سوال/سروي … نواز شريف ڊيل ڪري آيو ، ڪامياب پاور شو ڪيو، ايندڙ وزيراعظم ٿي سگهي ٿو: عوام

0
58

  دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف 4 سالن بعد موٽي آيو، لاهور ۾ تاريخي جلسو: نواز شريف چيو آهي ته انتقام نه وٺندس، ادارا ۽ پارٽيون گڏجي ڪم ڪن؛ نواز شريف جي واپسي، پاور شو ۽ سندس بيان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نواز شريف ڊيل ڪري واپس آيو آهي، ماضي مان سبق سکيو آهي، ملڪي سياست ۾ انتقام ختم ٿيڻ گهرجي، جلسو سٺو هو، ايندڙ وزيراعظم ٿي سگهي ٿو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مرتضيٰ حسين خاصخيلي لکيو ته ميان محمد نواز شريف ڪجهه وقت کان پنهنجي غلطين سبب ڀوڳي رهيو هيو هاڻ غلطين مان ڪافي سبق حاصل ڪيو آهي ڇو ته نواز شريف سمجهي ٿو ته پاڪستان ۾ سياست وڏو انتقام آهي هاڻ ان نظام کي ختم ڪرڻ گهرجي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته صرف عوام کي بيوقوف بنايو پيو وڃي، ايم طيب ڪيريو لکيو ته ملڪ لاءِ نقصانڪار بيان آ، سياسي بيانن کي ڇڏي عملي ڪم ڪرڻ کپي حقيقي سياست ٿيڻ کپي، ڊيلنگ جي ڪري پوري ملڪ جو نقصان ٿيو آهي ھاڻ سياست مان گند ختم ٿيڻ کپي ڪيستائين انتقام ڪاروايون رھنديون سڄو بار عوام تي پوندو، سيف الله پنهور لکيو ته ملڪي اسٽبلشمينٽ کي سياست کان پري رکڻ جون وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪندڙ ميان نواز شريف ساڳي اسٽبلشمينٽ کان سياسي اين آرو وٺي وطن واپس پھچي ويو آھي، اطلاع آھن ته ساڳي ئي اسٽبلشمينٽ پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر کيس ملڪ جو وزيراعظم بڻايو پيو وڃي.پيار علي چانڊيو  لکيو ته اقتدار کان اڳ ھر ليڊر اھڙيون ڳالھيون ڪندو آھي پر انتقامي ڪاروايون تڏھن شروع ٿينديون آھن جڏھن اقتدار ۾ ھوندو آھي جنھن جو تازو مثال خانصاحب جي حڪومت ۾ ن ليگ جي راڻا ثناءُ الله کي منشيات ڪيس ۾ جيل ڀيڙو ڪيو ويو ۽ وري جڏھن شھباز شريف اقتدار سنڀاليو ته خانصاحب کان سمورو حساب ڪتاب ورتو ويو مطلب ته ملڪي سياست ۾ انتقام وٺڻ ھڪ قرارداد ٿي وئي آھي جيستائين اھو فارمولو نه اپنايو ويندو تيستائين اپوزيشن حڪومتي ڪاروھنوار ۾ رنڊڪ بڻيل ھوندي ميان نواز شريف جو ماضي جو دور پڻ انتقامي ڪارواين سان ڀريو پيو آھي بهرحال ڏسڻو اھو پوندو ته ايندڙ اقتدار ڪنھن کي ٿو ملي جيڪو انتقام کان پاڪ ھوندو .امداد جان بهراڻي لکيو ته استاد ڪامل اٿس بيان ڪيئن ڏيندو، بابر رستماڻي لکيو ته جيڪو اچي ٿو ائين ٿو چوي سڀ ھڪڙي ڍڳي جا چور آھن ۽ ان ڍڳي جا ڌڻي مطلب عوام به انھن ئي چورن سان گڏجي پيرا پيو کڻائي، راجو ٺڪر لکيو ته نواز شريف اڳ ۾ 3دفعا وزيراعظم ٿيو هو ڇا ڪيو هاڻ  دلاسا آھن ڪو نئون چهرو اچي ته پاڪستان ملڪ کي ٺاهي ؟ ڪمال اوٺو لکيو ته سڀ حوالي آھن ڪو به سچو ناهي سڀ مال کائڻ ۾ پورا آھن پنهنجي لاءِ جيئن ٿا پنهنجي لاءِ، عوام مري ٿو ان کان لاتعلق بڻيل آهن، ابراهيم مخدوم لکيو ته نواز شريف جو جلسو ته سٺو هو باقي ڇا ڪندو ڇا نه ڪندو اهو وقت تي ئي خبر پوندي، اسد زرداري لکيو ته نوازشريف ٽي دفعا وزيراعظم رھي چڪو آھي پر ھن ملڪ ۽ صوبن لاءِ ڪجھه خاص نه ڪيو نوازشريف ۽ لاھور ۾ ڪيل جلسو ڪو خاص نه باقي پنجاب ۾ نوازليگ جا سپورٽر آھن تڏھن ماڻھو گڏ ڪيا ۽ نواز شريف جي وطن واپسي به ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي باقي ڏسڻ ۾ اچي پيو ته نوازشريف کي ايندڙ وزيراعظم ڊيل تحت ڪيو ويندو نواز ليگ مفاد پرست پارٽي آھي ۽ بيان صرف ھوائي فائر آھن، حسين بگٽي لکيو ته جيڪڏهن سچائي سان ڪم ڪري ته سٺو ليڊر آهي، امن امان ۽ مهانگائي جا مسئلا