ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تان عوام کان سوال ڪيو ويو ته برسات کانپوءِ اوهان جي علائقي جي ڇا صورتحال آهي؟ برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو آهي؟ روڊن رستن تي صفائي ڪرائي وئي آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات کانپوءِ پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، صفائي به ناهي ڪرائي وئي، گندگي وڌي وئي آهي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته مقامي انتظاميا فنڊ هئڻ باوجود ڪم نٿي ڪرائي، چونڊيل نمائندا به عوام کي نظرانداز ڪري رهيا آهن، بنيادي سهولتون ناهن ملي سگهيون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عامر علي پاريچو لکيو ته اسان جي ھالا شھر ۾ برسات کي گذري ٽي ڏينھن ٿي ويا آھن ميونسيپل ڪاميٽي ھالا جي چيئرمين رڳو شھر جي مين رستن تان پاڻي ڪڍرائي ويھي رھيو آھي باقي اسان جي مخدوم فضل حسين ڪالوني ۽ آس پاس جي علائقن ۾ برسات جو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري بيٺو آھي شايد چيئرمين صاحب ان انھن علائقن ۾ پاڻي ڪڍرائڻ ۽ صفائي ڪرائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته گذريل اليڪشن ۾ انھن علائقن جي اڪثر ماڻھن پ پ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا ھئا، عبدالعزيز کوسو لکيو ته شهدادپور ۾ اڌ ڪلاڪ جي برسات بعد ميونسپل اختيارين جي ڪارڪرگي چمڪائڻ ۽ معاشري ۾ مُنهن ڏيکارڻ خاطر شهر جي مُک روڊ رستن ۽ چوڪن تان برساتي پاڻي جي نيڪالي ڪرايو آهي باقي شهر جي سوسائٽي پاڙو، واپڊا روڊ، الهيار ٽائون، شريف بنگلوز، سومر فقير پاڙو، مدني سوسائٽي، مهراڻ ٽائون جي ڳلين ۽ گهٽين مان پاڻي جي نيڪالي ناهي ڪرائي وئي. جتي اڄ به برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. عاشق شر لکيو ته پاڻي نڪري ويو روڊ رستا چمڪي ويا ملڪ صفا ملھير ٿي ويو، عجب تماشو آھي اھو سوال سنڌ وارن کان نه ڪرڻ گھرجي ڇو جو سنڌ ۾ آفيسر کان پٽيوالي، ڀنگي سئيپر تائن چور آهن، نزاڪت علي شر لکيو ته اسانجي علائقي جي سموري بجيٽ ايم اين اي ۽ ايم پي اي صاحب لاءِ ايندي آهي پوءِ اها بجيٽ ٽائون جي ڇو ڪو نه هجي سرڪاري اسپتال ڏانھن ويندڙ رستي جي حالت بدترين آهي پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. زاهد حسين زرداري لکيو ته اسان جي شھر سرھاري وارڊ نمبر ھڪ ۾ برسات جي پاڻي جو نيڪال جو بندوبست ڪيو ويو ھو. ھاڻي روڊن رستن ۽ گھٽين ۾ پاڻي نه آھي. اياز بلوچ لکيو ته ميرپورماٿيلو سميت پسگردائي وارن علاقن دادلغاري، جروار، حيات پتافي ۾ برسات نارمل وسي آھي جنھنجي ڪري پاڻي نيڪال ٿي ويو آھي باقي روڊ رستن جي صفائي ڳالھه نه پڇو ڇاڪاڻ ته انھن جي صورتحال پاڪستان ٺھڻ کان اڄ ڏينھن تائين ناھي بدلجي سگھي، جميل احمد لکيو ته برسات جو انتظار آهي، شاهنواز زرداري لکيو ته پاڻي جي نيڪال جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آھي اسان جي شھر سرھاري ۾، راشد لطيف لکيو ته پاڻي سڪي ويو، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته اسان جي شھر ڪنڌڪوٽ ۾ صفائي جو ڪو به بندوبست نه ٿيل آهي، جڏهن به برسات پوندي آهي ته گٽر اٿلي پوندا آهن روڊ رستا پاڻي سان ڀريل ھوندا آهن، شھر واسي مشڪلاتن ۾ هوندا آهن، ٽائون ڪاميٽي صرف بجيٽ کائڻ ۾ پوري آهي باقي شھر جي صفائي ۾ ڪو به ڪردار هوندو نه اٿس، چانڊيو حنيف لکيو ته برسات پوڻ کان پوءِ هر سال کورواھه شهر ۾ برساتي