سوال/سروي … ملڪ کي حڪمران لٽي رهيا آهن ۽ ڀوڳي غريب ماڻهو ٿو، حڪومت پنهنجا خرچ ڇو نٿي گهٽائي؟ آءِ ايم ايف معاهدي تي عوام جو ردعمل

0
193

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف ڊيل: بجلي، گيس، پيٽرول، ڊيزل وڌيڪ مهانگا ٿيندا،170 ارب جا نوان ٽيڪس لڳندا، مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان: حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان حڪومت جي ان قدم کي رد ڪريون ٿا، ملڪ کي حڪمران لٽي رهيا آهن، ڀوڳي وري عوام ٿو، ٽيڪس صرف غريب عوام جي عام واهپي جي شين تي ڇو ٿا لڳن؟ نااهل حڪومت نااهل حڪمران آهن، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته حڪمران پنهنجا خرچ گهٽ ڪن، عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته فيصلا حڪومت غلط ڪري رهي آهي پر عوام ڇا ٿو ڪري سگهي حڪومت ها ۾ جواب ڏيندي رت عوام جو نڪرندو حڪمرانن کي لهر نه لڏو، گل حسن شر لکيو ته سدائين ملڪ نازڪ حالت ۾ آھي سدائين عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو رھيو آھي آخر ھي ملڪ نارمل حالت ۾ ڪڏھن ايندو ملڪ کي نارمل حالت ۾ آڻڻ لاءِ ايڪسپورٽ بل وڌايو وڃي چين ننڍيون ننڍيون شيون ٺاھي مطلب ٻارن جا رانديڪن کان وٺي ھٿيارن تائين ايڪسپورٽ ڪري ترقي ڪري ويو اسان سدائين قرضن جي پويان لڳل آهيون سدائين امداد جي آسري پوءِ ڪيئن ملڪ ترقي ڪندو ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آھي ته وڏيون توڙي ننڍيون صنعتون لڳايون وڃن، حاجي سهيل لکيو ته ھي مھانگائي پوري دنيا ۾آھي، ڪافي ملڪ اھڙا آھن جتان جو عوام رڳو ڊبل روٽي کائڻ تي مجبور آھي، وقتي پريشاني آھي اميد الله ۾ ئي رکي سگھجي ٿي باقي پاڪستان جو ھر ھڪ حڪمران پنهنجي مفاد تائين محدود آھي، شاهد ڏاهري لکيو ته غلط فيصلو آهي، ان سان مهانگائي جو طوفان ايندو، هي حڪمران آءِ ايم ايف جي غلامي ڪري رهيا آهن، حسيني آصف علي لکيو ته حڪمران پنهنجي من ماني ۾ پورا آهن، سڄو بار عوام مٿان پوندو، شوڪت علي لکيو ته ملڪ کي لٽي حڪمران رهيا آهن، لوڙي اسان رهيا آهيون، سليم اختر لکيو ته جڏهن کان هي حڪمران آيا آهن، تڏهن کان ڪا سٺي خبر ناهي ملي، جڏهن مفتاح اسماعيل هو تڏهن به مڙئي ڪجهه چڱو هو، پر جڏهن کان ڊار آيو آهي تڏهن کان ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، عبدالقيوم لغاري لکيو ته نوان ٽئڪس لاڳو ڪرڻ سان ڏھاڙيدار طبقي تي وڏو اثر پوندو حڪومت کي گھرجي ته ڏھاڙيدار طبقي لاءِ ڪا سبسڊي آڻي ته جيئن ھو پنھنجو گذر سفر آسان ڪري سگھن،

