دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اليڪشن کان اڳ انتظامي آفيسرز تبديل: اوهان جي علائقي ۾ نئين مقرر ٿيل ڊي سي، اي سي، ايس ايس پي، ايس ايچ او ۽ ٻين جي ڪاڪردگي ڪيئن آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته انتظامي آفيسرن جي تبديلي سان ڪا به تبديلي ناهي آئي، ڪارڪردگي زيرو آهي، سڀ وڏيرن ۽ سياستدانن جي چوڻ تي هلن ٿا عوام کي ڪو به فائدو ناهي ٿيو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ضمير انصاري لکيو ته اسان وٽ هڪ هفتي ۾ ٽن منشيات فروش تي ايس ايچ او بوزدار وڏا ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ اميد رکون ٿا ته منشيات فروش ۽ ڏوهارين خلاف ايس ايچ او بوزدار وڏا بخت شير دل ڏاهاڻي وڌيڪ ڪارروايون ڪندو جئين شهر مان منشيات ۽ ڏوهارين جو گند صاف ٿي سگهي. سمير احمد لکيو ته اليڪشن کان پهرين هر علائقي ۾ فوج مقرر ڪيو وڃي امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. فوج کي گهرائي امن ڪيو وڃي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته ڏوڪري هيڊڪوارٽر ۾ اليڪشن کان اڳ انتظامي آفيسرز تبديل ٿيا پر ڪو به فرق نه پيو، شهر جو اي سي ڪنهن ڪم جو ناهي رڳو آفيس تائين محدود آهي اي سي رزلٽ زيرو آهي ۽ هن وقت تائين پوليس اسٽيشن بنا ايس ايچ او جي هلڻ لڳي آهي جڏهن ته ڊي ايس پي بهترين ايمانداري سان ڊيوٽي ۽ شهرين سان نڀائيندو اچي پيو ۽ ڪارڪردگي بهتر آهي. سيف الله پنهور لکيو ته آفيسر تبديل ٿيڻ سٺو سنوڻ آھي،پر الائي ته ڇو آفيسر طبقو مقرري بعد جلد پيپلز پارٽي کي پيارو ٿيو وڃي، راجا امجد حسين لکيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج طوفاني دورا ڪري رهيو آهي پر دوري کان پوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه، ايس ايچ او فيض گنج جي ٿاڻي جي حد ۽ ٿاڻي جي ڀرپاسي مان چوريون معمول بڻيل آهن ،ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فيض گنج کي ڄڻ ته پنهنجي ضلعي ۾ ئي ڪونه ٿو سمجهي، ايم عارف مهر لکيو ته ڪا به تبديلي نه آئي آھي صرف پيپلز پارٽي جا ونگارو آفيسر مقرر ڪيا ويا آھن، عمران علي لکيو ته ڀلي ڪيترائي تبديل ٿين پر ھڪڙو ڪمدار ويندو ٻيو ڪمدار بڻجندو، ڪامريڊ عاشق حسين رند لکيو ته مقصودو رند ۾ چرس سوپاريو جوا جا اڏا جيئن جو تيئن هلي رهيا آهن، واحد جان حيدري لکيو ته ڪم ساڳيو آهي، پرويز جمالي لکيو ته سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ساڳئي ماني ساڳ سان، ڄام فقير رند لکيو ته مقصودو رند شهر ۾ ڪو به فرق ناهي آيو، پهريان وانگر ئي نظام هلي رهيو آهي، غريب ماڻهن کي ڪو به فائدو ناهي ٿيو، جان شهواڻي لکيو ته جيڪب آباد ۾ زيرو بهتري آئي آهي، گدا حسين لکيو ته سڀ پي پي جي راند آهي، حافظ خدا بخش لکيو ته اليڪشن ورڪ شروع ٿيڻ وقت آفيسر تبديل ڪجن ها ته بهتر ٿي ها، وقت کان اڳ بدليون ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو ايندڙ اليڪشن ۾ ساڳي سرڪاري مشينري استعمال ٿي سگهي ٿي، اياز بلوچ لکيو ته اسان جي ضلعي ڪنڌڪوٽ ۾ Ssp جو ڪارڪردگي بهتر آھي، باقي ڊي سي جا حال پورا آھن، موهن لال لکيو ته اسان جي علائقي ڪوٽ غلام محمد ۾ مقرر نوان بيروڪريٽس توڙي پوليس عملدارن اڳ جيان چپن تي زور ڏئي آرامي بڻيل آهن ۽ عوام کي انهن آفيسرن مان گهڻي اميد هئي پر آفيسرن عوام کي مايوس ڪيو آهي.