سوال/سروي … مهانگائي سبب جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي: عوام پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

0
36
سوال/سروي ... مهانگائي سبب جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي: عوام پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بجيٽ ۾ ٽيڪسن سان حڪومت جي دل نه ٺري، تيل ا گهن ۾ به واڌ، پيٽرول 5 ۽ ڊيزل 8 رپيا ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر  ماڻهن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو ته انهي سان مهانگائي جو طوفان ايندو، حڪومت جو اهڙو عمل قبول ناهي، پهريان ئي ٽيڪس جي ڪري عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن هاڻي اڃا اضافو اچي ويندو، ڏھاڙيدار ماڻھن تي وڏو اثر پوندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ڏھه سيڪڙو پگھار ۽ ست سيڪڙو پينشن وڌائي ٻه سئو سيڪڙو مھانگائي ڪندڙ حڪمرانن کي شرم اچڻ گھرجي، ھنن اشرافيا لاء غريبن جي جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪيا آھن، طيب انقلابي لکيو ته ان ئي حوالي سان اسان پھرين به لکي چڪا آھيون ته سرڪاري ملازمن کي رليف ڏيڻ جي آڙ ۾ عوام سان ظلم ڪيو ويندو، جيڪو پڻ واضح ٿي ويو، در اصل انھن جو اھيو ڌنڌو آھي، جاويد جان ڪيريو لکيو ته پاڪستان جي عوام جو الله واهي پيٽرول ۾ ھٿرادو واڌ سبب آھي مسڪين ماڻهن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي باقي جيڪي حڪمران آھن جيڪو اچي ٿو خوش ٿي حڪومت وٺي ٿو حڪومت ملڻ بعد گونگو ٻوڙو ٿي ويھي رھي ٿو، عوام مري خودڪشي ڪري ھنن کي ڪابه پرواھ نه آھي رڳو پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن پاڪستاني عوام کي سرڪاري ھمراھن چٿڻ جو حلف کڻي ورتو آھي غريب صفا سورن ۾ آھي، الياس سمون لکيو ته حڪومتي قدمن ملڪ جي ھيڪاندي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي، زراعت تباھه پاڻي بند انڊسٽري تباھه ھر عام واهپي تي ٽيڪس پيٽرول اگھه وڌائڻ سان به شيون مهانگيون ٿين ٿيون پھريان ٽيڪس جي ڪري مهانگائي وري پيٽرول وڌڻ جي ڪري مهانگائي ڪري عام ماڻهن کان جيئڻ کسيو پيو وڃي، عبدالستار انڙ لکيو ته مهانگائي جو طوفان ايندو، پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري سڀني شين کان اگھه وڌندا، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ويچارن پنھنجون پگھارون وڌائي ڇڏيون جيڪو ھنن جو حق به آھي باقي ڪل پيران خير، شاهنواز زرداري لکيو ته ھنن کي غريبن جي پرواهه نه آھي انھن کي پنھنجو فائدو نظر اچي ٿو غريب عوام بک ۾ مري پيو. ھنن ايتري مھانگائي وڌائي ڇڏي آھي جو غريبن جي لاءِ ڪھڙي بجيٽ مقرر ڪئي ويئي آھي ڪجھه ٻڌايو. غريب عوام ھاري مزدورن سان سراسر ظلم آھي، غلام ڪبريا لکيو ته وڏا ظالم حڪمران آھن، صرف پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن ، اھڙن ظالم حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، ايم آر ٻگهيو لکيو ته اسان ڏاڍو سٺو ٿا ڏسون عام عوام جي ڀلائي جا قدم کڻي رھيا آھن، علي منظور لکيو ته حڪومت جي مرضي جيڪو وڻي ڪري، شهباز ٻجورو لکيو ته حڪومت عوام کي بچيٽ مان رليف ته ڪونه ڏنو مٿان وري پيٽرول جو بم ڪيرائي ڇڏيو، نجف علي امر لکيو ته عوام فلسطين ۽ حڪمران اسرائيل بڻجي چڪا آھن، علي مراد لاشاري لکيو ته حڪومت عوام جي بهتري بجاءِ ويتر تڪليفن ۾ مسلسل اضافو ڪري رهي آھي، محمد نواز ناريجو لکيو ته امير ھر روز امير ٿيندو پيو وڃي، غريب ھر روز غريب ٿيندو پيو وڃي. عبدالسلام جان لکيو ته مهانگائي مارچ وارا آهن ڪٿي ؟ راحب علي گهنڃو لکيو ته پاڪستاني حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، شاهد مورائي لکيو ته اصل ۾ اسان غلام قوم آهيون. غلام قوم سان ايئن ئي ٿيندو آهي، عزيز ڪاڪا لکيو ته جڏهن عمران خان جي وقت ۾ مهانگائي ٿي رهي هئي ته هر ماڻهو رڙيون ڪري رهيو هو هاڻي ڪير نٿو ڳالهائي، هي سڀ خوش آهن اهڙي حال ۾، برڪت علي لغاري لکيو ته هر پاسي عوام کي پريشان ڪري رهيا آهن، خادم ايچ سومرو لکيو ته عوام ويچارو سورن ۾ آهي، نماڻو نوناري لکيو ته رڳو ظلم جاري آهي، رجب علي چنا لکيو ته جيڪو ردعمل ڏجي گهٽ آهي، زوار ذاڪر حسين حاجاڻو لکيو ته عوام دشمن حڪومت آهي، ان مان سٺي اميد نه رکڻ گهرجي، اشفاق احمد لکيو ته عوام کي ٽينشن ڏئي رهيا آهن، سهتو عزيزالله ۽ اظهر پيرزادو به سروي ۾ حصو ورتو، عبد آريسر لکيو ته اصل ۾ ايران واري جنگ لڳڻ جو بهانو بڻائي تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي، پاڪستاني عوام اڳ ۾ به حڪومتي پاليسين تحت مجبور آھي ۽ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آھي، اسان ان سازشي حربي تيل وڌائڻ واري عمل کي رد ٿا ڪيون جيڪو هرگز عوامي مفاد ۾ ناهي، زاهد حسين زرداري لکيو ته پيٽرول ۽ تيل ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي سنڌ حڪومت غريب عوام کي رليف نه ڏيندا. ۽ وڌيڪ مھانگائي وڌائي رھيا آھن غريب عوام سان سراسر ظلم ڪري رھيا آھن. بجيٽ جي نالي سان مھانگائي جو طوفان ايندو ھر شين تي ٽئڪس ۽ ريٽ وڌيڪ آھن مثال طور کنڊ ۽ چانور ۽ دالون ۽ گيھه ريٽ آسمان ۾ ريٽ مقرر آھن. غريب ڏھاڙي ۾ ڪم ڪري ان جي مزدوري 500 رپيا ڪمائي، کنڊ ۽ ڀاڄي ۽ بجليءَ جو بل پياري يا گھر جو خرچ ڪري، قربان ميراڻي لکيو ته موجوده حڪومت عوام تي مسلط ڪئي وئي آھي ھاڻي جن قوتن ھنن کي اقتدار تي ويھاريو آھي اھي ئي جيڪو حڪم ڪندا ھي حڪمران ان تي عمل ڪندا عوام سان ھنن جو پري پري تائين واسطو ئي ڪونھي، عبيد چنا لکيو ته حڪومت جا بھترين قدم آھن عوام تمام خوش آهي، تيل مھانگو سمجھو ھر شي مھانگي ھن حڪومت لٽ ڦر شروع ڪئي آ غريب پاراتا ڏيندو ٻيو ڇا ڪندو رب جي لٺ بي آواز آهي الله پڄندن، مراد علي لکيو ته حڪومت جو اھو قدم عوام دشمن آھي ڇو جو تيل جي قيمت وڌڻ باقي ڪيترن شين جون قيمتون وڌي وينديو آھن عوام جي قوت خريداري گھٽجي ويندي آھي ڏھاڙيدار ماڻھن تي وڏو اثر پوندو وڌندڙ قيمتن کي ردڪجي ٿو، مهتاب سولنگي لکيو ته حڪومت جي ڪهڙين ڳالهين تي نظر وجهون، مولابخش پنهور لکيو ته عوام سان ظلم آهي، شوڪت علي به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته سٺو ته ان ۾ هيو عوام مٿان ايٽم بم هڻي جان ڇڏائين ها اڳتي هلي سڀ ڪجهه گڏجي حڪمران کائين ها، خالد راڄپر لکيو ته ڇا ڪجي ؟ چنگيز خان به ردعمل ڏنو، مير مرتضيٰ لکيو ته حڪومت جي اهڙي عمل کي رد ڪريون ٿا، مير شايان به سروي ۾ حصو ورتو، ذوالقرنين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، لال ڏنو جتوئي، جانباز قاريشي، شوڪت علي به سروي ۾ حصو ورتو، ايم اسلم بروهي، جعفر جان بروهي، حاجي ڀٽو به تيل اگهن ۾ واڌ کي رد ڪيو، نور حسن سبزوئي لکيو ته وڏڙن جو پهاڪو آهي ته ‏”ننڌڻڪا گهوڙا، غائباڻا سوار“ سو سورنهن آنا سچ آھي ته عوام جو ڪو والي وارث ڪونهي ۽ حڪمرانن کي پرواھه ئي ناهي، پيٽرول 5 رپيا وڌي يا 50 رپيا وڌي ڪو ٻڙڪ ئي ٻاهر نه ڪڍندو، شبير ميمڻ لکيو ته جمهوريت آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته هي عوام دشمن نااهل حڪمران آهن هنن کي پنهنجي مفادن کانسواءِ ڪجهه نظر ناهي ايندو، بشير ميراڻي لکيو ته شهباز حڪومت اميرن، وزيرن، سرمائيدار طبقي جي ماڻهن کي فائدو ڏيڻ واري آهي، باقي غريب ماڻهو غربت سبب خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، حڪمران جماعت چاهي ٿي ته عوام بک، بيروزگاري ۾ مري وڃي، عبدالستار لنڊ لکيو ته حڪومت جو اھو قدم عوام دشمن آھي ڇو جو تيل جي قيمت وڌڻ سان باقي ڪيترن شين جون قيمتون وڌي وينديو آھن، عاقب حسين وسطڙو لکيو ته ھنن ويچارن پنھنجون پگھارون وڌائي ڇڏيون، ذڪاءُالله ڪانڌڙو لکيو ته حڪومت جي ان قدم کي رد ڪريون ٿا، ان سان مهانگائي جو طوفان اچي ويندو، حاجي عبدالرحمان لکيو ته ڏھه سيڪڙو پگھار ۽ ست سيڪڙو پينشن وڌائي ٻه سئو سيڪڙو مھانگائي ڪندڙ حڪمرانن کي شرم اچڻ گھرجي، غريبن جي جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪيا آھن، زاهد علي انڙ، حاجي شهمير، قمبر شاهه به سروي ۾ حصو ورتو.