سوال/سروي … مڪاني ادارا ڪرپٽ قرار، فنڊ وڏيرن جي بنگلن حوالي، بنيادي سهولتون ناهن، چيئرمينن جو احتساب ڪيو وڃي: عوام جو مطالبو

0
19

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مال مفت ، دل بي رحم: مڪاني ادارا سنڌ جي هڪ کرب 60 ارب بجيٽ تي چٽي: روڊ ڀڳل، ناليون اٿليل، گٽر کليل، اسٽريٽ لائيٽون غائب: مڪاني ادارن جي چيئرمينن جو احتساب ڪيئن ٿيندو ؟ اوهان جي علائقي ۾ سهولتون مليل آهن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مڪاني ادارن ۾ ڪرپشن کانسواءِ باقي ڪم نٿو ٿئي، پئسو وڏيرن جي بنگلن تي پهچايو وڃي ٿو، عوام بنيادي سهولتن لاءِ پريشان آهي، مڪاني ادارن جي فنڊن جي جاچ ڪري چيئرمينن جو احتساب ڪيو وڃي، بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، چونڊيل نمائندن به ووٽ وٺڻ بعد غائب ٿي ويا آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته رڳو گھپلا آھن. احتساب ته عوام ڪري سگھي ٿو پر ووٽن واري وقت ۾ وڪامجڻ به ھڪ وبا آھي. سارنگ منير سومرو لکيو ته چيئرمين سسٽم ئي سسٽم جي ماڻهن کي ڀتو ڏيڻ لاءِ آھي جنهن جو سنڌ سان ڪو به واسطو نه آھي صرف ماھوار ڪرپشن جو حصو کڻو ۽ سسٽم جو حصو رھو، حاجي جکرو لکيو ته سيوريج نظام ناڪاره هجڻ جي ڪري جهمپير شهر ۽ ڀر پاسي جي بدبودار گهٽين جو حال ڏسي به چونڊيل نمائنده چپ آهن، ايندڙ بلدياتي الڪيشن ۾ وري ڪنهن نئين ڪوڙي راڳ ڏيڻ سان راڄن ۾ لهي وري ووٽ وٺڻ لاءِ ساڳيان چهرا چونڊن ۾ ورڪ ڪنداا ۽ اسين تاڙيون وڄائي انهن کي ڪامياب ڪندا سين ۽ دانهون به دل کولي ڪنداسين، فاروق بهڻ لکيو ته اسان جي يوسي شاھه سڪندر آباد گذريل 2022 جي ٻوڏ کان مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي، اسان يوسي چيئرمين جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي علائقي ۾ 3 سالن کان پاڻي ناهي ڪڍرايو، بلال ميمڻ لکيو ته جيڪب آباد ته مڪمل تباھه ٿي ويو آهي، موهن جو دڙو به اسان جي شهر کان ڀلو هوندو ، خادم لکيو ته ڳوٺ ڀيلار (وڏا) يونين ڪائونسل گڏيجي تعلقي صوڀوديرو جي ڊرنيج اسڪيم ڪيترن سالن کان ناڪاره بڻيل آهي، گندو پاڻي بيهڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي به خراب هجڻ ڪري اکين ۾ خارش، پيٽ ۾سورهجڻ جا مرض جنم وٺي رهيا آھن، اسڪول، اسپتال، مسجد، قبرستان ويندڙ رستا گندي پاڻي سان ڀريل رهن ٿا، ڳوٺ جي اسپتال ڪچرا ڪنڊي جو ڏيک ڏئي رهي آھي،گرلس پرائمري اسڪول ۽بوائز پرائمري اسڪول جا ٻار وڻن هيٺان پڙھي رهيا آھن، اسان ڳوٺاڻا يونين ڪائونسل چيئرمين ،ايم اين اي،ايم پي اي،وزير اعليٰ سنڌ، وزيراعظم پاڪستان ۽ صدر پاڪستان کي عرض ٿا ڪريون