نواز شريف کانسواءِ ڪير حل نٿو ڪري سگهي عوام جي اميدن تي پورو لهي، رضا راڄپر لکيو ته نواز شريف ايندڙ وزيراعظم ٿيندو باقي انتقام نه ڇڏيندو عمران کي جيل مان آزاد نه ڪرائيندو انتقام ضرور وٺندو، مدهوش مير لکيو ته ھي سڀ سياسي حريف آھن اليڪشن مٿان آھي، ھي سڀ ڪٺ پتليون انھن اڱرين تي نچنديون، ڪاڏي ويو قانون ڪاڏي ويا سياسي مخالف ڪاڏي ويا ته نظرياتي تڪرار وقت اچڻ تي سڀ ھڪ سيٽ تي گڏ ٿيندا آھن، موهن لال لکيو ته نواز شريف جي جلاوطني ختم ٿيڻ سٺو عمل آهي ڇاڪاڻ ته نواز شريف ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ ڪالھه واري جلسي ۾ ادارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو وچن ورجايو آهي انهي تي عمل ڪندو ته چوٿون ڀيرو به ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو، ۽ انهي حڪمت عملي تحت پاور شو ڪامياب بڻيو. وشال رٻاري لکيو ته زرداري نواز هڪ ئي سڪا جا ٻه پاسا آھن آئوٽ ڪيمرا گڏ آن ڪئميرا الڳ سياسي راند کيڏي عوام کي وري به دوکن دلاسن ۾ نعرن بيانن تي اعتبار تي مجبور ڪري ڊانسون هڻي جھومڻ تي مجبور ڪندا بس عوام جي به مجبوري آھي ٻيو ڀلا ڪنهن جي در اڳيان روئي رڙي، رياض احمد زرداري لکيو ته نواز شريف جو پرڏيھه مان واپس پاڪستان اچڻ تي هڪ وڏي تبديلي آهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ويجهو ايندئي نواز شريف کي اشارو ملي ويو آهي ملڪي اسٽبلشمينٽ کي سياست کان پري رکڻ جون وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪندڙ ميان نواز شريف ساڳي اسٽبلشمينٽ کان سياسي اين آرو وٺي وطن واپس پھچي ويو آھي،.گذريل ڏينهن واري جلسي کي ڏسي يقين ٿي ويو نواز شريف لاءِ پنجاپ جي عوام لاءِ محبت ظاهر آهي.منهنجي اندازي مطابق اليڪشن ۾ نواز شريف وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندو وفاق وري به نوازشريف سنڀاليندو نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن ۽ سنڌ ۾ ڪا تبديلي نه ايندي ڇاڪاڻ ته سڀ کي خبر آهي سنڌ ۾ ڪا تبديلي ناهي اچڻي سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ٺهي سگهندي. اياز کهاوڙ لکيو ته هر اڳواڻ اچي اهڙا ٺلها دلاسا ڏئي عوام کي چريو بنايو ويندو آهي.پر هن دفعي اهڙن اعلانن تي عوام نٿو لڳي سگهي ڇاڪاڻ عوام هاڻ سجاڳ ٿي چڪي آهي، نهڙيو ڪامل به راءِ جو اظهار ڪيو، مراد علي لکيو ته نوازشريف جي وطن واپسي به ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي باقي جلسو بھترين ڪيو اٿس نوازشريف کي ايندڙ وزيراعظم ڪيو ويندو ڊيل تحت باقي انتقام جي خبرتڏھن پوندي جڏهن وزيراعظم ٿئي، عبدالرئوف سومرو لکيو ته هي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ آيو آهي هي سڄو ڊرامو آهي نوازشريف صرف پاڪستان جي عوام کي لٽي وري ٻاهر هليو ويندو آهي، علي حسن ٽالپر لکيو ته هي سڄو ٽوپي ڊرامو آهي، عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، عبدالڪريم بلوچ لکيو ته صرف هوائي فائر ڪيو اٿس، ڄام فقير رند لکيو ته اميد ته هاڻ عوام جي خدمت ڪندو، خالد ڀائي لکيو ته چور لٽڻ لاءِ آيو آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته شايد پنهنجن غلطين مان ڪجھه سکي ورتو هجئين، قربان علي ميراڻي لکيو ته ميان نوازشريف صاحب کي رعايت ڏئي گھرايو ويو آهي لڳي ائين ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ نواز ليگ جي اقتدار حوالي ڪيو ويندو، حاڪم لکيو ته ڪجھه به نه ٿيندو بس بيوقوف پيو بڻائي عوام کي، گدا حسن لکيو ته پاڪستان کي نواز شريف جي ضرورت آهي، راحب علي گهنيو، نقاش پيرزادو، صدرالدين به سروي ۾ حصو ورتو.