ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عورتن جو عالمي ڏينهن: ڇا هتي عورتن کي بنيادي حق حاصل آهن ؟ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ ۾ عورتن کي بنيادي حق حاصل ناهي، قانون ٺهيل آهن پر عمل نٿو ٿئي، عورتن کي برابري حاصل ناهي، تعليم، صحت، روزگار، تحفظ جهڙا بنيادي حق ڏنا وڃن، ڪاروڪاري جهڙين ڪڌين رسمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رفيق ملاح مانجهند لکيو ته عورتن جو عالمي ڏينهن هر سال 8 مارچ تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد عورتن جي حقن، برابري، ۽ سماجي حيثيت کي اجاگر ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سماج تي نظر وجهون، ته عورتن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳڀرائيءَ جا موقعا مليا آهن، پر اڃا به ڪيترائي مسئلا موجود آهن. قانوني طور تي عورتن کي برابر حق مليل آهن، پر عملي طور تي ڪيترن ئي هنڌن تي انهن کي برابري حاصل ناهي. تعليم، صحت، روزگار، ۽ فيصلا ڪرڻ جي آزاديءَ ۾ عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل آهن. گهرو تشدد، جبري شاديون، ۽ معاشي عدم استحڪام عورتن لاءِ وڏا مسئلا آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن کي اڃا تائين زمين، تعليم، ۽ سياسي نمائندگيءَ ۾ مناسب جاءِ نٿي ملي. ان ڪري بهتري لاءِ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪيا وڃن، خاص طور تي انهن علائقن ۾، جتي تعليم جي شرح گهٽ آهي. عورتن لاءِ نوڪرين، واپار ۽ هُنرن جي تربيت جا موقعا وڌايا وڃن. عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. عورتن کي بنيادي طبي سهولتون، خاص طور تي ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان، بهتر انداز ۾ فراهم ڪيون وڃن. معاشري ۾ اهو شعور پيدا ڪيو وڃي ته عورتن جي ترقيءَ کانسواءِ ڪوبه سماج اڳتي نٿو وڌي سگهي. عورتن کي مقامي ۽ قومي سطح تي فيصلا ڪرڻ جي عمل ۾ ڀرپور شموليت ڏيڻ گهرجي، شانل کوسو لکيو ته هن ڏينهن تي دنيا جي اندر ٻين ملڪن جون عورتون خوشيون ملهائينديون آهن سيلبريشن ڪنديون آهن پر سنڌ جي عورت هن ڏينهن تي روئي، ماتم ڪري ملڪ جي رکوالن کي پنهنجو درد ٻڌائينديون آهن ته هن جديد دور ۾ سنڌ جي عورت اڄ به ڪڪڙن جي ميل هارائڻ تي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿئي ٿي. سنڌ جي عورت ماني ۾ لوڻ پوڻ تي تشدد جو شڪار ٿئي ٿي. هن ڏينهن تي شعور وند عورتون جڏهن دانهين ٿيون ته چيو ويندو آهي ته ڪهڙي آزادي کپي.؟ عورت صرف عزت گهري ٿي جيڪا هن دور م به ان کي ميسر ناهي.سنڌ واحد صوبو آهي ملڪ جو جنهن ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ کوڙ سارا قانون جڙيل آهن پر عملدار ڪٿي به ناهي. ڪارنهن ۾ قتل ٿئي ته رياست پنهنجي مدعيت ۾ ايف آءِ آر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ٿاڻن، ادارن ۾ عورت دانهن کڻي وڃي ٿي ته موٽ ۾ اڻوڻندڙ رويا ملن ٿا، ٿاڻي جو ايس ايچ او ئي چوي ٿو ته ٿاڻي تي ڇو آئي آهي. عورتون ٿاڻن تي ناهن اينديون گهرن جا مسئلا گهر ۾ حل ڪيو ڀلي پوءِ ان تي بدترين تشدد ڇو نه ٿيل هجي. عورت کي تعليم کان وٺي صحت جي بهترين سهوليتون ميسر ناهن. جيسيتائين ادارن ۾ ويٺل آفيسرن جي بهتر تربيت نه ڪئي ويندي عورت ايئن پيڙهجندي رهندي.ڪنهن به ڏوهاري کي سزا نه ملندي ايئن عورتون گهرن جي اندر پنهنجن رشتن جي هٿان تشدد جو نشانو بڻجنديون رهنديون. غلام قادر جتوئي لکيو ته عورتن جا عالمي ڏينهن اتي ملهائڻ گهرجن جتي عورتن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زندگي پنهنجي طريقي سان گذارڻ جو حق حاصل آھي اسان وٽ ته اڄ نياڻيون پئسن خاطر يا ٽڪي جي مفادن خاطر وڪرو ڪئي وڃي ٿي مردن جي ذاتي جهيڙن ۾ پنهنجيون نياڻيون قتل ڪري ڪاري هجڻ جي تهمت هنئي وڃي ٿي اڄ به اسان جي معاشري ۾ نياڻين کي پنهنجي پسند جي شادي يا پنهنجي پسند جو ور ڪرڻ به وڏو ڏوھه مڃيو وڃي ٿو هتي عورتن لاءِ ھزارين قانون ته ٺاهيا ويا آھن پر عمل ٽڪي جو به ناهي نه ئي وري رياست جو ڪو عملدار عورتن لاءِ ٺاهيل قانون تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ سنجيده ڪردار ادا ڪري ٿو ان ڪري اسان وٽ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ بس مذاق کانسواءِ ڪجھه به ناهي، صدورو مهر لکيو ته عورت جو انقلاب ۾ ڪردار تمام اهم ۽ اثرائتو رهيو آهي. هر سماجي، ثقافتي ۽ سياسي انقلاب ۾ عورتن جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا لمحات آيا آهن جتي عورتن پنهنجي حوصلن، قرباني ۽ جدوجهد سان انقلاب کي نئون رخ ڏنو آهي. سارنگ منير سومرو لکيو ته اسان جي معاشري ۾ عورت ڪم ڪار جي مشين مزدور ۽ ماسي آھي سڌريل معاشرن ۽ اسلام ۾ سڀ کان وڏو حق عورت جو آھي، مڪش لکيو ته ھن رياست وٽ عورت يا مرد کي ڊوميسائيل جي حساب سان حق مليل آھن، سيد سڪندر علي شاهه لکيو ته سنڌ ۾ عورتن سان وڏو ظلم آھي اڄ بـ اگر ڪا نياڻي اسڪول ٿي وڃي ته رستي ۾ نياڻن کي لوفر قسم جا ماڻھو تنگ ٿا ڪن، سرمد گاڏهي لکيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو ، عورت جو وجود مرد سان مرد جو وجود عورت سان معاشري جو وجود فرد سان فرد جو وجود عورت سان جڙيل آھي، سنڌ جي عورت اڄ به ظلم بربريت قيد جبر ڪارو ڪاريءَ جي رسمن ۾ گھيريل آھي، آئون عورتن جي عالمي ڏينھن تي عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جي نارين کي قومي سلام پيش ڪريان ٿو، بشير ميراڻي لکيو ته هتي عورتن جي بنيادي حقن جو پائمال ٿيندو رهيو آهي، حڪومت به عورت جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي آهي، عالمي ڏينهن جي اسان جي ضلعي سجاول ۾ عورتن کي خبر ئي ناهي، عورتن کي صرف گهرن تائين محدود رکيو ويندو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي، جيڪي سماج ۾ مردن کي حق مليل آهن ته عورت کي به برابر جا شريڪ ڪن، پٺاڻ بلاول لکيو ته اهو انحصار سماجي، قانوني ۽ ثقافتي حالتن تي آهي. ڪٿي ڪٿي عورتن کي تعليم، صحت، روزگار، اظهار جي آزادي ۽ ذاتي تحفظ جا مڪمل حق حاصل آهن. جڏهن ته ڪجهه جڳهين تي اڃا به انهن کي ڪيترين ئي رڪاوٽن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. عورتن سان امتيازي سلوڪ، گهريلو تشدد، جبري شاديون، ۽ وراثت جي حقن جي ڀڃڪڙي جهڙا مسئلا اڃا به اسان جي معاشري ۾ موجود آهن. ڇوڪرين لاءِ معياري تعليم جي ضمانت ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن هو خود مختيار بڻجي