ته ڳوٺ ڀيلار وڏا سان ماٽيلي وارو سلوڪ ختم ڪيو وڃي، بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، جمشيد علي لکيو ته نوشھروفيروز شھر کي تباھه برباد ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناھي ڇڏي، چيئرمينن وڏي ڪرپشن ڪئي آهي، افسوس ڪير ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناھي، شھر جي ھر گلي ھر روڊ رستي تي گندگي جا ڍير آهن، سمير احمد لکيو ته اسان جي علائقي واهي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي ۾ ترقياتي ڪم زيرو آهن. خالد نوتڪاڻي لکيو ته چيئرمين سسٽم ئي صرف پنھنجا نواز سسٽم آهي، شھر جا گٽر روڊ رستا ھنڌان ھنڌان ٽٽل اھو حال آهي سڄي سنڌ جو، محمد ايوب لکيو ته ماٺ ڀلي آھي روئجي اتي جتي ڪو لڙڪ اگھڻ وارو ھجي درد پڇي دلاسو ڏي، ھتي اھا اميد ئي نظر نٿي اچي؟ عبدالله ميمڻ لکيو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي بجيٽ الڳ آ. يوسي جي الڳ سڀ پئسا پگھارن ۾پورا آهن. هڪ ملازم ڪم ڪونه ڪندو آ. اياز علي راهوجو لکيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو ويو آھي روڊ رستا بلڪل ٽٽل آھن، سيوريج سسٽم به ناڪاره بڻجي چڪو آهي، اسان پپري بن قاسم ٽائون ڪراچيءَ جا رھواسي آھيون اسان جي علائقي جو ڪو به مالڪي ڪرڻ وارو ناهي، اياز ستار پنھور لکيو ته ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جو به اهو ئي حال آهي سڄو مال وڏيرن جي بنگلن تي خرچ ٿي ويو، نماڻو نوناري لکيو ته ڪٿي به ڪم نٿو ٿئي، مظور علي ڀاڳت لکيو ته کائي ويا، برڪت علي لغاري لکيو ته ڪاڇو هئيروخان 15 سالن کان تباھه، نه روڊ نه اسپتاله نه اسڪول نه بجليه بجيٽون پاڻ ڳڙڪائي وڃن ٿا، ڪامران کوکر به سروي ۾ حصو ورتو، شاهد بلوچ لکيو ته چيئرمين سسٽم ئي سسٽم جي ماڻهن کي ڀتو ڏيڻ لاءِ آھي جنهن جو سنڌ سان ڪو به واسطو نه آھي صرف ماھوار ڪرپشن جو حصو کڻو ۽ سسٽم جو حصو رھو، حافظ راڄپر لکيو ته رڳو گھپلا آھن. احتساب ته عوام ڪري سگھي ٿو پر ووٽن واري وقت ۾ وڪامجڻ به ھڪ وبا آھي. غلام حيدر به سروي ۾ حصو ورتو، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته لاڙڪاڻي جي ترقيءَ خواب بڻجي وئي.؟ لاڙڪاڻي شهر جي اڪثر علائقن ۾ ورهين کان گٽر نالن کي ڍڪڻ نه هجڻ توڙي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊرينج نظام ناڪاره هئڻ ڪري شهر ۾ گندگي وڌي وئي آهي، لاڙڪاڻي جا رهواسي سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. هڪ طرف ضلعي انتظاميه بيوس بڻيل ته ٻئي پاسي چونڊيل نمائندا رڳو اعلانن تائين محدود؟. ڪنهن در ڏجي دانهن.. جاويد جان ڪيريو لکيو ته سنڌ جا مسئلا اهي آهن جيڪي ڪير به حل ڪري نه سگهيو آهي عدالتن ۾ انصاف پيسن تي پوليس ۾ غريب لاءِ هڪڙو قانون ۽ امير لاءِ ٻيو، تعليم ۾ پيسن تي نوڪريون ۽ مارڪون به پيسن تي، سرڪاري اسپتالون ڪوس گهر آهن، زراعت تباهه آهي، شاهد حسين چانڊيو لکيو ته اسان جي علائقي احمد علي ڪالوني ميهڙ ۾ تقريبن پندرنهن سالن کان پيپلز پارٽي سرڪار جي حڪومت قائم رهي آهي جنهن ۾ نه فقط رهواسين کي روڊ جي سھولت کان محروم رکيو ويو آهي پر لائيٽنگ سسٽم نه هجڻ سان گڏ گهٽين ۾ گند ڪچري جا ڍير پڻ هجڻ ڪري بيماريون ڦيليل آ هن، ووٽ وٺڻ کانپوءِنمائنده مالڪي ئي نٿا ڪن، عبدالله کوسو لکيو ته اسانجي تعلقي مورو جا سمورا روڊ اکڙيل آهن ڪابه سھولت ميسر ناھي، يوسين ۾ ايندڙ پئسا سياسي هائوسن تي پهچايا وڃن ٿا، عوام کي ڪو به فائدو ناهي ڏنو ويو، الهداد سرهاري لکيو ته اسان وٽ سرھاري ويجھو يوسي گل محمد لغاري يوسي آھي، ان جي آفيس جي باقي ڪجهه ناهي، گذريل 2022 واري ٻوڏ ۾ ڪيتريون ئي بجيٽون ھڙپيون ويون سواءِ في گھر کي مڇر داني کان ٻيو ڪجھه نه مليو آھي، ايتري بجيٽ ھندي به يوسي گل محمد لغاري ۾ ڪو به ڪم ناهي ٿيو، سولر پليٽون به کائي ويا، زوار ثابت علي اعواڻ به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، مظهر انور جتوئي لکيو ته جوھي تعلقي ۾ ڪا به اھڙي سھولت موجود ناھي اسٽريٽ لائيٽون نالي ماتر لڳل آهن ،ناليون اٿلڻ روز جو معمول بڻيل آهي، اگر روڊ ٺھيو ته ڄڻ ھڪ چمڪار ھوندو، الھه بخش کوسو لکيو ته يوسي نوان جتوئي ۾ يوسي چيئرمين بجيٽ مبينا هڙپ ڪري وڃي ٿو،ڪم نٿو ٿئي، عنايت رسماڻي لکيو ته حالتون بدتر آھن ڪاڇي ۾ بدحالي کان سواءِ ڪجھه به ناھي، ڪوبه ترقياتي ڪم ناھي ٿيو سواءِ جوھي واھي روڊ جي، فاروق خان سنڌي لکيو ته اسان جي يوسي چيئرمين کي ته خبر ئي ڪو ناھي ته اھو ڪھڙي يوسي جو چيئرمين آھي، اي خالق لکيو ته ڪرپشن جو ٻيو نالو، اشفاق چانڊيو لکيو ته هڪ ٽڪو به ڪم ناهي ٿيو، گل حسن شر لکيو ته حرام جي ملڪيت دل بيرحم، علي جاويد، انور پنهور،عاشق کوکر به سروي ۾ حصو ورتو، بيوس اربيلو لکيو ته اسان جي شھر ڪنڌڪوٽ اندر نه اسٽريٽ لائيٽ جي سھولت آهي نه ڪو سٺو سٺو روڊ آھي نه ئي ڪو صاف سٿري گھٽي آھي، صفائي نظام به زيرو آھي، هر پاسي گٽرن جا منھن کليل آھن، شھر جي سمورن روڊن ۾ گٽرن جو گندو ۽ بدبودار پاڻي بيٺل آھي، مڪاني ادارن جا چيئرمين صرف بجيٽ ھڙپ ڪرڻ ۾ مصروف آھن، ،اسان ضلعي انتظاميا کان گھر ڪيون ٿا ت، خدا جي وسطي ٿورو شھر ڏي به، نظر ڪيو، ٿورو شھر جي ڳلين روڊن تي به، خرچ ڪيو، ڪنڌڪوٽ شھر مڪاني ادارن جي مھربانين سان هاڻي گندڪوٽ بڻجي ويو، غلام حيدر