ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ادارن ۾ عورتون غير محفوظ، ذميوار ڪير ؟ قمبر: وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج مبينا هراسگي جو شڪار: ادارن ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو ڪيئن بند ٿيندو ؟ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عورتن کي هراسان ڪندڙن کي سزائون نٿيون ملن ان ڪري اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن، هتي وري ابتو عورت مٿان الزام هنيا ويندا آهن، اهڙن مسئلن کي دٻائڻ بدران متاثر عورت جو ساٿ ڏئي جوابدارن کي سزائون ڏيڻ گهرجن جنهن کانپوءِ ئي واقعا گهٽجي سگهن ٿا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالرحيم منگي لکيو ته عورتن کي هراسان ڪندڙن کي سزائون ملنديون ته اهڙا واقعا گهٽجي سگهن ٿا عورتن سان گڏ ڪم ڪندڙ مردن جو سمورو رڪارڊ چال چلت ۽ سندس ڪردار کي جاچي پوء مقرر ڪرڻ گهرجي، اهڙن واقعن جا تمام گھڙا اثر پوڻ ٿا، سنجيدگي سان ان طرف نه سوچيو ويو ته عورتن جي تعليم جو ريشو گهٽجي ويندو، طيب انقلابي لکيو ته عورتن کي هراسان ڪندڙن کي ڪڏھن به سزا نه ملي آھي، ڪافي حد تائين مسئلي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، اگر مسئلو ھاءِ لائٽ به ٿي ويندو آھي ته وري جوابدار ميڙمنٿ قافلو ڪري اصل معافي وٺڻ جي لائق ٿي ويندا آھن، يا وري جوابدار ڪنھن ھڪ سوشل ميڊيا جي بليڪ ميلر کي پئسا ڏئي هراسان بڻيل عورت تي الٽو غلط لکندا آھن، جنھن سبب ئي الٽو عورت بليڪ ميل ٿي ويندي آھي، ان ڪري هراسان واري مسئلي کي روڪڻ لاءِ عورتن کي هراسان ڪندڙ توڙي سندن سھولتڪارن تمام کي ڪڙي سزا ڏني وڃي ته اھڙو واقعو پيش نه اچي سگھندو، باقي نه ته قمبر وارو پھريون واقعو ناھي جھول ۾ به معاملو ٿيو ھو ته سڀئي متاثر عورتن بدران ايس ايچ او جي ڌر بڻيل رھيا ھئا.. تنھنڪري ئي هراسان ڪندڙن کي ڇوٽ ملي ٿي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته عورتن کي حراسا ڪندڙ هر اداري ۾ ويٺل وڏن آفيسرن کي ۽ انهن جي سهولتڪارن کي جيستائين عبرت ناڪ سزا نه ملندي تيستائين اهڙا واقعا گهٽ نه ٿيندا، پرنسپال توڙي ڊائريڪٽر سدائين ڪنهن نه ڪنهن نياڻي جي عزت سان کيڏڻ لاءِ انهن کي حراسا ڪري ان کي ڪوڙا دلاسا ڏئي انهن کي پنهنجي چال ۾ ڦاسائي ان جي عزت سان راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اگر شاگردياڻي پنهنجي عزت بچائيندي آهي ته ان مٿان ڪوڙا الزام هڻندا آهن، عورتون هجي به هجن، ڪهڙو به ادارو هجي اتي سربراهي عورت حوالي هجي، تڏهن اهڙا واقعا رڪجندا. جابر مهيسر لکيو ته اداران ۾ ويٺل ملازم نه پر بگھڙ آهن جيڪي معصوم نياڻين کي هروڀرو تنگ ڪري انھن جي عزت تي وار ڪن ٿا اهڙا بگهڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.