سگهن. عورتن لاءِ نوڪريون، ڪاروباري موقعا ۽ مالي سهڪار جي فراهمي سان سندن حيثيت مضبوط ٿي سگهي ٿي. عورتن سان تشدد، حراسمينٽ، ۽ ناانصافين خلاف سخت قانون لاڳو ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان واقعي عورتن کي برابري ڏيڻ چاهيون ٿا ته عملي قدم کڻڻ لازمي آهن. صرف تقريرون ۽ ڏينهن ملهائڻ ڪافي نه آهي پر عورتن جي مسئلن کي سنجيدگي سان سمجهي، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي طور ڪم ڪرڻ گهرجي. اي ايچ ڀٽي لکيو ته عورت جي عالمي ڏينھن تي سڀني عورتن کي مبارڪ ھجي، عامر علي جوڳي لکيو ته ترقي يافته ملڪن تي نظر وجهنداسون ته جتي عورتن کي برابر جا حق ڏنا وڃن ٿا ، تعليم سان گڏ عورتن کي مردن سان گڏ مختلف ڪم ڪار ڪندي نظر اينديون آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ترقي جو دارو مدار عورتن جي تعليم سان آهي، انهي جي ڪري ته چوندا آهن ته مرد پڙهيو فرد پڙهيو عورت پڙهي پورو گهر، ڪٽنب، خاندان پڙهيو، خاص ڪري ڳوٺاڻي عورتن کي غيرت جي نالي تعليم کان محروم رکيو پيو وڃي، عطا سهتو لکيو ته تقريبن ھاڻي عورتن کي بنيادي حق حاصل آھن، اسان کي عورتن جي ڀلائي لاءِ فقط ايترو ڪرڻ گھرجي ته پنھنجي نياڻين جي تعليم کي عام ڪيون. ڇو جو جتي تعليم آھي اتي ئي عورتن کي برابري ۽ بنيادي حق حاصل آھن، لياقت علي ڀنڊ لکيو ته معاشري ۾ عورتن کي بنيادي حق حاصل آهن، پر انهن کي عملي طور تي ڪيترن ئي چيلنجن جو منهن ڏيڻو پوي ٿو. عورتن کي تعليم جو حق، صحت جو حق، روزگار، تحفظ، ملڪيت جو حق ملڻ گهرجي، اسد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ عورتن کي بنيادي حق نٿا ملن سٺي تعليم ۽ عورتن لاءِ ڪو به ھنري مرڪز ناھن حڪومت به عورت جي حقن جي لاءِ اڃان ڪو به لاعمل نه جوڙي سگھي آهي سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم تي تنظيمون بلڪل خاموش نظر اچن ٿيون عورتن کي صرف گهرن تائين محدود رکيو ويندو آهي سڄي سنڌ ۾ نياڻين کي تعليم لاءِ ڪٿي به سٺو گرلز اسڪول ناھي سنڌ حڪومت ۽ عورتن جي حقن جون تنظيمون سجاڳ ٿين، جيئن سنڌ ۾ عورتن کي بنيادي حق ملي سگھن، شوڪت علي لکيو ته عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن خلاف مسلسل جدوجهد ڪندڙ، سنڌو درياهه لاءِ جاکوڙيندڙ، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف للڪار بڻجندڙ، آمريتن خلاف مثالي جدوجهد ڪندڙ، جيل ڪاٽيندڙ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ هر وقت عملي طور جدوجھد جي ميدان ۾ رهندڙ سنڌ جي عورتن جي منظم انقلابي تنظيم قومي عوامي تحريڪ جي سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي سلام. ممتاز علي عارباڻي لکيو ته عورتن کي برابري وارا حق ملڻ ھڪ ديواني جو خواب ٿي سگھي ٿو .. اصغڙ علي پنهور لکيو ته ٻين طبقن وانگر عورتن کي حقن کان محروم رکيو ويو آهي، رميش رٻاري لکيو ته سماجي تبديلي ۽ شعور لازمي آهي، راجڪمار اوڏ لکيو ته اسان وٽ عورتن جون تنظيمون ڪم ڪندي نظر نٿيون اچن عورتن جون اڳواڻ صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ آهن، انهي کي گهرجي بينظير انڪم، سپورٽ سينٽرن تي جيڪا عورتن جي تذليل ٿئي ٿي ان لاءِ آواز اٿاريو