سوال/سروي … نئون سال، نيون اميدون: سنڌ خوشحال ٿئي، امن هجي، مهانگائي ۽ بيروزگاري نه رهي: عوام

0
18

 ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نئون سال ، نيون اميدون: سال 2025ع لاءِ اوهان جون ڪهڙيون خواهشون آهن ؟  جنهن تي سروي ۾ عوام پاران پنهنجي خواهشن جو اظهار ڪيو ويو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد علي جوکيو لکيو ته نئون سال شال سنڌ ۾ ميرٽ جو سال ثابت ٿئي، ڪرپشن جو خاتمو اچي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ذھين غريب نوجوانن سان ناانصافي ڪري نوڪريون پئسن تي وڪرو ڪرڻ وارو سلسلو ختم ٿئي ۽ نوجوانن کي سندن محنت جو پورو حق بنا ڪنھن رشوت ۽ سفارش ملي سگھي، شال سڄي سنڌ جا تعليمي ادارا بھتر ٿين ته غريبن جا ٻار تعليم سان عزت ۽ وقار ماڻين. منصور علي سومرو لکيو ته نئين سال 2025 مان اميد ڪريون ٿا ته هن ملڪ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ خوشحالي کڻي ايندو نئين سال ۾ بيروزگاري، مهانگائي، بيروزگاري، ختم ٿيندي هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي نئين سال مان چڱيون اميدون ٿينديون. منظور علي زرداري لکيو ته اميد ته نئون سال خوشيون آڻيندو، سارنگ منير سومرو لکيو ته ھر سال جيان ھن سال ۾ به اميدون آھن ته نئون سال سنڌ لاءِ امن سلامتي ۽ خوشحالي جو ثابت ٿيندو، ايم صفر گوپانگ لکيو ته اسان وٽ صرف سال بدلبو آهي باقي حالتون ساڳيون هونديون آهن دنيا جا سڌريل ملڪ نئين سال ۾ نوان ڪارناما سرانجام ڏئي باقي دنيا کي حيرت ۾ وجهندا آهن پر پاڻ وٽ ناقص حڪمراني جي ڪري اها ئي ڪرپشن، لاقانونيت، بدامني، بجلي، گيس جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي، صحت ۽تعليم جي سهولتن جو فقدان برقرار رهندو پيو اچي تنهن ڪري نئين سال جي آمد بلڪل هن شعر وانگر آهي ته

