سوال/سروي مڪاني چونڊن: پ پ ساڳيا ماڻهو سامهون آندا آهن، نوجوان به ميدان تي لٿا آهن، سخت مقابلا ٿيندا: عوام

0
32
سوال/سروي مڪاني چونڊن: پ پ ساڳيا ماڻهو سامهون آندا آهن، نوجوان به ميدان تي لٿا آهن، سخت مقابلا ٿيندا: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار پاران عوام کان سوال ڪيو ويو ته مڪاني چونڊون: اوهان وٽ ڇا صورتحال آهي؟ ڪنهن جو ڪنهن سان مقابلو ٿيندو؟ ڇا سياسي پارٽين پاران سٺن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پ پ ساڳيا اميدوار سامهون آندا آهن، مڪاني چونڊن ۾ سٺا مقابلا ٿيندا، نوجوان به ميدان تي لٿل آهن، اهو به چيو ويو ته پ پ اميدوارن جو پ پ اميدوارن سان ئي مقابلو ٿيندو، پ پ مخالفن جا فارم رد ڪرايا پيا وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رزاق بجير لکيو ته ٿر ۾ اربابن ۾ ڪاڪي ڀائٽي جي الڳ ٿيڻ بعد پ پ مخالف جھيڙو ختم ٿي ويو آھي. سوشل ميڊيا جي انقلاب بعد نوجوانن ۾ بلدياتي چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ جي سڄي سنڌ جيان ٿر ۾ به تبديلي آئي آھي. جن بلدياتي اليڪشن ۾ حصو ورتو آھي نوجوانن، تقريبن سڀني جي خواھش آھي پ پ جي ٽڪيٽ ملي. انھن کي فيس بڪ تي جيترا ڪمينٽ ملن ٿا تن جي 5 حصي جا به ووٽ مشڪل ملن. ٿر ۾ جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ ٻين پارٽين سوڌو آزاد اميدوار بيٺل رھندا. خاص تبديلي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي.

محسن ملاح لکيو ته محرابپور ۾ شهري اتحاد ۽ پ پ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو، پ پ ۽ شهري اتحاد پاران هر وارڊ تي بهترين اميدوار بيهاريا ويا آهن شهر جا 16 وارڊ آهن تن ۾ شهري اتحاد جي ماضي جيان پوزيشن مضبوط لڳي پئي، پ پ پاران کٽڻ لاءِ نهن چوٽي جو زور لڳائي سرسي حاصل ڪرڻ جو دعوائون ڪيون پيون وڃن وڌيڪ صورتحال ڪجھه ڏينهن اندر واضع ٿي ويندي، بابر وساڻ لکيو ته دوڙ تعلقي اندر هن وقت پيپلزپارٽي اڳيان نوجوان آزاد اميدوار طور سامهون اچي ويا آهن، اصل مقابلو پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ ٿيندو ان کانپوءِ قومپرست ۽ مذهبي ڌريون پڻ ميدان تي لٿل آهن، عابد ڀٽي لکيو ته عمرڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي سان مقابلي ڪرڻ جهڙا اميدوار نه آھن جي ڊي اي پاران ڪجهه پينل به مخصوص يوسين تي آهن، رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج ۾ پيپلز پارٽي ۽فنڪشنل مسلم ليگ وچ ۾ مقابلو ٿيندو رهيو آهي پر هن ڀيري مختلف پارٽين برادري پاران پنهنجا اميدوار آندا ويا آهن جنهن ڪري ٻنهي پارٽين جا ووٽ ورهائجي ويندا، سوشل ميڊيا تي ٽڪيٽون نه ملندڙ اميدوار پنهنجي ئي پارٽي خلاف تنقيد ڪندي نظر اچن ٿا،  عزادار بخت گوپانگ لکيو ته اسان جي شهر قمبر ۾ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو ڪجهه آزاد اميدوار به مضبوط نظر اچي رهيا آهن،