محمد رمضان مهر لکيو ته حڪومت جي ان قدم جي مذمت ڪريو ٿا، ان قدم کي رد ڪريون ٿا، امتياز لغاري لکيو ته غلط فيصلا آھن ھنن سان ملڪ جو وڏو نقصان ٿيندو ماڻھو لاءِ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو حڪومت کي کپي ته ھو ڪو مناسب رستو اختيار ڪري ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن، جنيد زرين بلوچ لکيو ته ان قدم تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو،  ڇو ته اڳ ميڊيا جو دور نه ھو ڪا خبر نه پوندي هئي. ھينئر ميڊيا جو دور آهي ھر قسم جي خبر صحيح ۽ سچي معلومات ملي ٿي. ته اسين به حيثيت قوم ڇا آھيون. خيالن ۾ ته اسان آزاد آهيون پر عملي طرح بيوس قوم آھيون، منٺار علي لغاري لکيو ته پاڪستان جي عوام ملڪ جي خوشحالي کان الوداع ڪري ڇڏي، حڪومت جي مھانگائي جي فيصلن کان پاڪستان جو ننڍو وڏو طبقو بلڊ پريشر جو مريض ٿي ويو آهي، هي ملڪ ڏينهون ڏينهن تباهي جي ڪناري ٿيندو پيو وڃي، خالد ڀرڳڙي لکيو ته هي حڪمران چور آهن هنن جي اچڻ کانپوءِ ملڪ جو برو حال ٿيو آهي غريب طبقي جو جئيڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اهو بلڪل غلط آهي، هر شي مهانگي ٿي ويندي غريب ماڻهو سخت بيروزگار ٿي ويندا وفاقي حڪومت کي گهرجي ٽيڪس نه هنيا وڃن، نظير احمد لکيو ته اسان کي پنھنجو سامان ايڪسپورٽ ڪرڻ گهرجي، صاحبزادو لکيو ته چھرا بدليا پر چال نه بدلي. جيڪي فيصلا جيڪي پاليسيون توڙي ڪم گذريل عمران حڪومت جا ھئا سي سڀئي افعال ھن حڪومت ۾ به ظاهر ٿيا آھن اڃا چار قدم اڳيان پئي ڏيکارجي خبر نٿي پوي ته ھي سعودي عرب کان ورتل پئڪيج تيل سميت متحده عرب امارات کان ورتل امداد. چين کان ورتل قرض ۽ روس کان ورتل سستي گئس توڙي دنيا کان ورتل سيلاب جي نالي ۾ اربين ڊالر ڪيڏانهن ويا جو آئي ڏينهن مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾پيسجندڙ عوام تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرايا پيا وڃن شل رب سائين پنهنجو رحم فرمائي باقي حڪمرانن عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، سهڻو لکيو ته گذريل حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ هن حالتن جو شڪار آهي، وڌيڪ ٽيڪس، مني بجيٽ کان علاوه ڪو رستو ناهي، عوام کي صبر ڪرڻو پوندو، مراد علي لکيو ته آءِ ايم ايف سان ڊيل ۽ مني بجيٽ جي اعلان بعد جيڪا مھانگائي ايندي اھا عوام کي پوءِ خبر پوندي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مھانگائي سبب عوام اڳ ۾ پريشان آهي حڪمران پنهنجو خرچ گهٽ ڪرڻ بجاءِ عوام کي نپوڙي رهي آهي، شنڪر لال لکيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ملي ڪري عوام تي گھڻو ٽيڪس لاڳو ڪري ظلم ڪيو آهي، آڪاش پنھور لکيو ته حڪومت کي اھي شيون فري ۾ ملن ٿيون تڏھن روز نوان ٽيڪس لڳن انھن کي پرواھه ناھي ظلم ته رڳو عوام سان آھي ٽيڪس به پاڻ ھڻن مال به پاڻ کائن عوام ٽيڪس ڀري ڀري ٿڪجي پيو آھي آءِ ايم آيف کي گھرجي ته ھنن حڪمرانن جون ٻاھر ملڪن ڻ جيڪي ب پراپرٽيون ۽ بينلس آھي اھو گھرائين ھتي  جيڪي آفيسر آھن انھن کي مفت ۾ ڪجهه به نه ڏين، ٽيڪس وصول ڪيو وڃي، حمير گل راڄپر لکيو ته تمام غلط فيصلو آهي، غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو، محمد حسين لکيو ته ڪن هڪڙا ڀرين ٻيا، شيراز احمد لکيو ته ٽيڪس صرف غريب عوام جي عام واهپي جي شين تي ڇو ٿا لڳن؟ نارائڻ داس لکيو ته نا انصافي نامنظور، احسان علي لغاري لکيو ته ھنن جي ڪري عوام لوڙي رھيو آهي اڃا جي پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيو ته عوام خودڪشي ڪندو، وسيم بلوچ لکيو ته سياستدان صرف پنهنجو پيٽ ڀري رهيا آهن، آءِ ايم ايف جا قرض صرف پنهنجي لاءِ ورتا اٿن، غريب عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، ملڪ جو خزانو عوام ته خالي ناهي ڪيو جو عوام تي بار وجهن پيا، غريبن کي ختم ڪري رهيا آهن، حبيب الله مهر لکيو ته اهو قدم انتهائي غلط آھي ان قدم کڻڻ کان پهريان حڪومت کي ٻڏي مرڻ گهرجي. ايم امين خشڪ لکيو ته اسان ته آءِ ايم ايف جا غلام ٿي ويا آهيون، ظفر رند لکيو ته نااهل حڪومت نااهل حڪمران آهن، اسد خاصخيلي لکيو ته پاڪستان کي گهرجي ته تمام ملڪن کي الوداع ڪري بس روس ايران سعوديه دبئي سان لاڳاپه بهتر ڪري پوءِ ڪجه ترقي ٿي سگهي ٿي، عبدالستار بلوچ لکيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ملي ڪري عوام تي گھڻو ٽيڪس لاڳو ڪري ظلم ڪيو آهي، خان ڀٽي لکيو ته اسان ان حڪومت کي رد ڪريون ٿا.