ڌاڙي هڻڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، باقي عام ماڻهو انهن جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي. ظهير احمد لکيو ته حڪومت جا خزانا صرف بيروزگار نوجوانن لاءِ بند آهن باقي اميرن لاءِ هر طرح جون آسائشون ممڪن آهي، خبر ناهي سنڌ کي ڪهڙي طرف ڌڪي رهيا آهن. مهراڻ علي ابڙو به سروي ۾ حصو ورتو، اياز کهاوڙ لکيو ته فوتي ڪوٽا تي ڌاڙا هڻڻ، نوجوانن جي عمر تي ڌاڙا هڻڻ آهي، اهو عوام جي حقن تي ڌاڙا ناهن ٻيو ڇا آهن. حڪومت وٽ پئسو ناهي هوڏانهن وزير پئي وڌائي آخر ڇو. ساڳيو پئسو غريبن تي خرچ ڇو نه ڪيو ٿو وڃي.