شيراز چانگ لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ۾اسان وٽ يوسي نصير خان چانگ ۾ پ پ سان راڄوڻي اتحاد جو سخت مقابلو آھي، مدثر کهاوڙ لکيو ته گاجي کهاوڙ ۾ چانڊيا ڀائرن ۽ مگسي ڀائرن جي حمايتن ۾ سخت مقابلو آھي. ساجن پرمار لکيو ته باقي ھن واري وڏو تعداد آزاد اميدوار لٿل آھن، جنھن مان گھڻا ته پ پ جي جھولي ۾ ڪرڻ وارا آهن، حسين ٽانوري لکيو ته پارٽين پاران سٺن ماڻھن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي بوزداروڏا ۾ اھي سٺا ماڻھو آزاد پينل ٺاھي پارٽي سان مقابلو ڪري رھيا آھن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ پ پ سان سخت مقابلو آهي لڳي ٿو ته آزاد اميدوار کٽي ويندا. شاهزيب وزير سولنگي لکيو ته ڊسٽرڪٽ نوشهرو فيروز يوسي دليپوٽا جئين اسان پيدا ٿيا آهيون اسان پنهنجي يوسي دليپوٽا ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڏٺي، چيئرمين جي سيٽ ساڳين ماڻهن کي ملي رهي آهي، صفدر علي لغاري لکيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏاڍو دلچسپ ماحول آھي، پيپلز پارٽي جي سامهون جي يو آءِ، آزاد اميدوار، جي ڊي اي پنهنجا اميدوار بيهاريا آھن نوجوانن پنهنجا اتحاد ٺاهي ڇڏيا آهن.

خاموش خليل شر لکيو ته ڪرونڊي فيض گنج ۾ پ پ۽ سامهون GDA جا اميدوار آھن ٽائونن ۽ يوسين تي سخت مقابلي جا امڪان آھن، ظهور ڄام خاصخيلي لکيو ته بدين ضلعي ۾ هن وقت تائين صرف گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن گذريل اليڪشن م جن اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون ويون هيون انهن چونڊيل نمائندن عوام کي بلڪل مايوس ڪيو آهي عوام کي گهرجي تي سوچي سمجهي پوءِ ووٽ جو استعمال ڪري، الله جڙيو چانڊيو لکيو ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه آهن،آسودومل لوهاڻو لکيو ته پٿورو ۾ پيپلز پارٽي اڃا تائين اميدوارن جو اعلان ڪونه ڪيو آھي باقي مختلف پارٽين پنهنجا ڪمزور اميدوار لاٿا آھن، ريان گل به سروي ۾ حصو ورتو، جنيد جمالي لکيو ته حڪومت ۾ ويٺلن سان ڪھڙو مقابلوٿيندو. خادم رند لکيو ته مجموعي طور پيپلزپارٽي کٽيندي باقي ان پارٽي وٽ ڪيترا سٺا ماڻهو آھن تنھنجي سڀني کي خبر آھي، اشفاق چانڊيو لکيو ته نصيرآباد ۾ پ پ وارن سان سخت مقابلي ۾ پي ٽي آءِ ورا لٿل آهن، امير حسين جلباڻي لکيو ته ضلعي عمرڪوٽ جي يوسي شھيد مائي بختاور ۾ پي ٽي آءِ ۽ پ پ جي اميدوران جو مقابلو ٿيندو، ۽ ڀرواري يوسي ٽالهي ۾ به پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۽ مختلف جماعتن جا 44اميدوار هڪ ئي يوسي ۾ ميدان تي لٿل آھن.

راجا مهر لکيو ته گهوٽڪي ۾ جي يو آءِ مهر گروپ ۽ پ پ ۾ مقابلو ٿيندو، الياس سمون لکيو ته ٺٽي ضلعي اندر شيرازي ڀائرن جي پ پ سان ايگريمنٽ کان پوءِ پوري ظلعي اندر ڪا به اپوزيشن ناھي تقريبن سيٽون بنا مقابلي اچڻ جا چٽا امڪان آهن، راشد جمالي لکيو ته سڪرنڊ يوسي حسن جمالي ۾ پ پ، پي پي ٽي آءِ جو سخت مقابلو ٿيندو پ پ طرفان پنج سال پهريان گم ٿيل ماڻھن کي ۽ ٽڪيٽون ڏنيون آھن، شنڪر باغي لکيو ته اسان وٽ اڳ به پ پ جو پ پ  سان مقابلو ٿيو هو، اسد ماڇي لکيو ته ڄامشورو ۾ اميد ته سٺن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون، سڪندر علي لکيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ  پراڻن بدران نون ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن جيڪي فارم بحال ٿيڻ کان اڳ ۾ هٿ کڻي ويا، برڪت علي مهر لکيو ته گهوٽڪي ۾ جي يو آءِ مهر گروپ جي ڊي اي جو اتحاد آهي پ پ کي ٽف ٽائيم ملندو، نادر ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻو ۾ پ پ ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جو ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو جڏهن ته پي ٽي آءِ هن وقت تائين واضع طور تي اميدوار نه آڻي سگهي آهي، وقاص ياسين آرائين لکيو ته ڦلجي اسٽيشن جي سياسي صورتحال تي ڇا ڳالهايان ، لفظ ناهن مون وٽ، محمد الياس شر لکيو ته ميرپور خاص ۾ ساڳي ناني ساڳيا ڏوھٽا پيپلز پارٽي وارا بنا مقابلي پيا کٽن سامھون ڪير آھي به ناهي، بابر چانگ لکيو ته ماتلي تعلقي ۾ پيپلز پارٽي جو عروج آهي، باقي آزاد اميدوار بيهي هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندا،