پاڻي مختلف پاڙن جهڙوڪ ڪنڀار محلا، مڱڻهار محلا، ميمڻ خاصخيلي ۽ مهيشوري محلا سميت شهر جي سرڪاري اسپتال ۽ اسڪولن ۾ ڪاهي پوي ٿو، هتي نيڪال جو ڪوبه جوڳو بندوبست ناهي، ڪجهه سال پهرين ٻه ڀيرا منظور ٿيل ڊرينيج اسڪيم هتان جي مقامي بااثرن جي ڪرپشن ۽ انا جي ور چڙهي وئي جڏهن ته پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان ڏنل سولر پينل به ناڪاره بڻيل آهي جنهن سبب شهري سخت عذاب کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي بنگلن ۾ آرامي آهن. سرمد گاڏهي لکيو ته خيرپور ناٿن شاهه: سڄو شھر برسات کان پوءِ تلاءَ جا منظر پيش ڪري رھيو آھي 3 ڪروڙ کان مٿي بجيٽ باوجود شھر ۾ ھڪ ڏينھن برسات پوڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، نندلال رتن ڀيل لکيو ته ڪنري ۾ برساتن کان پوءِ اسان جو سمورو ڳوٺ پاڻي سان ڀريل آھي ھتي ڪابه صفائي ڪونه ٿي آھي، سمير احمد لکيو ته ڳوٺ پريو جمالي واهي پانڌي ۾ گندو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي، ممتاز علي لکيو ته پنجاب ته ناهي جو پاڻي نيڪال جي سهولت هجي، هتي ڪا به بنيادي سهولت ناهي، حذب الله ڀٽو لکيو ته اسان جي علائقي ضلعي ڪشمور جي ھڪ بڊاڻي شھر جنهن جي آبادي تقريبن چاليھن ھزارن تي مشتمل آھي رجسٽرڊ ووٽن جو انگ تقريبن ڏھه کان ٻارنهن ھزار آھي پر سھولتن جي اڻهوند، روڊن جو نه ھجڻ، ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻيل، شھر ۾ برسات کان پوءِ گپ جو آزار، پاڻي جو بيٺل ھجڻ، بجليءَ جو نه ھجڻ ڪري شھرين جي زندگيءَ داءُ تي لڳل آهي، ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي جو نيڪال نه ھجڻ جي ڪري گھر جي اندر وڏا وڏا کڏا ھجڻ جي ڪري ڪيترائي معصوم ٻارڙا موت جي منھن ھليا ويا آھن ڪو به چونڊيل نمائندو ڊرينيج سسٽم ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي جيڪڏھن ڪا ھڪ اڌ ڊرينيج اسڪيم اچي ٿي ته چونڊيل نمائندا صرف وڏيرن جي مفادن خاطر انھن کي پنھنجي ڳوٺ تائين محدود ڪري ڇڏن ٿا، اسان چونڊيل نمائندن خاص طور ايم اين اي علي جان مزاري، ايم پي اي عابد خان سندراڻي کي اپيل ڪيون ٿا بڊاڻي شھر جي ڳوٺ محمد نواز خان ڀٽو کي اسڪول، ڊرينيج سسٽم، بجلي، روڊ جي سهولت ڏني وڃي ته اسان ٿورائتا رهنداسين. ايم موسيٰ خان لنڊ لکيو ته اربين رپين جو ٺيڪو هئڻ باوجود ايل بي او ڊي سم نالي ۽هاڪڙو پراڻ جو ڪم جڳاڙي ڪيو ويو جنهن ڪري هن دفعي پاڻي جو نيڪال نه ٿيندو پاڻي ڄار پتڻ وٽان ڦاٽ کائي وڃي حاجي الله بخش لنڊ کان نوڪوٽ دنگ ڪندو، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته بدين حد ڳوٺ حاجي الله بخش لنڊ کي بلڪل سامهون آيل بي او ڊي سم نالي کي لڳل گهاري سبب بند ڪمزور ٿي ويو آھي انتظاميا خاموش آهي، عبدالستار لنڊ لکيو ته علائقن جي صورتحال تمام خراب آهي حڪمران برسات جي انتظار ۾ آهن ته برساتون وسن ته علائقن کي هٿ سان ٻوڙيون، عبد آريسر لکيو ته اسان جو وارڊ ساڍر جيڪو ٽائون ڪاميٽي ڍورونارو ۾ اچي ٿو ضلعي جو سڀ کان وڏو ڳوٺ ھئڻ باوجود ۽ اڪثريت پڻ موجوده صوبائي حڪومت جي پارٽي ۽ روايتي طور جيت به سندس ٿيندي رهي ٿي پر پوءِ به هو هر سهولت کان محروم آھي ۽ خاص طور تي برساتن ۾ ڳلين ۽ رستن جي حالت تمام بدتر هوندي آھي، ٽائون طرفان جاري ڪيل رقم اٺ وارڊن جي گڏيل ڪائونسلرن جي پاليسين چيئرمين جي صلاح ۽ سياسي آشيرواد هئڻ ڪري عوام کي ڪا به سهولت مليل ناهي هن وقت ٻار عورتون ۽ نمازي ماڻهو انهن رستن تان نٿو گذري سگهي.