وڃي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته عورتون جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي پر اڄ به عورتون پنهنجي حقن کان محروم بڻيل آهن حڪومت کي گهرجي ته هو عورتن جي حقن لاءِ سنڌ جي ضلعن ۾ سيمينار ڪوٺائي عورت جي عظمت کي اجاگر ڪيو وڃي. سلمه تبسم لکيو ته سڀنيءَ جي راءِ پڙھي سڀني جي ساڳي ڳالھه ته عورتن کي اڄ به بنيادي حق نه مليل آھن ڪاروڪاري ريت، عورتن جون بنيادي سهولتون، نياڻين جي بنيادي تعليم، ڳوٺن جي عورت اڄ به ان مسئلي ۾ جڪڙيل آھي، چاھي نياڻين جي شادي جو مسئلو ھجي، ڪي وري ريتن رسمن جي ور چڙهي وينديون آهن، ممتاز علي سميجو لکيو ته معاشرو اڄ به عورت کي اهي حق ناهي ڏياري سگهيو جيڪي کيس ملڻ کپي، سنڌ پاڪستان جي عورت اڄ به وڏي پيڙاهه ۾ آهي تعليمي اڻهوند، ڪارو ڪاري، جنسي هراسمينٽ، جبري پورهيو، ننڍي عمر ۾ زبردستي شادي کان ويندي ڪئي ڪلور ڪيا ٿا وڃن، عورت کي حق صرف هڪ ڏينهن عالمي ڏيهاڙو ملهائڻ سان نه ملندا بلڪه عملي طور حُڪومت ۽ عورتن جي حقن لا ءِڪم ڪندڙ سياسي سماجي تنظيمون ڦوٽو سيشن بدران نيڪ نيتي سان عملي طور ميدان ۾ رهي ڪم ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ عورت کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو، ذوالفقار علي طيباڻي لکيو ته عورتن جي عالمي ڏينهن تي انھن عورتن جي عظمت کي سلام جيڪي اڄ هيڏين گرمين ۾ تيل جيان تپندڙ ڀٽون اورانگهي پاڻي لاءِ جتن ڪن ٿيون، اڄ به ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن جو وزٽ ڪري ڏسو ته عورتون پاڻي جي لپ لاءِ ڪيئن دردبدر ٿي رهيون آهن، پر اقتدار ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن کي پرواهه ئي ناهي، عبدالغني کوسو لکيو ته جيڪب آباد ۾ عورت جي عالمي ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ ٺل ۾ اسڪول ويندڙ ماسترياڻين کي يرغمال بڻائي اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي ان واقعي کان پوءِ عورتون گهر کان نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، لال محمد جلباڻي لکيو ته جيڪو مقام ۽ عزت ھجڻ گھرجي اھا سنڌ جي عورت کي حاصل ڪونه آھي. سينگار علي لکيو ته اسان جي معاشري ۾ هر هنڌ عورت کي بيگناهه ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ معصوم نياڻي ظلمن جو شڪار آهي. ارشاد علي سومرو لکيو ته اسان جي ملڪ ۾ عورتن سان وڏي ناانصافي ٿئي ٿي اڄ به عورت کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي، خاموش خليل شر لکيو ته مردن وانگر عورتن کي به حق ملڻ گهرجن، زاهد حسين لکيو ته عورتن کي برابر حق ڏنا وڃن، جيا بتول، مير وسيم عباس، جاويد جان ڪيريو، اي قادر عباسي، طارق مغيري، سڪندر علي مهر، موهن لال، ڊاڪٽر ڪنول راماڻي، سمير احمد، مدثر کهاوڙ، باقر علي، زاهد راڄپر، مير عرفان بلوچ، فقير ڪامران علي، امين فهيم زئور، گل حسن شر، نماڻو نوناري، اشفاق چانڊيو، سنتوش ڪمار، نقاش پيرزادو، عبدالستار لنڊ، مظفر شبير بوزدار، غلام حسين ڀنڀرو، ايم موسيٰ لنڊ، شيوارام سکاڻي، اياز کهاوڙ، وحيد مستوئي، راشد علي، اصغر حسين، سڪندر علي گرگيج، شاهد بلوچ، وقار حيدر، بيوس اربيلو ڏاهاڻي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.