ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران پاران 14 ڊسمبر کان سول نافرماني تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي: ڇا عمران جي اها تحريڪ ڪامياب ويندي؟ حڪومت تي ڪو فرق پوندو ؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران جي سول نافرماني ڪامياب ٿيندي حڪومت تي دٻاءُ پوندو، ڪجهه ماڻهن وري اهو به چيو ته عمران جي سول نافرماني ڪامياب نه ٿيندي، پي ٽي آءِ اندر ئي اختلاف آهن، پهريان پاڻ ۾ ته ٺهن، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته هاڻي آخري حل ڊيل ئي نظر اچي ٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته ھاڻي اھو دور ناھي رھيو جو عمران خان تحريڪ ذريعي اڳتي وڌي، ملڪ جي مشينري ئي سندس خلاف آھي، عمران خان ۽ سندس ٻين ساٿين جا نظريا به تبديل ٿي چڪا آھن، باقي رھي ڳالھه ته ھن جي اعلان ۾ وزن وڏو آھي، سندس اعلان بعد نيٽورڪ اڄ کان ئي بند ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آھي، جنھن مان صاف نظر اچي ٿو ته عمران خان جي اعلان ۾ وڏو وزن آھي پر عملي طريقي سان ڪامياب مشڪل ٿئي ھاڻي آخري حل ڊيل ئي نظر اچي پئي، منصور سومرو لکيو ته حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو عمران ڪيتريون به تحريڪون هلائي ڪجهه به حاصل نه ٿيندس هن جي تحريڪ مان وري به نقصان عوام کي ٿو ٿئي. پي ٽي آءِ جي اندر پنهنجو پاڻ ۾ ئي وڏا اختلاف آهن ته تحريڪ ڪيئن ڪامياب ٿيندي؟ اعجاز پرديسي لکيو ته حڪومت ۽ ادارن ۾ ھاڻي صرف ظلم ڪرڻ جي اميد ئي رکي سگھجي ٿي 24 نومبر وارو ڌرڻو به ته ڪامياب ڌرڻو ثابت ٿيو مگر حڪومت ۽ ادارن ڇا ڪيو اھو سڀ ڪجهه دنيا ڏٺو آهي پرامن مظاهرين تي سڌيون گوليون هلائي انھن کي شھيد ڪيو ويو، حڪومت ھر ڪم ڏنڊي جي زور تي پئي ڪري ۽ دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ پرامن مظاهرين جي ڌرڻي ۾ گوليون ناھن ھلائيون ويون، لال محمد رند لکيو ته اها تحريڪ تڏهن ڪامياب ٿئي جڏهن پي ٽي آءِ قيادت هڪ پيج تي هجي، قيادت جا پنهجا ئي پاڻ ۾ اختلاف آهن هر ڪنهن جي پنهجي راءِ هجي ٿي هر ڪو ڌار ڌار عمران خان سان پيو ملاقات ڪري هر ڪو پنهجي پنهجي ڳالهه پيو ڪري سڀ کان پهرين هنن کي پي ٽي آءِ جي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ اها تحريڪ 24 نومبر فائنل ڪال وانگر ناڪام ٿيندي، زوار غلام اڪبر لکيو ته عمران خان ھر طرح سان قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪوششو پيو ڪري ۽ قوم به سجاڳ ٿي عمران خان جو ھر محاذ ساٿ ڏنو، حڪومت ھر دور ۾ شعور کي طاقت جي زور سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي بهرحال توھان جو سوال آهي سول نافرماني ڪامياب ٿيندي يا نه منهنجي نظر ۾ ايترو جلدي ڪامياب ڪونه ٿيندي پر عمران ۽ عوام حڪومت کي عوام جي نظرن ۾ ھر طريقي سان سوڙھو ڪندا، ڪاشف علي لکيو ته سول نافرماني جي تحريڪ نظريات جي بنياد تي ڪامياب ٿيندي آھي عمران خان ۽ ان جي پارٽي نظريي لاءِ نه پئي کڻي اھو قدم عمران صرف ان لاءِ ڪوششون ڪري پيو جيئن اسٽيبلشمينٽ مونسان