سيف الله سيف لکيو ته فيض گنج ۾ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ ۾ مقابلو آهي، امير حسين جلباڻي لکيو ته ضلعو عمرڪوٽ پ پ کٽي ويندي، ممتاز علي سميجو لکيو ته اسان وٽ ضلعي سجاول ۾اڃا پيپلز پارٽي طرفان ٽڪيٽن جي ورهاست ناهي ٿي سگهي باقي سامهون مقابلي لا ڪو به سگهارو اميدوار ناهي، منيش واسو لکيو ته اسان وٽ مٺي ۾ ھڪ وارڊ تي 56 ڄڻن فارم ڀرايو آھي ڪنهن ڪنهن کي ھٿ کڻائيندا. هن ڀيري نوجوانن کي وارو ڏنو وڃي، محمد آچار درس لکيو ته تعلقي کپري ۾ پيپلزپارٽي هر يوسي ۾ تقريبن ساڳيا اميدوار ميدان ۾ لاٿا آهن جن گذريل چار سالن جي اندر پنهنجا نوازي کانسواءِ ڪو به ڪم نه ڪيو آهي هن واري جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف ٽف ٽائم ڏينديون، طارق باجڪاڻي لکيو ته اسان وٽ ضلعي ڪشمور ۾ پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ ايندڙ اميدوارن جا فارم اڪثر ڪري رد ڪيا وڃن ٿا، وحيد ڄامڙو لکيو ته تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ جي ڊي اي ۽ پيپلزپارٽي ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيندو، مير سڪندر سولنگي لکيو ته ڄامشوري ۾ اڃا ٻيو مرحلو شروع ناھي ٿيو، اظهر علي لکيو ته وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي تڪ سيوهڻ ۾ سٺو مقابلو ٿيندو،

مسرور شر لکيو ته فيض گنج ۾ پ پ طرفان پنھنجا نوازيا ويا آھن، ثناءُالله چنا لکيو ته يوسي کرڙاهه تعلقي ميرواهه تي سياسي پارٽين آزمايلن اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن ڪو به نئون اميدوار ناهي، دادالله بلوچ لکيو ته سانگهڙ ۾ وڏو مقابلو ٿيندو، سيف الرحمان مري لکيو ته نوشهرو فيروز ۾ سخت مقابلا ٿيندا، مير مهراڻ علي گبول لکيو ته پ پ مورو ۾ پئسن وارن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن، فضل سبزوئي لکيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ايس يو پي پاران چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي سردار بتال ٿي ويا آهن فارم رد ڪرايا پيا وڃن، يعقوب کوسو لکيو ته اسان وٽ ۾تلهار ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو پيپلز پارٽي سان ٿيندو، خليق الزمان لکيوته جيڪو پ پ سامهون فارم ڀرائي ٿو، پوليس ان کي پڪڙي ٿي وڃي، محمد الهيار لکيو ته ميرپور ماٿيلو يوسي واھي گھوٽو ۾ پ  پ پاران ورڪرن کي سائيڊ ڪري من پسند وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آھن،

مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته سڪرنڊ جي آسپاس صورتحال دلچسپ آهي، پھريون دفعو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پي ٽي آءِ جو گڏيل اتحاد پيپلز پارٽي سان مد مقابل آهي، مبين اڄڻ لکيو ته شھر کھڙا ۾ ھن دفعي پيپلزپارٽي جي مقامي وڏيرن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڪافي سارا نوان چھرا چونڊ ميدان ۾ لٿل آهن، جبار لغاري لکيو ته خيرپور ضلعي جي ڪنگري تعلقي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ۽ پ پ پ جا اميدوار مقابلي ۾ بيٺل آهن عوام جو لاڙو پيپلزپارٽي ڏانهن گهڻو پيو نظر اچي، شاهد ڏاهري، مير خان جنجهي، صدام سنڌي، سنتوش ڪمار، شبير سهتو، عبدالرحمان چانگ، ياسر کٽياڻ، عثمان سنڌي،  صاحب خان ڪلمتي، عبدالرشيد ٻگهيو، ايم عيسيٰ لنڊ، قادر بخش زئور، سيف مستوئي، فيض احمد، ڊاڪٽر خليق زمان، وقار حسين، عمران شر، ساجن پرمار، ايم ڪي چانڊيو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، الهڏنو راهمون ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.