به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، مستوئي نويد لکيو ته ڪاڇي ۾ ڪيترن ئي سالن کان روڊ تباهي جو شڪار آهي، عوام تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي، ڪاڇي ۾ تعليمي کاتا تباهه آهن، سرڪاري اسڪول بااثرن جي مال جا واڙا بڻيل آهن، ڪاڇي جا ماڻهو صحت جي سهولت کان محروم بڻيل آهن، صاف پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي، مراد علي لکيو ته گذريل پندرنھن سالن کان پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ اسانجي ڳوٺ حاجي الله ڏتو جمالي گاجاموري ۾ ھڪ ٽڪي جو به ڪم ڪونه ٿيو، مشرف دور ۾ ٺھيل روڊ وري ڪڏهن به مرمت نه ٿيو، گٽر نالا نه ٺھيا نه ڳليون پڪيون ٿيون، مڪاني اداري جي چيئرمينن ڪو ڪم نه ڪرايو ،ڳوٺ ۾ ڪا به سھولت ڪونھي. ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اسان جي ڳوٺ علي آباد يوسي مريد سيٺار شڪارپور ۾ ھن وقت تائين سرڪاري سر به ناھي لڳي، اسين ائين سمجھون ٿا ته افغانستان ۾ رھون ٿا جتي نه ڊرينيج سسٽم نه سرڪاري اسڪول نه اھڙي طرح جي ڪا به سھولت،  ٻيو ته ٺهيو پر 2022ع جي برساتن ۾ تباھه ٿيل گھر به سرڪار جي اعلان مطابق ٺھي نه سگھيا اسان صرف يوسي چيئرمين جو نالو ٻڌو آهي باقي چيئرمين صاحب جي خبر ئي ناھي، اعجاز علي، غلام حيدر، نور محمد، محمد لائق، وقار احمد به سروي ۾ حصو ورتو، اسد زرداري لکيو ته اسان جي يوسي گل محمد لغاري ۾ ترقياتي ڪم ڪو به ناھي ٿيو، گذريل 20 سالن کان بچيٽ ھرپ ڪئي پئي وڃي ڳوٺن ڪا به اسڪيم ناھي ملي سگھي، ڪيترن ئي سالن کان گھٽيون ۽ رستا پڪا ناھن ٿي سگھيا، گھٽين ۾ گندو پاڻي بيهڻ سبب ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن، تازو يوسي جي عوام لاءِ ملندڙ نلڪا ۽ سولر پليٽون يوسي جي ڪائونسلرن جي ملي ڀگت سان شھر جي دڪاندارن کي وڪرو ڪيون ويون ۽ ڪجھه من پسند ماڻھن کي ڏنيون ويون، مڪاني ادارا ڪرپشن جي ور چڙھيل آھن جيتري ڪرپشن مڪاني ادارن ۾ ٿئي پئي اوترو ظلم ڪنھـن اداري ۾ نه ھوندو، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته چيئرمين کان ھر مھيني جي ڪارگردگي جو حساب وٺن، فدا ميراڻي لکيو ته اسان جي علائقي پنوعاقل جو چيئرمين ووٽ ورتا پر ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا، ساگر علي رضا لکيو ته گذريل ڪافي عرصي کان سنڌ جي مختلف ٻهراڙيء جي علائقي جا روڊ رستا ڀڳل، سم نالن جي کاٽي بلڪل به نٿي ٿئي، جنهن ۾ سجاول ضلعو به شامل آهي، هتي به ساڳيو ظلم آهي. حمير گل راڄپر لکيو ته اسانجي علائقي ڪرونڊي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو ٽائون چيئرمين رڳو پهنجو پيٽ ڀريو آهي،