نه سوچ بدلي نه خيال بدليو

فقط ڪلينڊر ۾ سال بدليو

رجب بوزدار لکيو ته نئين سال 2025 مان اها اميد ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ٿئي ۽ ملڪ مان مهانگائي سميت دهشتگردي جو خاتمو ٿئي، جڏهن ته سنڌ مان بيروزگاري جو خاتمو ٿي ۽ سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙا بند ٿين، علي محمد کوسو لکيو ته نئين سال جي آجيان ان اميد سان ته انشاءَالله سنڌ ڌرتي جي غدارن جو اڳئي کان به وڌيڪ جيئڻ جنجال ڪنداسين..ڌرتي مٿان ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائينداسين، سيد ظاهر حسين ڪاظمي لکيو ته سال گذرڻ سان ڪو واضح فرق ناهي ايندو، انسان کي پاڻ تبديل ٿيڻ گهرجي، مظهر علي ٻجورو لکيو ته 1947کان وٺي سنڌ جا نه اباڏاڏا خوش مزاج واري زندگي گھاري سگھيا نه ئي سنڌ جي جديد نسلن کي ڪا سھولت يا روزگار وغيره ميسر رھيو پر سال 2024۾ خاص طور سنڌو درياھ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ حوالي سان ڪافي خطرناڪ ثابت ٿيو، اميد ته قوم ڪئنال خلاف نئون سال اثرائتو ثابت ٿيندو، طاهر عطا دل لکيو ته نئين سال جي تعليم جو سال طور ملھايو وڃي ۽ھر ٻار اسڪول ۾ ھجي عنوان ھيٺ تعليمي جاڳرتا مھم ھلائي وڃي، شبير لغاري لکيو ته شال نئون سال سنڌ لاءِ سڀاڳو ثابت ٿئي. سنڌي شاد ۽ آباد رهي. سنڌ جا پورهيت، مزدور، هاري، مارو خوشيون ماڻين. اسان جا ٻارڙا تعليمي حوالي سان سرخرو ٿين. سنڌ جي ادارن ۾ اهليت، قابليت جو قدر ٿئي. شل هي ايندڙ نئون سال اسان سڀني لاءِ سڻائو ٿئي. نادر مستوئي لکيو ته نئون سال 2025 ۾ اميدون ۽ دعائون آھن ته ملڪ جي سياستدانن کي غريب عوام تي رحم اچي مفاد پرست ٿيڻ بدران ملڪ پرست ٿين جيئن ملڪ ۾ ترقي خوشحالي اچي سگهي، اڪرم علي چانڊيو لکيو ته نئين سال 2025 مان اها ئي اميد رکون ٿا ته سٺو ڪو ليڊر اچي جيڪو مظلوم جي ڏک درد کي سمجهي سگهي، حاجي جکرو لکيو ته سستي تعليم، روزگار، انصاف، امن، صحت، سميت سنڌ جي پاڻي جا مسئلا حل ٿين، منور علي راھوڪڙو لکيو ته نئين سال جي آمد جي موقعي تي اھا اميد ٿا ڪريون ته شال 2025ع جو صبح سنڌ ڌرتي ۽ سنڌو درياهه جي لاءِ ڪو ڀاڳن ڀريو ثابت ٿئي ۽ سنڌو جون موجون تا قيامت تائين قائم رھن، مير وسيم عباس لکيو ته ملڪ ۽ سنڌ لاءِ بهترين ۽ خوشحالي وارو سال ثابت ٿئي، يوسف جميل لکيو ته سنڌ مٿان جيڪا ڪاري رات ڇانيل آهي. بس اها ختم ٿئي ۽ هي ديس نئين صبح جو سج ڏسي. جنهن ۾ هر طرف محبتن جا گيت هجن ۽ اسان جي ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون هجن. ڌڻي ڪري 2025 اهڙو سال ثابت ٿئي اسان سڀني لاءِ، گل حسن شر لکيو ته اميد ڪھڙي رکون صرف سال بدليو آھي نظام يا حڪمران نه انھن جون پاليسيون نه ڪئلينڊر ۾ صرف ھڪ سال اڳتي ٿيو آھي، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته غريب ماڻھو لاءِ اٽي لٽي ۽ اجھي وارو خواب ساڀيان ٿي پوي ۽ اکڙيل روڊن تي حادثي جو شڪار بڻجي ڪو ڳڀرو پنھنجي جيجل جي جھولي خالي نه ڪري. مرتضيٰ حسين خاصخيلي لکيو ته مالڪ نئين سال هڪ ڀيرو ٻيهر عمرو نصيب ڪري، گووند ميگهواڙ لکيو ته نئون سال امان ۽ بابا سائين جي خوشين ڀري زندگي جي نانءُ، شفقت جروار لکيو ته سال 2025 انهي اميد سان ته هي سال پوري ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن لاءِ سٺو ساڀيان ثابت ٿئي، جاويد لاشاري لکيو ته والدين سميت مديني واري سائين جو ديدار ۽ ڪا سٺي نوڪري، ساحل عالياڻي لکيو ته نئون سال شل عوام لاءِ بهتري کڻي اچي ۽ مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهيل عوام شال ڪو سک جو ساھ کڻي، سجاد يوسف سومرو لکيو ته حالتون ڏينهون ڏينهن بدتر ٿينديون پيون وڃن، سنڌ جي هزارين نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، مهانگائيءَ اڃان وڌندي، هيل رمضان ۾ واپاري غريب ماڻهن جو جيڪو رت چوسيندا اهو دنيا ڏسندي، هن وقت جيڪا نارنگي 100 ڪلو آهي اها 300 روپيا ٿيندي. يوٽلٽي بلن ۾ اڃان واڌ ٿيندي، ٽيڪس ڏينهون ڏينهن وڌندا، سال 2024 جي مقابلي ۾ ايندڙ سال بجليءَ جو بحران اڃان وڌندو. بيروزگاري سبب چوريون ۽ ڌاڙا وڌندا ويندا. باسط سومرو، فقر محمد امين مڱريو به سروي ۾ حصو ورتو، موهن لال لکيو ته نئيم سال جي خواهش آهي ته ملڪ ترقي ڪري سنڌ خوشحال خطو ٿي اُڀري، امن ڀائچاري قائم دائم رهي، راشد ڀٽي لکيو ته نئين سال ۾ اچ ته نئون نئين لاهيون جي عنوان سان شروعات جي اميد ڪيون ٿا گذريل سال جي ڏنل ڏکن تڪليفن کي وساري نئين سال ۾ نئون نينهن لڳائي اميد رکيون ويٺا آهيون ته مالڪ سائين سڄي سنڌي قوم سميت اسان لاءِ هي سال رحمتن برڪتن ۽ ڀائيچاري وارو آڻي ڏکن جي پڄاڻي ٿيئي وري مھراڻ موجن ۾ هجي اسان به موج ڪيون. شنڪر لال لکيو ته اميد آھي نئون سال بهترين ھوندو…حافظ اي بي سڪندري لکيو ته باري تعالي والدين سان گڏ گنبد خضراء جي حاضري نصيب فرمائي، قاسم خاصخيلي لکيو ته خوشحالي امن هجي ۽ منشيات کان پاڪ سنڌ هجي سدا، اشفاق چانڊيو لکيو ته سنڌ وڏيرن پيرن ميرن ڀوتارن کان آجي ڪرائنداسين، علي بخش شر لکيو ته نئون سال نه سوچ بدلي نه خيال بدليو فقط ڪئلينڊر ۾ سال بدليو اسان جي سنڌ جو نه حال بدليو، فاروق بهڻ به سروي ۾ حصو ورتو، عمير سنڌي لکيو ته منهنجي خيال ۾ سنڌي ماڻهو جي ڪابه خواهش ناهي بس ضرورتون پوريون ٿيڻ گھرجن بھتر تعليم بھتر صحت ۽ روزگار .علي اڪبر چنا، بشير ميراڻي، امير جان مگسي، عبدالستار انڙ، نماڻو نوناري، نور محمد، شاهين سومار به راءِ جو اظهار ڪيو، ارشاد ميراڻي لکيو ته نئين سال 2025 جي آمد سان گڏ سڀني لاءِ نيون اميدون، خوشيون ۽ امن جون دعائون آهن. سنڌ جي لاءِ منهنجي دل ۾ اها ئي خواهش آهي ته هي سال امن، سڪون ۽ ڀائيچاري جو پيغام آڻي. اسان جي سرزمين جيڪا ثقافت، محبت ۽ مهمانوازي جي سڃاڻپ رکي ٿي، ان ۾ امن قائم ٿيڻ لازمي آهي. آغا اطهر سهتو لکيو ته نئين سال 2025 جي شروعات سان اهو چوندس ته هن وقت دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي پئي ڪري نوان لاڙا متعارف ڪرائي پنهجي قومن عوام کي سهولتون فراهم ڪيو پيون وڃن پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ اڄ به قبيلائي جهيڙا ڪچو ڌاڙيلن حوالي اغوا ڦرون ڌاڙن جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي، اسان جي سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آهي قدرتي گيس ڪوئلو سميت ٻيا معدني وسيلا آهن پر ان باوجود سنڌ جا ماڻهو بيروزگاري بک بدحالي جو شڪار آهن معياري تعليم کان محروم آهن، سنڌ جا حال ساڳيا آهن روڊ رستا گهٽيون تباهه بڻيل آهن، اڪرم علي چانڊيو، ميمڻ عديل احمد، ظهور ڀٽي، امر آڪاش لاکو، عابد حسين مگسي، شاهزيب زادو، خاموش خليل شر به سروي ۾ حصو ورتو، عامر علي جوڳي لکيو ته نئين سال ۾ اميد ٿا ڪريون ته ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن ۽ ادارن جو خاتمو ٿيندو، وڏو انقلاب ايندو، امن امان، قبيلائي جهيڙا ختم ٿيندا، تعليمي نظام ۾ بهتري ايندي ۽ هڪ جنت جهڙو ماحول هوندو، سيال غلام الله لکيو ته خيرپور ضلعي لاءِ سال 2024ع سٺو نه رهيو،  پر سال 2025 مان امن، ترقي، خوشحالي، محبت جون اميدون رکجن ٿيون، الھ بخش کوسو، عبدالله ايس متوئي، سرمد گاڏهي، زاهد علي انڙ، محبتي مڪيش جيپال، نواز علي ڪلهوڙو، امتياز لغاري، ايم اقبال راڄپر، محمد پريل گهوٽو، سومار شر، جهانگير عباسي، علي شير ڪنڀر، محمد اسلم، علي گل لغاري، ڪفايت علي سنڌي، ممتاز علي سميجو، شڪيل عاجز جمالي، مڌن گوپال، جاويد جمالي، منير احمد منتظر، سليم رضا شيخ، عبيدالله بروهي، بدرالدين سرهيو، غلام حيدر بالادي، امداد علي، ڌڻي بخش نصيراڻي، حماد نهڙي، معشوق ڏاهاڻي، ماجد علي، وقاص ياسين آرائين، فهيم خان، سهيل احمد رند، محمد يوسف لغاري، مظفر شبير بوزدار، ايم اسماعيل پنهور، ظهور ڀٽي، اياز کهاوڙ، اصغر حسين، عرفان لغاري، حافظ راڄپر، مسرور شر، وقار علي، سڪندر علي گرگيج، عبدالڪريم ڀنڀرو، فقير سهراب رڪ، منور ناٿو به سروي ۾ حصو ورتو.