پيار علي چانڊيو لکيو ته اليڪشن کان اڳ آفيسرن جي مٽاسٽا ڪرڻ باوجود قمبر ضلعي ۾ ڪا به تبديلي ناھي ٿي قتل غارت ڦرون ڌاڙا جيئن جو تيئن برقرار آھن ھر نئون ايندڙ آفيسر صرف تعارفي ميٽنگ ڪرائڻ تائين محدود آھي ضلعي اندر ڀلي ڪميشن ھولڊر آفيسر مقرر ٿي پر وري به اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ مقامي سياستدان آھن جيڪي ھر آفيسر کي پنھنجي گرفت ۾ قابو رکيون ٿا اچن، مختيار مولائي لکيو ته تنگواڻي ان جي پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ رينجرز جي اچڻ سان امن امان جي صورتحال ڪجھه ڏينهن بھتر ھئي ان کان پوءِ وري ٻيھر امن امان واري صورتحال خراب ٿيڻ لڳي ڪيترائي روز مزدوري ڪندڙ ڌاڙيلن ھٿان ڦر لٽ جو شڪار ٿيڻ لڳا، مجيب چانڊيو لکيو ته وارهه ۾ ڪا به بهتري ناهي آئي، ايم حسن کوسو لکيو ته اليڪشن کان اڳ جيڪو سسٽم ھو اھو خراب ته ضرور ھيو پر جيڪي آفيسرز بدلي ٿيا انھن اڳين آفيسرز کان به ڏھه قدم اڳيان نڪري ويا اسان جي علائقي سب ڊويزن ڳڙھي حسن ۾ مقرر ايس اچڇ اوز ۽ وڏا منشي عوامي مفاد ۾ ڪم نٿا ڪن، عبدالحئي مير لکيو ته اسانجي علائقي گهوٽڪي ۾ نگران سرڪار جو مقرر ٿيل ايس ايس پي منيرکهڙو هٽجي ويو آھي ۽ ڊي سي آغا شيرزمان پٺاڻ جي ڪارگردگي ٻُڙي آھي البته اسسٽنٽ ڪمشنر طور مقرر ٿيل عورت آفيسر ردا ظهرا ٽالپر جي ڪارگردگي سڀ کان نمايان آھي، اياز کهاڙ لکيو ته اسان وٽ سڀني جي ڪارگردگي زيرو آهي. صرف هاڻ هڪ مهينو آيل ايس ايس پي منير کهڙو نڪري ويو مٿس مبينا ڪرپشن جا الزام آهن ان کان علاوه مختلف آفيسر به ساڳي پوزيشن تي ويٺل آهن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج طوفاني دورا ڪري رهيو آهي پر دوري کان پوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه، ايس ايڇ او فيض گنج جي ٿاڻي جي حد ۽ ٿاڻي جي ڀرپاسي مان چوريون معمول بڻيل آهن ،ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فيض گنج کي ڄڻ ته پنهنجي ضلعي ۾ ئي ڪونه ٿو سمجهي، بلاول جوڻيجو لکيو ته اسان وٽ ڪنگري ۾ اي سي ۽ مختيار ته عوام ڏٺا ئي ناهن ته ڪير ۽ ڪٿان جا آهن جوائنگ ڪري گهر وڃي وهي رهيا آهن باقي پوليس ۾ ايس ايچ او جڏهن آيو آهي ته چوريون ڦرون جوا منشيات عام ٿي وئي آهي ان اڳ جي انتظاميا بهتر هئي، نماڻو نوناري لکيو ته سڀ سياستدانن جا آهن انهن جي چوڻ تي هلندا آهن، حنيف رضا بلوچ لکيو ته نالي ماتر آهن ڪو ڪم نه پيا ڪن آفيسن تائين محدود آهن، عامر مگسي لکيو ته ايس ايس پي قمبر جي بهترين ڪارڪردگي آهي، حاڪم لکيو ته ڪو به فرق نه آيو آهي صرف نال جون تبديلون آهن، محمد لائق به سروي ۾ حصو ورتو، محمد اسلم لکيو ته اهو سالن کان ٽوپي ڊرامو اڃان هلندڙ آهي باقي عوام الله جي آسري جيڪو مري جيڪو جيئي اهو انهن جو نصيب آهي، اسد زرداري لکيو ته شھر سرھاڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شھر جو ڪو به دورو نه ڪيو آھي واپاري من پسند شين جا ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آھن، سرھاڙي ٿاڻي جي حد ۽ ڀرپاسي مان چوريون ڦرون معمول بڻيل آهن ،ڊپٽي ڪمشنر به اڃان شھر جو دورو نه ڪيو آھي ايس ايس پي ضلعي ۾ ته حڪم ناما ته جاري ڪيا آھن پر انھن تي عمل ڪجه به پيو ٿئي صرف حڪم ناما جاري ٿيا آھن سرھاڙي ٿاڻي تي ته وڏيرا ڪنھن آفيسر کي پنھنجي مرضي سان ڪم ڪرڻ ڇڏين به ڪو نه ٿا اگر ڪا ڪاروائي ٿئي ٿي ته ٻئي ڏينھن اھو آفيسر بدلي ٿيو وڃي مزي جي ڳاله ھي آھي ته سرھاڙي ٿاڻي تي نگران حڪومت ۾ ٻن مھينن ايندر ڏھن کان مٿي ايس ايچ اور تبديل ڪيا ويا آھن، اسد علي لکيو ته سڀ پ پ جا آهن، نصرالله لاشاري لکيو ته صرف ڪمداري پئي ٿئي، شاهد شر لکيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر نارا طوفاني دورا ڪري رهيو آهي پر دوري کان پوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه، ايس ايڇ او سوراهه ٿاڻي جي حد ۽ ٿاڻي جي ڀرپاسي مان چوريون معمول بڻيل آهن ،ڊپٽي ڪمشنر خيرپور نارا کي ڄڻ ته پنهنجي ضلعي ۾ ئي ڪونه ٿو سمجهي، يار محمد ميمڻ لکيو ته ڪم ساڳيو آ بس چھرا تبديل ٿيا آھن، ونود ڪمار لکيو ته غريبن جي پويان هٿ ٻڌي پئجي ويا آهن، وڏيرن خلاف ڪجهه نٿا ڪن، علي حسن ٽالپر لکيو ته هتي ته صرف نالي جي اليڪشن ٿيندي آهي باقي ته سليڪشن ٿيندي آهي، صرف چهرا تبديل ٿيندا آهن، عوام کي ڪو به فائدو نٿو پهچي. ولي محمد رڏ، ذاڪر علي گجراڻي، عبدالعزيز چانڊيو، نصرالله چانڊيو، منير احمد شر به انتظامي آفيسرن جي ڪارڪردگي زيرو قرار ڏني.