ڳالھيون ڪري، شھباز کي ھٽائي مونکي وزيراعظم بڻائي ، عمران جي اھا ڪال ٻين وانگر ناڪام ويندي، ڇاڪاڻ پارٽي ۾ ھڪٻئي جا اختلاف آھن پارٽي ميمبر پاڻ ۾ ئي وڙھن پيا ، سول نافرماني تحريڪ هلائڻ لاءِ ڪي پي اسيمبلي تحليل ڪرڻي پوندي تڏھن ئي ڪامياب ٿيندي ڇاڪاڻ اھو ته ممڪن ناھي جو ڪي پي جا ماڻھو پنھنجي حڪومت کي ئي ٽيڪس نه ڏين بجلي گئس جا بل نه ڏين، اھو ڪرڻ ناممڪن آھي اھو بجلي گئس جا بل نه ڏيندا ته انھن جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويندا ڏٺو وڃي ته اھا تحريڪ پڻ ناڪام ويندي ۽ ان جو حڪومت تي ڪو اثر نه پوندو.اڪرم علي گجو لکيو ته نافرماني کان سواءِ عوام وٽ ٻيو رستو ناهي بچيو هر طرح سان عوام جي حق کي لتاڙيو ويو آهي سسٽم جي دشمني عوام سان آهي عمران خان صرف عوام جو ساٿ نٿو ڇڏي هن ڀيري عوام ۾ ڪاوڙ گهڻي آهي سول نافرماني ڪامياب ويندي، گل حسن شر لکيو ته سول نافرماني تحريڪ ڪامياب نه ٿيندي پر رھندو عمران خان جيل ۾ قابو ٿيندو، نقصان وري به عوام جو ٿيندو، قاضي محمد عمران لکيو هت بلڪل فرق پيو به آھي اڃا وڌيڪ پوندو حڪومت سان گڏ ويٺل سڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا، سينگار علي لکيو ته بلڪل حڪومت تي دٻاءُ ۽ فرق ضرور پوندو، لال محمد جلباڻي لکيو ته سول نافرماني تحريڪ ناڪام ويندي. ڪجهه به نه ٿيندو. عوام پي ٽي آءِ جي جعلي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيي کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. سمير احمد لکيو ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي عمران خان هڪ پاڪستاني شهري آهي هي ڪهڙي جمهوريت آهي پاڪستان ۾ هڪ سياسي ليڊر کي سزا ڏني پئي وڃي.صدام خان بلڪل اثر پوندو اھا ھڪ پوليٽيڪل پارٽي آهي، صدام کوسو لکيو ته الله ڄاڻي ٿو باقي جهڙو عوام آهي تهڙي حڪومت آهي، ،محبت علي شر لکيو ته مشڪل آهي في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي، گلشير سومرو لکيو ته عمران خان ڪوشش ڪري حڪومت تي ڪوفرق نه پوندو، ڪاشف علي گبول لکيو ته انشاءَالله اھا تحريڪ ڪامياب ويندي اميد آھي، خادم حسين شر به سروي ۾ حصو ورتو، الطاف علي لاشاري لکيو ته اسان عمران سان گڏ آهيون، دين محمد سمون لکيو ته ڪامياب ٿيندي، ولي محمد لکيو ته تحريڪ ڪامياب ٿيندي، خادم حسين لکيو ته پي ٽي آءِ چاهي جيتريون به تحريڪون هلائي هنن جو پلان ڪامياب نه ٿيندو، ڀنڀو خان چانڊيو لکيو ته سول نافرماني مطلب عوام تي ٻيهر ظلم ڪرڻ، ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، بک بيروزگاري وڌي پئي، عوام ڪهڙين حالتن مان گذري پئي اهو ڏسڻ بدران حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي کي ڇڪيون بيٺون آهن جيڪڏهن ملڪ کي ڏکين حالتن مان ڪڍڻو آهي ته سڀني کي هڪ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، ارشاد علي ميراڻي لکيو ته پي ٽي آءِ پاران 14 ڊسمبر کان سول نافرماني تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان هڪ وڏي سياسي حڪمت عملي آهي، پر ان جي ڪاميابي ڪيترن ئي عنصرن تي دارومدار رکندي. سول نافرماني تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ عوام جي وسيع حمايت لازمي آهي. جيڪڏهن ماڻهن وڏي پيماني تي تحريڪ ۾ شامل ٿين ٿا ۽ حڪومتي حڪمن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا، ته ان جا اثر واضح ٿي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن حمايت محدود رهي، ته تحريڪ ڪمزور ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن حڪومت عوامي دٻاءُ محسوس ڪري ٿي ۽ تحريڪ کي سنجيده وٺي ٿي، ته ان جا ڪجهه سياسي نتيجا نڪري سگهن ٿا. پر جيڪڏهن حڪومت سختيءَ سان تحريڪ کي چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪري ٿي، ته اهو مسئلو وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ ٻيا سياسي ڌڙا يا تنظيمون پنهنجي ساٿ ۾ شامل ڪري سگهي ٿي، ته تحريڪ جا اثر وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن سياسي ميدان ۾ اڪيلائي رهي ٿي، ته حڪومت تي ڪو خاص اثر نه پوندو. سول نافرماني تحريڪ مان عام شهري توڙي معيشت متاثر ٿيندي آهي. جيڪڏهن ان جو اثر عوام جي روزاني زندگيءَ تي تمام گهڻو پوي ٿو، ته عوام پاڻ ئي پوئتي هٽي سگهي ٿو. اهڙي تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ مضبوط حڪمت عملي، عوامي حمايت ۽ سياسي گڏجاڻيون ضروري آهن. جيڪڏهن عمران خان پنهنجو پيغام موثر طريقي سان عوام تائين پهچائي ٿو ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌائي ٿو، ته ان جا نتيجا اچي سگهن ٿا. ٻي صورت ۾، اهو صرف هڪ علامتي احتجاج بڻجي سگهي ٿو، جنهن جو حڪومت تي ڪو وڏو اثر نه پوندو. شوڪت جمالي لکيو ته هي ڪجهه به ڪن هنن جي سول نافرماني ناڪام ٿي ويندي جيئن متحده باني جي سول نافرماني ناڪام وئي هئي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته وري به مار کائيندا، مراد علي لکيو ته عمران پاران سول نافرماني تحريڪ جي اعلان جوحڪومت تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو عمران ھن کان اڳ به ڪيتريون تحريڪون ھلائي چڪو آھي جيڪو ڪري پيو پنھنجي گرفت ڪمزور پيو ڪري، شير جي ايم راز لکيو ته اثر ضرور پوندو، غلام ڪبريا لکيو ته ڪجهه ڪو نه ٿيندو، عبدالرحمان سولنگي لکيو ته انتشاري ظالم، اي ڊي سومرو لکيو ته سول نافرماني جي تحريڪ سياسي جهدوجد آھي ايگريڪلچر يا وري روزانه استعمال ۾ ايندڙ شين جو ڪير ڪيترو بائيڪاٽ ڪندو؟ عمران خان يقينن پاپولر ليڊر آھي پر ڪجھه حد تائين ڪال ڪامياب ٿي سگهي ٿي سنڌ ۾ ته مشڪل آھي، پير بخش ٻٻر، باقر علي، واجد لغاري به سروي ۾ حصو ورتو، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سول نافرماني ڪرڻ سان ڪجھه نه ٿيندو ويتر تحريڪ انصاف لاءِ پريشاني وارا ڏھاڙا شروع ٿيندا، علي محمد مري لکيو ته ڪجهه به اثر ڪو نه پوندو ڇو ته جيڪو به سول نافرماني ڪندو پنهنجو نقصان ڪندو، فرض ڪريو بجلي جو بل ادا نه ڪندو ته سندس بجلي ڪاٽي ويندي، نقاش پيرزادو لکيو ته تحريڪ ڪير ھلائيندو، بي بي بشريٰ يا علي امين گنڊاپور يا گوھر علي يا عليمه خان يا مروت پھريون پاڻ ۾ ته ھڪ ٿين.